Commit 83dc0030 authored by palash's avatar palash

Added Sindhi data

parent 9c81d8f0

Too many changes to show.

To preserve performance only 1000 of 1000+ files are displayed.

قاضي احمد تعلقو
قاضي احمد تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام قاضي احمد شھر آھي.
قاضي احمد قومي شاهراهه جي وچ تي اڏيل شهر اڳ ۾ ڪنهن ٻئي نالي سان سڏبو هو ڪلھوڙن جي يا ميرن جي دور ۾ قاضي احمد ڪوريجو ھتي مقرر ٿيو جنھن کان پوءِ اھو شھر سندس نالي تي قاضي احمد نالي سان مشهور ٿيو.
پھرين اھو شھر دولتپور تعلقي جو حصو ھيو بعد ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قاضي احمد کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو.
اھم شخصيتون.
سياسي حوالي سان ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي جان محمد ڏاهري خاندان جو اڄ تائين تمام گهڻو اثر رسوخ آهي.
هن خاندان مان سردار گلڻ ڄام، سردار رضا محمد ڏاهري، سردار رضا محمد ڏاهري، رئيس مٺل خان ڏاهري، ڊاڪٽر بھادر ڏاهري، سردار خان محمد ڏاهري، ڊاڪٽر عاشق ڏاهري، سردار فقير رسول بخش، سردار ڄام تماچي، سردار ڄام تماچي، رئيس علي نواز انڙ، شير محمد انڙ، افتخار انڙ، اسماعيل ڏاهري، ڄام سيف الله خان انڙ، سيد مقبول شاھ، محمد حنيف چانڊيو ، غلام رباني ڏاهري، غلام مصطفي سومرو،، ڄام فيروز انڙ، بهار مري، رئيس علي نواز انڙ، علي محمد راهو، اي ڊي راهو، جاويد سومرو، زاهد آرائين، عظيم انڙ ، علي دوست ملکاڻي، حاجي خان لاکو، ادبي حوالي سان پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، معشوق ڌاريجو، مرتضي شاهه، ڊاڪٽر خليل لاکو، ڊاڪٽر سرور خاصخيلي، شبير سيال،سردار علي گبول علي محمد راهو، شرجيل عبدالفتاح، شيطان فقير، عاجز ٻگهيو، ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري، مولانا ادريس ڏاهري، حڪيم غلام رسول لاکو، غلام عباس قادري، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، فيض جوکيو، مسڪين حاجي خان ملاح، ميان نور محمد ڪلهوڙو، غلام مصطفي ڏاهري، غلام محمد بگائي، اسلم لغاري، ايم ايس ڪورائي، مولائي ملاح ،شبن کوکر، مشهور راڳي عثمان فقير، امام بخش زرداري، غلام حسين زرداري، انور زرداري، لطيف چانڊيو، مولا بخش مري، اعجاز ماڇي، علي اڪبر ماڇي، شاهنواز خاصخيلي، پيرل شاهه، ڪامران چانڊيو، مشهور صحافي نبن شاھ، محبوب جوکيو، بھاول لاکو، عظيم انڙ، رجب جتوئي.
يوسف رند، روشن سومرو، قادر بخش راهو ۽ ٻيا آهن.
تاريخي ماڳ.
آثار قديمه مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙو، ٺل مير رڪن، جتوئي جو مقبرو، قاضي احمد ڪوريجو، دمائي ناز باغ موجود آهن.
تعلقي اندر مشهور درگاهن ۾ جمن شاھ جهانيان، درگاھ پير شھمير، درگاھ فيض هاشمي، درگاھ حق مدينه، درگاھ پير نالي وڏو، درگاھ پير صادق، درگاھ صالح فقير لڳ کڙ، موجود آهن
ٻيلا.
تعلقي قاضي احمد جي اولهه طرف ڪيٽي جمن شاھ، ثن جاڳر، ثن ريتي، سک پور ۾ تمام وڏا ٻيلا موجود هئا، جتي شڪار سير تفريح ٿيندي هئي، پر بد قسمتي سان انهن بيلن کي ڪٽي جهنگلي جيوت ، قدرتي سونهن کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي انهن بيلن واري زمين تي قبضا ڪري زمينون آباد ڪيون ويون آهن.
ثقافت.
ثقافتي ۽ تفريحي حوالي سان تعلقي اندر جهانيان جو ميلو، نانگي شاهه جو ميلو، پير شهمير جو ميلو، مير متارو ميلو، قاضي احمد جو باغ ڏسڻ وٽان آهن.
نواب ولي محمد ويجهو خاص ڪري عورتن لاءِ ڳوٺ تاجر ٻگهيو وٽ ميان محمد سائين تي هر سال هڪ ڏينهن لاءِ ميلو لڳندو آهي، جمال شاهه جو ميلو، کوڙ سارن ڳوٺن ۾ بزرگن جا ڏهاڙا فقير علي جهانيان جو ڏهاڙو ڳوٺ باغ ماڻڪ ۾ ملهايو ويندو آهي.
ميلن ۾ چوڏول سرڪس ملاکڙا، اهم هوندا آهن.
تعلقي اندر ملهه پهلوانن ۾ نواب هوٿيپوٽو، عارف راهو، الهداد راهو، صالح هوٿيپوٽو، بوسڪي علي گل، حمزو رند مشهور رهيا آهن.
مشهور اداڪار صديق پرهيار رهيو اهي.
تعلقي دولت پور جا سگهڙ شيطان فقير، سومر خان چانڊيو، ميانداد چانڊيو، جعفر لاکو، ياسين جوکيو ۽ ٻيا آهن.
مزاح جي حوالي سان آچر پاڪستاني تعلقي قاضي احمد جو مشهور ڪردار رهيو آهي.
ڳوٺ.
تعلقي جي اوڀر زرخيز زمينون ۽ ڳوٺ آباد آهن.
اتر ۾ نواب ولي محمد، دولت پور، شاهپور جهانيان، آهن ڏکڻ ۾ سڪرنڊ شگر مل، مشائخ، سڪرنڊ آباد آهن.
تعلقي جي مشهور ڳوٺن ۾ ڪوٽ ڄام ڪريم علي انڙ، بچل پور، اسماعيل ڀنڊ، جهونجهاڻ، ڳوٺ سردار علي گبول سعيد ڪنڊو، علي آباد، ڪريم آباد، سک پور، پٻجو، پير شهمير، دوڙ شاهه، کڙ، گلڻ ڄام ڏاهري، ماروجه، مٺا خان جوکيو، منهڙو مقيم ڏاهري، سرڪاري کوهه، سن ساوڙي، هبيري، صوڀو ڏاهري، چوٽيهه هزار موري، لونگ سومرو، احسان راهو، سوڍو خاصخيلي، عاقلاڻي راهو، ڪوٽ مقبول شاهه، بهادر چانڊيو، سونو چانڊيو، محمد چانڊيو، طوطي، ڪشور پور، عبدالرزاق سيٺر، مٺو ڏيٿو، باغ ماڻڪ ، قبول راهو، علي خان فج، سلطان راهو، نواب بهاول، حمل ڪلوئي، ماڪوڙو، پڊ، خارجاڻي ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ مشهور آهن.
معيشت.
صنعتي حوالي سان النور شگر مل شاهپور جهانيان، قاضي احمد ،دولت پور ويجهو، فٽين ٽاڻڻ جا ڪارخانا، نواب ولي محمد ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي بهه جي منڊي موجود آهي، زرعي جنسن جي واپار کانسواءِ قاضي احمد ۾ مال جي تمام وڏي پڙي هر خميس تي لڳندي آهي.
قاضي احمد جي ملاحن جون رليون، لونگ سومرو جو ڀرت ، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ عورتون پيش جو واڻ پڻ وٽين ٿيون.
صحت.
تعلقي اندر هڪ اسپتال، 2 آر-ايڇ-سي، 10 بنيادي مرڪز، لاتعداد گورنمينٽ ڊسپينسريون، ايم-سي-ايڇ سينٽر صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن.
قاضي احمد ۽ دولت پور ۾ ٽاما سينٽر، زير تعمير آهي.
ان کانسواءِ ڪيتريون ئي ڊسپينسريون زيرِ تعمير آهن.
تعليم.
تعليم جي لحاظ کان قاضي احمد دولت پور ۾ ٻه ڊگري ڪاليج ڪيترائي هاءِ ، مڊل بوئز ۽ گرلس اسڪول، پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول ۽ ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول تعليم ڏئي رهيا آهن.
يونين ڪائونسلون.
تعلقي جي ڪل آبادي، 297047 آهي، 12 يونين ڪائونسل ، قاضي احمد1، قاضي احمد2، احمد ٻگهيو، ٺٽ، سعيد ڪنڊو، هبيري، ساوڙي، منهڙو کڙ، شاهپور جهانيان، دولت پور ۽ مرزا باغ تي مشتمل آهي.
هن تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.
ديھون.
قاضي احمد تعلقي ۾ ڪل 65 ديھون واقع آهن.
رمضان
رمضان هجري ڪئلينڊر جو نائون مهينو آهي۔ هن کي رمضان المبارڪ به چيو ويندو آهي ۔مسلمانن جي لاء هن پوري مهيني ۾ روزا رکڻ فرض آهن۔ انهي ۾ هڪ رات اهڙي آهي جنهن کي شب قدر چيو ويندو آهي۔ قرآن جي مطابق جنهن جي عبادت هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي۔ لفظ رمضان عربي جو لفظ آهي جيڪو رمضه مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي سخت گرمي
ھي مھينو اسلام کان آمد کان اڳ جو مھينو آھي ۽ ان مھيني ۾ سخت گرمي جي موسم ۾ سج جي سخت تپش ٿيندي ھئي ان نسبت سان ان جو نالو رمضان پئجي ويو شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو.
تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري رمضان ھاڻي مستقل ان ساڳي سخت گرمي واري مند ۾ نہ ايندو آهي.
رمضان المبارڪ قرآن جي بهار جو مهينو.
پاڻ سڳورنﷺ جي مشهور حديث آهي ته:
"لکلّ شيءِ ربيع و ربيع القرآن شهر رمضان
حوالو ثواب الاعمال، ص103 ، منشورات شريف الرضي قم، 1368 ، طبع دوم
هر شي جي لاءِ بهار هوندو آهي ۽ قرآن جي لاءِ بهار رمضان جو مهينو آهي.
رمضان جي مهيني ۾ انسان جنهن طرف به وڃي، قرآن جي تلاوت جو مٺڙو آواز انسان جي ڪنن تائين پهچندو آهي، ڪٿي قرآن مجيد جي تلاوت جي محفل ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ته ڪٿي وري حفظ قرآن جا مقابلا ۽ ڪٿي قرات قرآن جون محفلون سجيل هونديون آهن، ۽ ڪٿي ته تجويد ۽قواعد جون ڪلاسون ٿينديون آهن.
پر جيڪڏهن سني ڀائرن جي پاڙن ۾ هليو وڃجي ته جلدي جلدي قرآن پاڪ جو ختم ڪڍڻ جي گوءِ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ماڻهون رمضان شريف ۾ مختلف طريقن سان پنهنجو قرآن سان لاڳاپو ظاهر ڪندا آهن، ۽ حق به اهو ئي آهي ڇاڪاڻ ته رمضان قرآن جي نازل ٿيڻ جو مهينو آهي
رمضان الله جو مهينو.
- قال رسول الله صلى الله عليه وآله: شَعبانُ شَهري، و شَهرُ رَمَضانَ شَهرُ اللهِ
شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان الله جو مهينو آهي
جوڳي (ذات)
جوڳي () جوڳي لفظ يوڳا مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ملائڻ يا جوڙڻ.
يوڳي يا جوڳي اھو ماڻھو جيڪو يوڳا ڪندو ھجي، يوڳ يوڳي جو مطلب پاڻ کي ملائڻ (روحاني طور پنھنجي پاڻ کي خالق سان ملائڻ، ھڪ ڪلام ٿيڻ) قديم دور ۾ جوڳين کي مذهبي حيثيت حاصل رهي آهي، جيئن اسلام ۾ مفتين کي موجودهه دور ۾ حاصل آهي.جوڳي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا،يوڳ ھڪ ھندو مذھبي طريقو آھي، جيڪو صدين کان آھي دنيا جو پھريون يوڳي (جوڳي) حضرت آدم عليہ سلام ھو، جنھن يوڳا ڪري رب کي پاڏايو کيس پنھنجي غلطيءَ جي معافي ورتي يوڳا ڪري، جوڳي اتر ڀارت ۾ ڪثرت سان موجود آھن، جن جو مذھب ھندوازم آھي.
ڀارت جو مشھور وياپاري (واپاري) اميت جوڳي جيڪو ڀارت جي ھڪ رياست جي اڳوڻي مکيا منتري (CM) اجيت جوڳي جو ڀاءُ آھي، انڊيا جا جوڳي گڏيل امريڪي رياستن US سميت يورپ وغيرھ ۾ پڻ رھن ٿا، ھڪ جوڳي عورت جيڪا آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آھي انجو ميڊيڪل جو ڪتاب يونيورسٽين ۾ پڻ پڙھايو وڃي ٿو.
ڀارت کان سواءِ سنڌ ۾ پڻ جوڳي آھن ۽ اھي يوڳي يا جوڳي موھن جي دڙي جا اصلوڪا رھائشي ۽ اتان جو قبيلو آھن.
ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي، جي فقير جوڳ پچائيندا آھن، يعني رياضتون ڪڍندا آھن.
اصل سنسڪرت لفظ يوگي آھي.
اھي پنندا آھن.
اڪثر ھوشادي نه ڪندا آھن؛ جي ڪندا آھن ته پنھنجا پاڻ ۾.
ھنن مان ڪي ڪنن جي پاپڙين ۾ ٽنگ ڪري شيشي يا ڪنھن ڪاٺي يا ڪنھن ڌاتوءَ جا ٿلھا ڇلا ڍڪيندا آھن ۽ گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا آھن.
ھو شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ سندن مرشد گورکناٿ آھي، جو پندرھين عيسوي صديءَ ۾ ٿي گذريو.
جيڪي مرندا آھن، تن کي وھاري مٿان يا ھيٺيان کنڊ رکي دفن ڪندا آھن.
مسلمان جوڳي به آھن، جي اڪثر مُرليون وڄائيندا آھن ۽ نانگ وٺندا ۽ گھمائيندا آھن ۽ منڊ ھڻندا آھن، اهي گوگهي چوهاڻ جا مريد سڏائيندا آهن.
.جوڳي عام طور نانگن پالڻ واري کي چيو ويندو آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ ’جوڳي‘، ”جوڳ“ (يا يوڳ)، رياضت يا تپسيا ڪندڙ، تن کي تسيا ڏيندڙ هڪ اعليٰ انسان کي چيو ويندو آهي.
قاضي قادن (1463-1551ع) پهريون دفعو شاعريءَ ۾ ’جوڳي‘ لفظ جو ان معنيٰ ۾ اصطلاح ڪم آندو آهي.
جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري!
قاضي قادن ’جوڳيءَ‘ کي نئين معنيٰ ڏني آهي.
شاهه لطيف پڻ جوڳي لفظ عام جام ڪتب آندو آهي سر رامڪليءَ ۾ ’جوڳي‘، مرشد، ڪامل انسان، رهبر، حق جي رستي تي هلندڙن کي چيو ويو آهي
درجابندي (قسم).
جوڳي کي درجابنديءَ طور ٽي قسم ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
شاھ جو رسالو ۾ ھڪ مڪمل سُر جوڳين بابت آھي سُر رامڪلي جي نالي سان.
واٽس ايپ
سماجي رابطن جي مقبول ترين ويب سائيٽ فيس بڪ موبائل تي پيغام موڪلڻ جي مقبول ايپليڪيشن واٽس ايپ (WhatsApp) کي 19 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪري ڇڏيو آهي.
واٽس ايپ هلندڙ دور جي نوجوانن ۾ مقبول ايپليڪيشن آهي ۽ هن جا 45 ڪروڙ استعمال ڪندڙ آهن.
فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ پنهنجي هڪ بيان ۾ واٽس ايپ جي خدمتن کي سراهيندي انکي "ناقابلِ يقين حد تائين قابل قدر" قرار ڏنو آهي.
هي فيس بڪ جي هيل تائين جي سڀ کان وڏي خريداري آهي.
انکان پهرين فيس بڪ جو سڀ کان وڏو سودو 2012ء انسٽا گرام جي خريداري هيو جنهن جي لاء فيس بڪ هڪ ارب ڊالر ادا ڪيا هئا.
واٽس ايپ موبائل تي مختصر پیغام خرچ بچائيندي استعمال ڪندڙ کي انٽرنيٽ جي مدد سان پيغام موڪلڻ جي سهولت پهچائيندي آهي ۔ هن ڪمپني جو چوڻ آهي تہ ان وٽ روزانو ڏه لک نوان استعمال ڪندڙ رجسٽر ٿي رهيا آهن.
هن ايپليڪيشن جو هڪ مفت ورزن عام استعمال جي لاء دستياب آهي جڏهن تہ ڪاروباري ورزن ۾ استعمال ڪندڙن کان هڪ ڊالر سالانہ وصول ڪيو ويندو آهي.
فيس بڪ ۽ واٽس ايپ جي وچ ۾ ٿيڻ واري معاهدي جي تحت فيس بڪ چار ارب ڊالر نقد ۽ ٻارنهن ارب ڊالر پنهنجي شيئر جي صورت م ادا ڪندو جڏهن تہ بعد ۾ ٽي ارب ڊالر شيئر جي صورت ۾ واٽس ايپ جي بانين ۽ ملازمن کي ڏنا ويندا.
واٽس ايپ جي باني جين ڪوم فيس بڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو رڪن پڻ ٿي ويندو۔ هن معاهدي تي ڳالهائيندي هن چيو آهي تہ هو هن ڪمپني کي خودمختيار تريقي سان هلائڻ جو ارادو رکي ٿو.
هڪ بيان ۾ هن جو چوڻ هيو تہ "اسان مارڪ زڪربرگ ۽ فيس بڪ سان ڀائيواري جي خيال تي تمام پرجوش آهيون ۽ هن کي هڪ اعزاز تصور ڪريون ٿا
واٽس ایپ جي ڪل ملازمن جي تعداد 50 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ مارڪ زڪربرگ جو چوڻ آهي تہ هن جي خيال ۾ واٽس ايپ استعمال ڪندڙن جي تعداد هڪ ارب ٿي سگهي ٿي.
عبدالقدیر خان
ڊاڪٽر عبدالقدير خان(1 اپريل 1936ع — 10 آڪٽوبر 2021ع) پاڪستاني سائسندان پاڪستانی ایٽم بم جو خالق هندستان جي شھر ڀوپال ۾ هڪ اردو ڳالهائڻ واري پشتون گهراڻي ۾ پیدا ٿيو.
عبدالقدیر خان پندرهن سال یورپ ۾ رهڻ جي دوران اولهہ برلن جي ٽیڪنیڪل یونیورسٽي، هالینڊ جي یونیورسٽي آف ڊيلفٽ ۽ بیلجیئم جي یونیورسٽي آف لیوؤن ۾ پڙھڻ کانپوء 1976ع ۾ واپس پاڪستان موٽي آيو.
عبدالقدیر خان هالینڊ مان ماسٽرز آف سائنس جڏهن تہ بیلجیئم ما ڊاڪٽريٽ آف انجینئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوء 31 مئي 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان ملي ڪري "انجینئرنگ ریسرچ لیبارٽریز" ۾ پاڪستاني ایٽمي پروگرام جي واسطي شمولیت اختیار ڪئي، انکانپوء هن اداري جو نالو صدر پاڪستان جنرل محمد ضیاءالحق پهرين مئي 1981ع تي تبدیل ڪري ’ ڊاڪٽر اي ڪیو خان ریسرچ لیبارٽریز‘ رکي ڇڏيو.
هي ادارو پاڪستان ۾ یورینیم جي افزودگي ۾ نمایان درجو رکي ٿو.
ڊاڪٽر عبدالقدیر خان نومبر 2000ع ڪڪسٽ نالي درسگاھ جو بنیاد رکیو.
عبدالقدیر خان تي هالینڊ جي حڪومت غلطي سان اهم معلومات چورائڻ جي الزام ۾ مقدمو درج ڪيو هالينڊ، بیلجیئم، برطانیہ ۽ جرمني جي پروفیسرن جڏهن انھن الزامن جو جائزو ورتو تہ انھن عبدالقدیر خان کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو تہ جنھن معلومات کي چورائڻ جي جواز تي مقدمو داخل ڪيو ويو آهي اها عام ڪتابن ۾ موجود آهي.
جنهن کانپوء هالينڊ جي عدالت عالیہ هن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
عبدالقدیر خان اهو مایہ ناز سائنسندان ھيو جنھن اٺ سالن جي انتھائي ننڍڙي عرصي ۾ اڻٿڪ محنت ۽ شوق سان ایٽمي پلانٽ نصب ڪري دنیا جي نامور نوبل انعام یافتہ سائنسندانن کي حیرت ۾ وجهي ڇڏيو.
مئي 1998ع تي هن ڀارتي ايٽمي تجربن جي مقابلي ۾ وزیراعظم میان محمد نواز شریف کي تجرباتي ایٽمي ڌماڪا ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
آخرڪار وزیراعظم میان محمد نوازشریف چاغي جي هنڌ تي ڇهہ ڪامیاب تجرباتي ایٽمي ڌماڪا ڪيا.
ان موقعي تي عبدالقدیر خان جو پوري عالم کي پیغام هيو تہ اسان پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخیر ڪري ڇڏيو آهي.
اھڙي طرح خان پوري دنیا ۾ مقبول ٿيو.
سعودي مفتي اعظم عبد القدیر خان کي اسلامي دنیا جو هیرو قرار ڏنو ۽ پاڪستان لاء خام تیل مفت فراهم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو.
انکانپوء پاڪستان کي سعودي جي طرفان خام تیل مفت فراهم ڪيو پيو وڃي.
اولهہ جي ملڪن پروپیگنڊا طور تي پاڪستاني ايٽم بم کي اسلامي بم جو نالو ڏنو جنھن کي ڊاڪٽر عبدالقدیر خان خوشيء سان قبول ڪيو.
پرویز مشرف دور ۾ پاڪستان تي لڳندڙ ایٽمي مواد ٻين ملڪن کي فراهم ڪرڻ جي الزام کي ڊاڪٽر عبدالقدیر ملڪ جي خاطر سیني سان لڳايو ۽ نظربند رهيو.
ڊاڪٽر عبدالقدیر خان سیچٽ (sachet) جي نالي سان هڪ فلاحي ادارو ٺاهيو جيڪو تعلیمي ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ مصروف آهي.
ڊاڪٽر عبدالقدیر خان هالينڊ ۾ رهڻ دوران هڪ مقامی ڇوڪري هني خان سان شادي ڪئي جنھن مان هن کي ٻہ نياڻيون ٿيون.
وفات.
سندن جي وفات 10 آڪٽوبر 2021ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.
انٽرنيٽ
ﺍﻧــٽــﺮﻧــﯿــٽ ( ﺍﻧﮕﺮﯾﺰي : Internet ) يا ڳنڍڄار، پاڻ ۾گڏيل ڪمپيوٽرن جي هڪ ﻋﺎلمي ڄار ( ڪمپيوٽر ڄارڪاﺭ ( Computer Network ) آهي جيڪو ﻋﻮﺍمي ﯾﺎ گڏيل ﺳﻄﺢ تي هر ڪنهن جي لاءِ قابل پھچ آهي.
ڪمپيوٽرن جو هي ڄار ﺩﺳﺘﻮﺭ ( internet protocol ) جو ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪندي
Packet Switching جي ذﺭيعي سان ﻣﻮﺍﺩ ( data ) کي ﻣﻨﺘﻘﻞ ڪندو آهي۔ انٽرنيٽ يا ڳنڍڄار ﺍﺻﻞ ۾ پاڻ اڻکٽ ننڍن ڄارڪارن جو مجموعو آهي، جيڪي ﻋﻼﻗﺎئي ﺳﻄﺢ تي هوندا آهن ۽ اهڙي طرح هي ملي ڪري ﻣﺨﺘﻠﻒ ڄاڻ ۽ ﺧﺪمتون ڏيندا آهن، جيئن ايميل (ﺑﺮقي ﺧﻂ) ، ڳالهه ٻولهه ( online chatting ) ، ﻓﺎئلن جي ڏي وٺ وغيره وغيره.
1957ع ۾ آمريڪا ۾ هڪ ادارو Advance Research Project Agency (ARPA) جو بنيا رکيو ويو ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ تمام تيزي سان تجربا ٿيڻ شروع ٿيا، ان سان گڏو گڏ ٻيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون وجود ۾ آيون جن مختلف ٽيڪنالاجيز کي وجود ۾ آندو ۽ 1965ع ۾ Hypertext لفظ سامهون آيو.
1968ع ۾ Intel ڪمپني وجود ۾ آئي جنهن نيٽورڪ بابت رسرچ ڪرڻ جي لاءِ راهون هموار ڪيون.
1969ع ۾ پهريون ڀيرو چار عدد ڪمپيوٽر پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪيا ويا ۽ 1971ع ۾ 23 ڪمپيوٽر ۽ 1974ع ۾ 1024 ڪمپيوٽرس جي ڪنيڪٽ ٿيڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو.
1986ع ۾ NSFNET ڪمپنيءَ جو وجود پيو جنهن نيٽورڪ تي تيز رفتار جي ڪنيڪشن متعارف ڪرائي.
1988ع ۾ 5600 ڪميوٽرس ڪنيڪٽ ڪيا ويا.
1992ع ۾ Tim Berners Lee ويب پيج متعارف ڪرايو ۽ 1995ع ۾ مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو قدم رکندي Internet Explorer متعارف ڪريو جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏين وڏين ڪمپينين منجهه مقابلو ۽ جنگ شروع ٿئي وئي، آپريٽنگ سسٽم محيا ڪندڙ ڪمپنين جهڙوڪ مائڪرو سافٽ، ايپل، لينڪس وارن انٽرنيٽ پروٽوڪول جو سافٽويئر مفت ۾ محيا ڪيو.
انٽرنيٽ پروٽوڪول جو پروگرام 1970ع ۾ Defense Advanced Research Projects Agency (DARPA) ايجاد ڪيو ۽ World Wide Web ان تي ئي بيهڪ رکي ٿي.
انٽرنيٽ پتو IP Addresses جو ئي جهرمٽ آهي جنهن سان ڪمپيوٽر ۽ ٻيا ڊوائيسز هڪ ٻئي کي پوري دنيا منجهه سڃاڻيندا آهن ۽ انهن IP Addresses سان ئي گلوبل نيٽورڪ ٺهيل آهن.
ٻڌائيندو هلان ته جڏهن ٻه مختلف نيٽورڪ پاڻ ۾ ملندا آهن ته ان کي گلوبل نيٽورڪ چئجي ٿو.
توهان گلوبل وليج بابت ٻڌو ته هوندو، اها IP Address ئي آهي جنهن سبب دنيا گوبل وليج ٿي وئي آهي.
1يا ان ريت لکيل انگ توهان اڪثر ڏٺا هوندا، ان کي IP Address چئجي ٿو جيڪا نيٽورڪ جو بنيادي جزو آهي.
IP Address جي حد 0.
0 کان 255.
255 تائين ٿئي ٿي ۽ اهائي نيٽورڪ جي سڃاڻپ آهي.
عالمي سطح تي جڏهن مختلف نيٽورڪس مختلف ISP جي ذريعيGateway وٽ پاڻ ۾ ملن ٿا ته ان کي انٽرنيٽ چئجي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو انٽرنيٽ جو ڪو به مالڪ نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهنجي ملڪيت آهي، ان کي ائين چئجي ته هڪ هائي وي روڊ ٺهيل آهي پوءِ ان تي اسانجو به لنڪ روڊ ٺهيل آهي ۽ اسان به دنيا سان ڳنڍيا پيا آهيون ۽ اهو روڊ هڪ ڄار جيان پوري دنيا ۾ پکيڙيل آهي.
ڪتو
ڪتو ( 🐕) هڪ پالتو جانور آهي.
ڪتي جي مادي کي ڪُتِي چيو ويندو آهي.
هن جانور کي انسان جو وفادار سمجهيو ويندو آهي.
ڪتو سڀ کان اول انسان جو ساٿي بڻيو.
شايد ان زماني کان بہ اڳ جڏھن موجوده ھندوستان سمنڊ مان اڃان نڪتو ئي ڪونہ ھيو يا جڏهن دنيا جو نقشو ھاڻوڪي نقشي کان بلڪل مختلف ھو، تڏھن کان وٺي انسان ڪتي کي پاليندو آيو آهي.انسان ھن کي شڪار لاء ۽ چوپائي مال جي حفاظت لاءِ استعمال ڪيو.
ڪتو ھڪ سڌريل بگھڙ آهي.ڊارون جي خيال موجب مختلف قسمن جا ڪتا بگھڙن جي مختلف ذاتين جو اولاد آهن، جن کي جدا جدا ڀاڱن ۾ ۽ جدا جدا وقتن تي پالي، گھريلو بڻايو ويو.اڄ گھريلو ڪتي جون گھٽ ۾ گھٽ 175 جدا جدا ذاتيون ملي سگھن ٿيون.
جيئن انسان جي جدا جدا ذاتين جي وچ ۾ ذھني ۽ تهذيبي فرق آهي، ساڳئي طرح ڪتي جي جدا جدا ذاتين ۾ بہ ايئن آهي.
ڪولي ڪتا جن کي ريڍار ڪتا پڻ چئبو آهي، ۽ سينٽ برنارڊ ڪتا چيريندڙ ڦاڙيندڙن جانورن جي سڀني ذاتين کان وڌيڪ سڌريل ۽ سمجھو ھوندا آھن.
اسڪيمو ڪتا وري پنھنجي مائٽ بگھڙ کان ٿوروئي مختلف آهن.ھنن جي شڪل شبيھ ۽ جھنگلي طبع بلڪل بگھڙن جھڙي ئي آهي.بگھڙن وانگر سندن ڪن ھميشہ کڙا رھندا آھن ۽ انھن جا آواز عام ڪتن واري ڀونڪ وانگر نہ پر ھوبھو بگھڙن جي اوناڙ وانگر آھن.جھنگل ڪتا عام طور تي اوناڙ ڪندا آهن.پر گھريلو ڪتا ڀونڪندا آهن
اسڪاٽ لينڊ جي ماٿرين ، جتي رڍون عام جام پالجن ٿيون، اتي ڪولي ڪتا نھايت ڪمائتا ثابت ٿيا آهن ھو رڍن جي ھر نموني سنڀال ڪن ٿا.
سينٽ برنارڊ ڪتا وڏا ۽ سھڻ آھن.بلڊاگ به ڪتي جو قسم آھي تنھن جون ڏاٺون تمام ٿلھيون ۽ مضبوط ھونديون آھن.پيري يا ڳولو ڪتا ايترا آڳاٽا ناھن آھي اٽڪل 150 يا 200 سال اڳ وجود ۾ آيل ٿا ڏسجن.
سنڌ ۾ به ڪن وڏيرن، زميندارن۽ پيرن وٽ ڪتن جون لوڌيون ٻڌل ھونديون آھن.
ڪي پيري، ڪي نوسي، ڪي ڳولو، ڪي لوڌي، ڪي ٻھڙا.
ڪتي جو سمورو خاندان گوشت کائيندڙ جانورن جي نسل مان آهي.سندن خاندان ۾ بگھڙ، لومڙ، گدڙ اچي وڃن ٿا.ھو سڀ ٻين جانورن جي گوشت ۽ خون تي پلجن ٿا پر گھريلو ڪتا مانيءَ تي ئي گذران ڪن ٿا.پر انھن کي بہ جيڪڏهن ھڏو ھٿ اچي تہ ان کي پيا لڪائيندا ۽ چٽيندا آھن ۽ ڏاڍي مزي سان ڪرٽيندا۽ کائيندا آهن.
پالتو ٿيڻ کان پوءِ ڪتي جي طبع ۾ تمام گھڻو فرق اچي ويو آهي.سندس خاندان جا ٻيا فرد نھايت خوفناڪ، ڊوھا ۽ شڪي آھن پر گھريلو ڪتو وفادار ۽ پيار ڏانھن مائل جانور ٿي پيو آهي.
ڪتو ڪڏھن بگھڙ جي ذيلي جنس طور سڏيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ھڪ علحده جنس طور سڃاتو وڃي ٿو.
الڳ جنس ۾ بہ ھن جي ارتقا بگھڙ نما ڪينڊس مان سمجھي وڃي ٿي.
موجوده بگھڙ انھن بگھڙن جي ويجھو وارا نہ ھيا جن کي انسان پالتو بڻائي ڪتي جو نالو ڏنو.
1758 ۾ سويڊين جي ماھر نباتات ۽ حيوانات ڪارل لينيوئس سسٽما نيچراء جو ڏھون ڇاپو شايع ڪرايو جنھن ۾ ھن جنسن جا ٻہ لفظي نالا مرتب ڪيا ان م ھن ڪتي جي جنس لاء ڪينس جو لفظ استعمال ڪيو جيڪو لاطيني ٻولي ۾ ڪتي لاء استعمال ٿيندو ھو
ڪتي بابت انساني رويا.
ڪتو بگھڙ جي خاندان مان آھي ۽ پھريون جانور آهي جي گھريلو ٿيو.
آثار قديم وارين شھادتن مطابق اھو سڀ کان اول وچ اوڀر ۾ ڏھ ھزار سال قبل مسيح ۾ گھريلو جانور ٿيو.
ان جي باوجود ان جي لاءِ اتي گڏيل ورتاء ملي ٿو.
وچ اوڀر جي مسلمانن، عيسائين ۽ يھودين جي معاشرن ۾ اڪثر ھنڌن تي ڪتو ھڪ گار سمجھيو وڃي ٿو.
ان باوجود ڪتو ان معاشرن ۾ ھڪ ڪارائتو جانور سمجھيو ويندو آھي جيڪو سندن ملڪيت ۽ مال جو نگھبان ھوندو آھي.
اسلامي معاشري ۾ ڪتي لاء رويا.
قرآن ۾ سورة نمبر 7 آيت نمبر 176 ۾ ڪافرن جي تشبيھ ڪتي سان ڪيل آھي.
حديث ۾ نماز دورن سجدي ۾ پنھنجون ٻانھون زمين تي ڪتي وانگر رکڻ کان منع ڪئي وئي آهي.
کوڙ فقيھن مطابق سوئر وانگر ڪتو بي ھڪ ناپاڪ يا نجس جانور آهي ۽ ان کي ڇھڻ يا ان جي گگ لڳڻ سان نماز نہ ٿيندي آهي.
مسجد ۽ عبادت گاھ م ڪتي جي موجودگي بي حرمتي قرار ڏئي وئي آهي.
ان ناپاڪي کي اتان ھٽائي يا ان ھنڌ کي پاڻي سان ڌوئي ختم ڪري سگھجي ٿي.
ڪتي جي ناپاڪ ھجڻ جا اسلامي شريعت ۾ کوڙ سبب بيان ڪيا ويا آهن.
حديث ۾ آيل آهي ته جنھن گھر ۾ ڪتو ھوندو آھي اتي ملائڪ نہ ايندا آهن.
ان جي باوجود اسلام ۾ ڪتي سان ھمدردي جو ذڪر پڻ آھي.
ھڪ حديث ۾ حضرت محمد ۾ ڪجھ روايتن مطابق ھڪ مرد ۽ ڪن روايتن مطابق ھڪ عورت جو ذڪر ڪندي فرمايو تہ ان ھڪ اڃايل ڪتي کي پاڻي پياريو تہ خدا ان کان راضي ٿي ويو ۽ ان جي لاء جنت ۾ داخلا جي بشارت ٿي.
ھڪ حديث مطابق پاڻ سڳورن ڪارن ڪتن کي مديني ۾ مارڻ جو حڪم ڏنو پر پوء ايئن چئي روڪيو تہ"ڪارو ڪتو بہ خدا جي مخلوق مان ھڪ آھي ۽ ان جي تخليق جو بہ ڪو چڱو مقصد ھوندو تنھن ڪري ان جي ان نسل جو خاتمو فطرت ۾ ڪانہ ڪا ڪمي ڪري ڇڏيندو".
قرآن جي سورة نمبر 5 ۽ آيت نمبر 4 مطابق ڪتي کي شڪار ۾ مدد لاء استعمال ڪري سگھجي ٿو.
ان کي مال جي ڌڻ جي حفاظت لاءِ بہ رکي سگھجي ٿو پر ان کي گھر ۾ بطور پالتو جانور نہ ٿو رکي سگھجي.
وچ اوڀر ۾ ڪتي جي ھڪ جنس سالوڪي پوري عربستان ۾ سيھڙ ۽ ھرڻ جي شڪار جي مھارت رکندڙ آهي.
اسلام ۾ ڪجھ اھڙا بہ فقيھ آھن جن ڪتي کي ناپاڪ جانورن ۾ شامل نہ ڪيو آھي.
مسلمان مفسرن مطابق قرآن 18 سورة جي 9 کان 26 آيتن ۾ قتمير (Qitmir) نالي ھڪ ڪتي جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو اصحاب ڪھف سان غار ۾ گڏ ھيو.
ڪجھ مفسرن جي خيال مطابق قتمير ڪتو انھن جو محافظ ۽ وفادار ھجڻ جي ڪري جنت ۾ داخل ٿيندو.
مشھور شاعر ۽ صوفي بزرگ جلال الدين رومي (وفات:1273) مطابق قتمير۽ ٻيا ڪتا خدا جي پنھنجي مخلوق سان محبت کي پنھنجي اندر م محسوس ڪندا آهن.
ڪتي کي عربي ۾ ڪلب، فارسي ۾ سگ، ھندي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتا، ايت، سلوق ۽ شش پستان چوندا آهن.
ان جي گوشت جي تاثير گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي.
ڪتي جو کير سلهه، جلندر، ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي.
جگر کي تقويت ڏئي ٿو، هن جو جگر پچائي ڇتي ڪتي جي کاڌل کي کارائجي ته ان لاءِ مفيد آهي.
هن جا هڏا ۽ زبان ساڙي خاڪ ڪري ٻورو ڪري بادفرنگ جي ڦٽن ۽ ناسور تي لڳائجي ته فائدو ڪندو
ٻولي
ٻوليء هڪ اهڙو ٻولي سرشتو آهي جيڪو مواصلات جي منجھيل نظام جي ترقي، حصول، بحالي ۽ استعمال، خاص طور تي ايئن ڪرڻ جي انساني قابليت يا صلاحيت تي مشتمل آهي؛ ٻولي اهڙي ريت هڪ سرشتي جو ڪوئي مخصوص مثال آهي.
ٻوليء جي سائنسي اڀياس کي لسانيات(linguistics) سڏيو ويندو آهي.لفظن جو مجموعو ۽ انهن کي ملائڻ جو طريقو (يعني گرامر) جيڪو ڪوئي گروه سمجهي ۽ انکي رابطي طور استعمال ڪري ته انکي ٻولي چيو ويندو آهي.
ٻوليءَ کي هنديءَ ۾ ڀاشا چيو ويندوآهي.
هندستان جا سنڌي اديب اڪثر ٻوليءَ جي جاءِ تي عام طور ”ڀاشا“ جو لفظ ڪتب آڻيندا آهن.
ڇاڪاڻ جو اهو لفظ ’مڪمل زبان‘ وارو مفهوم رکي ٿو.
جڏهن ته ڪن ماهرن جي راءِ ۾ ٻولي صرف ڳالهايل زبان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجي.
ڀاشا معنى ٻولي ۽ اپڀاشا معنى ٻوليءَ جو ننڍو دفعو (Dialect).
البت سنڌيءَ ۾ لفظ ’ٻولي‘ مڪمل زبان واري معنيٰ رکي ٿو.
ٻولي اوچتو پئدا نه ٿي آهي ۽ نه ديوتائن وٽان مليل سوکڙي آهي.
پر اظهار جو هي وسيلو صدين جي ڪوششن کان پوءِ حاصل ٿيو آهي.
ان جي شروعات مرد جي پنهنجي ماديءَ کي سڏڻ وارن آوازن سان ٿي ۽ انهن آوازن ارتقا جون منزلون لنگهي، شاعريءَ جي شڪل اختيار ڪئي.
لفظن يا شَيِن جي نالن کان سواءِ جن سان ذهن ۾ خاص تصور ٿا اچن، شين جا اجتماعي تصور قائم ٿي نه سگهن ها.
۽ عقل ڪڏهن به وحشي پڻي جي منزل کان اڳتي وڌي نه سگهي ها.
لفظن کان سواءِ فلسفو، شاعري، تاريخ ۽ نثر سڀ ناممڪن هئا.
لفظن کان سواءِ ڪڏهن به آئن اسٽائن ۽ اناطول فرانس جي ذهنن جون باريڪيون حاصل ٿي نه سگهن ها.
لفظن کان سواءِ نه مرد مرد هجي ها ۽ نه عورت عورت.
ٻولين متعلق هڪ جائزي جي مطابق هن وقت دنيا ۾ تقريبن 6809 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.پر انهن جو انگ تيزي سان گهٽجي رهيو آهي ڇو ته نوي سيڪڙو ٻولين جو تعلق هڪ لک کان گهٽ ڳالهائيندڙن سان آهي.
537 ٻوليون اهڙيون به آهن جنهنجا ڳالهائيندڙ 50 کان به گهٽ آهن، افسوسناڪ حالت انهن 46 ٻولين جي آهي جيڪي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ختم ٿيڻ واريون آهن، ڇو ته انهنجا ڳالهائيندڙ هڪ يا ٻه انسان بچا آهن.
چين ۾ ڳالهائي ويندڙ مينڊرين ٻولي آبادي جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ٻولي سمجهي ويندي آهي جڏهن ته انگريزي ٻولي ٻي نمبر تي آهي.
’اردو - هندي‘ کي اگر هڪ ٻولي تصور ڪيو وڃي ته آبادي جي لحاظ کان ٽيون نمبر هن جو ئي آهي ۽ جيڪڏهم هندي کي الڳ ٻولي جي طور تي ڏٺو وڃي ته پوء هن جو ڇهون نمبر آهي.پنجين نمبر تي بنگالي ۽ اردو ٻاويهين نمبر تي هلي وڃي ٿي.
انکان علاوه عربي ۽ هسپانوي ٻوليون به وڏين ٻولين ۾ شامل آهن.
انگريزي جو معاملو سڀ کان جدا آهي.جڏهن ته دنيا ۾ صرف 32 ڪروڙ ماڻهن جي مادري ٻولي انگريزي آهي جن جي اڪثريت آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ آباد آهي، انکان علاوه سڄي دنيا ۾ 35 ڪروڙ ٻيا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي انگريزي کي ٻي ٻولي (second language)جي طور تي استعمال ڪندا آهن يعني پنهنجي مادري ٻولي سان گڏوگڏ اهي انگريزي کي به رواني سان ڳالهائي ويندا آهن۔
انهن کان علاوه ڏهن کان پنرهن ڪروڙن تائين اهڙا ماڻهو به آهن جن ضرورت جي ڪري انگريزي سکي آهي.اهڙن ماڻهن جو انگ تيزي سان وڌي پيو جن جي هي نه ته مادري ٻولي آهي نه ئي ٻي، پر تعليم ۽ روزگار حاصل ڪرڻ لاء انگريزي سکي آهي.
ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ خاص طور تي انٽرنيٽ جو استعمال وڌڻ سان گڏ انگريزي زبان انجو استعمال ۽ افاديت وڌندي پئي وڃي.
حوالا.
ثقافت
ثقافت(CULTURE)() جي معنيٰ اھي ڪنھن شيءِ يا انسان جي جسماني ۽ ذھني نشونما ۽ سڌارو.
اصطلاح طور ثقافت مان مراد ”انسان جي ذاتي ۽ اجتماعي نشونما جا سمورا پھلو“ ورتي وڃي ٿي.
ڪنھن معاشري جي رهاڪن جي عقيدن، علم، رھڻي ڪھڻي، ٻوليءَ ريتن رسمن، زندگيءَ جي وھنوار، ۽ حرڪت وغيره کي گڏي ثقافت ڪوٺيو وڃي ٿو.
ثقافت ئي ڪنھن قوم جي سڃاڻپ ھوندي اھي.
ثقافت ان قوم جو اھو مشترڪ قدر اھي، جنھن سان نہ فقط ان جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي، بلڪہ ٻين سماجن کان الڳ حيثيت جي مڃتا ٿئي ٿي.
ثقافت يا ڪلچر جي باري ۾ مفڪرن جا مختلف رايا آھن.
ميٿيو ارنلڊ جو چوڻ اھي تہ ”ثقافت فرد جي مڪمل جوڙجڪ جي ڪوشش ڪندي اھي، جا خوبصورتي، ذھانت ۽ روشني تي مرتب اھي.
“ ثقافت ترقي ۽ ڪمال جو ٻيو نالو اھي ۽ اها تبديل پذير ٿئي ٿي.ثقافت ڪنھن معاشري ۾ موجود انھن رسمن ۽ رواجن کي چيو ويندو آهي جن تي اتان جا تمام رھاڪو گڏيل طور تي عمل ڪندا هجن.
ثقافت ("Saqaafat") ھڪ اڻ کُٽ اظھار خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آھي.
جھڙي طرح سج جي روشني سڄي انساني حيات لاءِ ضروري آھي، اھڙي طرح ڪلچر به انسان ذات جي اندروني ۽ ظاھري اصلاح لاءِ ضروري آھي.
جھڙيءَ سڄي انسان ذات بنيادي طور تي ھڪ جنس آھي، پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورھايل آھي، اھڙي طرح آخري طور تي سڃي انسان ذات جو ڪلچر به ھڪ ٿيڻو آھي.
پر ھر مُلڪ ۽ قوم وٽ ھزار ورھين جي تجربي، ڄاڻ، ماحول جي اثرن، نسلي رجحانن ۽ گڏل ميلاپ کانپوءِ ڪلچر به وڌي ويجھي ٿو ۽ خاص صورت وٺي ٿو ۽ قومن قومي ورثو ٿي پوي ٿو.
جنھن کي قيمتي ذخيرو سمجھي محفوظ رکندا آھن.
اڳتي ھلي جڏھن جدا جدا قومن جي ثقافتن مان انسان ذات جو ھڪ ڪلچر ٺهڻو آهي ته اُن ۾ صلاحيت وارا ڪلچر تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيندا ۽ اَڀاڳا ڪلچر ڦٽا ڪري ڇڏيا ويندا.
زنده قومن لاءِ يا ايندڙ نسلن لاءِ ثقافت جو هجڻ ائين لازمي آهي، جيئن جسم ۾ دل جو هجڻ ضروري آهي.
هڪ اولھ (مغربي) ليکڪ جو خيال آهي: ”ثقافت جي لفظي معنا آهي عقيدتمند هجڻ، نيڪ هجڻ، روحاني خواهشات، لطف جذبن ۽ احساسن جي آنند جي ذريعن ۽ وسيلن کي ثقافت چئجي ٿو.
“ ثقافت سان گڏ ٻي لاڳاپيل شئي تهذيب آهي، جهڙيءَ طرح روح ۽ جسم گڏجي زندگيءَ کي وجود ڏين ٿا، اهڙيءَ طرح تهذيب ۽ ثقافت سماج جا بنيادي ذريعا آهن.
انهن کانسواءِ زندگي صحيح رنگ ۾ اڳيان نٿي اچي سگهي.
ثقافت اسانجو تخليقي سرمايو آهي.
اُهي قومون يا نسل سدائين دنيا ۽ تاريخ جي سنهري ورقن تي جيئرا آهن، جن پنهنجي پاڪ ۽ پوتر سوچن کي سدائين قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ثقافت کي ”جيئرو“ رکيو آهي.
تهذيب ۽ ثقافت اسان کي ذهني پستيءَ جي غارن مان ڪڍيو آهي.
پر انهيءَ سان گڏ ڏٺو وڃي ته تهذيب ۽ ثقافت هڪٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل به آهن، پر سندن نقطه فڪر ۾ جدا جدا حيثيت پڻ آهي.
ثقافت جو لاڳاپو باطني زندگيءَ سان، احساسن ۽ جذبن سان هوندو آهي.
جڏهن ته مادي ضرورتن جي وسيلن ۽ ذريعن جي پورائي کي تهذيب چئبو آهي.
تهذيب متاثر به ڪري ٿي ۽ اثر به قبول ڪري ٿي.
ثقافت انهن معيارن جو مجموعو آهي، جيڪي ڪنهن کي قوم کي ورثي ۾ مليون آهن.
انهنجو جو دائرو وسيع آهي ان ۾ انسان جي جذبن ۽ احساسن جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
ثقافت پردو آهي، ثقافت حجاب آهي، ثقافت سونهن آهي، صفائي ۽ پويترتا آهي.
جيئرو رهڻ لاءِ ، ڀرپور زندگي مثل آهي.
ثقافت، انسانيت سان پيار ڪرڻ جو نانءُ آهي، ثقافت، سرهاڻ آهي، ان سان حُسن ۽ زندگيءَ جو لاڳاپو قائم ٿئي ٿو، ثقافت عڪس آهي، ۽ ايندڙ نسلن لاءِ آئينو آهي
چنڊ
چنڊ, () ۽ () زمين وانگر هڪ اپگرھ آهي.
جيڪو رات جو آسمان ۾ چمڪندي نظر ايندو آهي، پر اها چنڊ جي پنهنجي روشني ناهي.
مٿس سج جي روشني پوڻ تي اسان ڌرتيءَ وارن لاءِ رات جي وقت ڏيئي جو ڪم ڏئي ٿو.
چنڊ ڌرتي جي گولي کان 385000 ڪلوميٽر (يعني (238900 ميل) پري آهي.
سندس ڊايا ميٽر 2160 ميل (3476 ڪلوميٽر) آهي.
چنڊ 27.
3 ڏينهن ۾ يعني 27 ڏينهن، ستن ڪلاڪن، 43 منٽن ۽ 12 سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ جو چڪر پورو ڪري ٿو.
چنڊ جي ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ جي رفتار 3680 ڪلوميٽر في ڪلاڪ يعني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر کان ٿورو وڌيڪ آهي.
چنڊ پنهنجي محور تي گول نٿو ڦري.
اسان ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کي هن جو فقط هڪڙو پاسو نظر اچي ٿو.
راڪيٽ يا خلائي گاڏيءَ ذريعي هن جي ٻئي پاسي جا فوٽو ڏسي سگهجن ٿا.
چنڊ جيڪو اسانجي ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪري ٿو يعني هڪ گول چڪر (Orbit) ۾ ڦري ٿو ان جي ان گردش لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها Synchronous Rotation ۾ آهي يعني چنڊ جو سڄي ڦيري وقت فقط هڪڙو اڌ ڌرتيءَ ڏي آهي.
ان ڪري اسان چنڊ جو فقط اهو مهانڊو ڏسي سگهون ٿا جيڪو ڌرتي ڏي آهي.
چنڊ جي ان اڌ کي اسان ويجهو پاسو (Near side) سڏيون ٿا ۽ پٺئين پاسي کي ڏورانهون پاسو (Far side) سڏيون ٿا.
اهو ڏورانهون پاسو ”اونداهو پاسو“ به سڏجي ٿو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ان پاسي اوندهه آهي يا اتي سج جي روشني نٿي پهچي.
پر چنڊ جو اهو پاسو اسان لاءِ dark side ان ڪري رهيو پئي جو اسان کي ان پاسي جي خبر نٿي پيئي ته اتي ڇا آهي.
جيئن آفريڪا کنڊ کي ڪنهن زماني تائين يورپ ۽ ايشيا جا ماڻهو اونداهو کنڊ سڏيندا رهيا.
چنڊ جو رنگ ڳاڙهو.
چنڊ جو رنگ ڳاڙهو ان لاءِ ٿيندو آهي تہ جيڪڏهن چنڊ تي زمين جو پاڇو پوندو آهي يعني سج جي روشني سڌي سنئين چنڊ تي ناهي پھچي رهي پر زمين جي هوائي دائري کان سج جون ڪجھ شعاعون هڪ ٻئي ڏا ٿي ڪري چنڊ تي بہ پھچي وينديون آهن ڇوجو هي شعاعون هوائي دائري کان گذري رهيون آهن ان لاءِ هي منظر ڪجھ اهڙو ئي هوندو آهي جيئن سج جو شام جي ٽائيم منظر هوندو آهي جنھن ۾ سج افق کان هيٺ وڃي چڪو هوندو آهي پر مطالو ڳاڙهو هوندو آهي جنھن جي وجهہ اهيا هوندي آهي تہ سج جي شعاعون هوائي دائري ۾ گذري رهيون آهن جيڪي ڳاڙهي رنگ جي شعاعن کي وکري ڇڏين ٿا ائين چنڊ تي بہ سج جي روشني جڏهن زمين جي هوائي دائري جي ويجھي گذرندي آهي تہ ڳاڙهي رنگ جون شعاعون ان مان گذري ڪري چنڊ تائين بہ پھچي وينديون آهن ۽ چنڊ مڪمل اُونڌھ جي بجائي هلڪي ڳاڙهي رنگ جي روشني پھچي رهي هوندي آهي اهوئي شعاعون چنڊ جي سطح کان عڪس ٿي ڪري ٻيھر اسانجي اکين تائين پھچنديون آهن تہ اسانکي چنڊ ڳاڙهو نظر ايندو آهي.
عشق
عشق عربي ٻولي ۾ گھري چاهه کي چيو ويندو آهي.
اھو محبت جي شدت وارو مقام آهي.ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ :بيشڪ ته مرد عورت کي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو.
محبت جيڪا سج ۽ ٻين سيارن جي گردش جو سبب آهي روح کي مرڻ کان اڳ هڪ وقتي اعليٰ سرور سان روشناس ڪرائي ٿي، پرائين ڇو آهي.
جيتوڻيڪ شاعري ثابت ڪيو آهي ته محبت هر سيني ۾ سدائين جنم وٺي ٿي پر شاعري اهو ٻڌائي نه سگهي آهي ته محبت جي جواني جو لڪل سرچشمو ڪٿي آهي.
آخر نوجوان چيروين اکين تي لهرائيندڙ زلفن کان ڇو ٿو متاثر ٿئي ۽ سندس ٻانهن تي آڱرين جي ڇهاءَ سان ڇرڪي ڇو ٿو پئي.
ڇا ان ڪري ته عورت حسين آهي، پر ڇا اهو صحيح نه آهي ته سونهن کي محبت جنم ٿي ڏي، جيئن سونهن محبت کي جنم ٿي ڏي.
اوائلي دور جي ماڻهن کي محبت جي ڪا خبر ڪانه هئي ۽ هنن وٽ محبت لاءِ ڪو لفظ ڪونه هو.
هنن جي شادي ٿيندي هئي ته زال سان مڙس جي تعلق جو بنياد رومانس نه پر ٻار پيدا ڪرڻ ۽ وقت تي ماني ملڻ هوندو هو.
علم بشر جو عالم لوباڪ ٿو چئي ته (علم بشر جا عالم ڏورانهن هنڌن کان ڏاڍا متاثر ٿيندا آهن) يوروبا ۾ مقامي ماڻهو شاديءَ ۾ لاتعلق رهندا آهن.
مرد ائين زال حاصل ڪندو آهي ڄڻ مڪئيءَ جو سنگ پيو لڻي، محبت جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، نٽشي جو خيال هو ته رومانوي محبت ٻهراڙيءَ جي شاعرن جي ايجاد هئي، پر جتي تهذيب وڌي اُتي نسل جي پيدائش روحاني رنگ اختيار ڪيو.
يوناني، رومانس مان واقف هئا پر هنن ۾ رومانس هم جنس پرستي وارو هو.
الف ليليٰ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته محبت وچين دور جي نغمن کان اڳ وجود ۾ اچي چڪي هئي.
پر گرجا، جنسي پاڪيزگيءَ جو احترام سيکاريو ۽ عورت کي سولائيءَ سان هٿ نه اچڻ واري هستي بڻائي هن جي ڪشش کي وڌايو، جنهن محبت جي شاعريءَ کي قوت بخشي.
روشفو ٿو چئي ته ”اهڙي محبت جو عاشق سان اهڙو ئي تعلق آهي جهڙو روح جو جسم سان جنهن ۾ هو زندگي پيدا ڪندو آهي“.
ڊي فوسي جو چوڻ آهي ته ”سڀ مرد ڪوڙا، غدار، اجايون ڳالهيون ڪرڻ وارا، منافق ۽ تڪبر ڪرڻ وارا هوندا آهن ۽ سڀ عورتون خود پسند، ڏيکاءُ واريون ۽ بي وفا هونديون آهن.
پر دنيا ۾ رڳو هڪ شيءِ مقدس آهي ۽ اها آهي انهن اڻ پورين هستين جو ميلاپ“ ۽ نٽشي بُتَ ڀڃڻ کانپوءِ محبت جو هيئن احترام ٿو ڪري: ”مون ان کان وڌيڪ مقدس ڳالهه ڪڏهن نه ٻڌي آهي ته سچي محبت ۾ روح جسم کي ڀاڪر ۾ وٺندو آهي.
“ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:ان باغي ڇوڪريءَ کي ياد ڪيو جنهن جو عاشق ڊسمبر 1917ع جي ماسڪو واري بغاوت ۾ مارجي ويو هو، ماڻهو هن جي لاش کي دفن ڪرڻ لڳا ته هوءَ پنهنجي عاشق جي ڪفن کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي ته مون کي به دفن ڪيو، منهنجو جڏهن محبوب مري ويو آهي ته مون کي انقلاب جي ڪا پرواه ڪانهي.
سرءُ
سرء خزان - سرءُ- خريف وڻن جي پنن ڇڻڻ واري مند جنهن کي پن ڇڻ به چئبو آهي.
سال جي مُندن مان هڪ مُند جو نالو آهي.
اردو ۾ ان کي خزاں ۽ پتجھڑ ۽ انگريزي ۾ فال پڻ سڏين ٿا ڇوتہ ان موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻندا رھندا آھن.
ڌرتيءَ جي اترئين اڌ گول واري حصي ۾ ھي موسم سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر وارن مھينن اندر ھوندي آھي ۽ ڊسمبر ۾ سيارو شروع ٿي ويندو آهي ۽ ڏاکڻي اڌ گول ۾ وري مارچ، اپريل ۽ مئي مھينن دوران ٿيندي آهي ۽ جون ۾ سيارو شروع ٿي ويندو آهي.
ھن مند ۾ آسمان عام طرح صاف ھوندو آھي ۽ ڏسڻ جوڳائي تمام چٽي ھوندي آھي.
سنڌ ۾ سراسري گرمي پد 70 کان 80 ڊگريون فارنھائيٽ وچ ۾ رھندو آھي ۽ روزاني نسبتي گھم 47 کان 50 سيڪڙو تائين ھوندي آھي ۽ ڪل برسات 0.
10 انچ پوي ٿي ۽ سال جو خشڪ ترين مھينو نومبر ھوندو آھي.
اتر آمريڪا ۾ سرء جي شروعات 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر تائين ٿي ويندي آهي ۽ 21 کان 22 ڊسمبر تائين جاري رهندي آھي جنھن بعد سيارو شروع ٿيندو آهي ڏينھن ۽ رات جو گرمي پد گھٽجڻ سبب وڻن جي پنن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اھي ڇڻڻ لڳندا آهن اوڀر ايشيا ۾ سرء 8 آگسٽ کان شروع ٿي 7 نومبر تي ختم ٿيندو آهي.
آئرلينڊ جي ريپبلڪ ۾ سرء جا مھينا سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر آھن
عام طور تي ھن موسم کي لاباري جي موسم پڻ سڏيو ويندو آهي.
اخبار
سنڌي ۾ اخبار هڪ اهڙي ڇپائي کي چئبو آهي جنھن ۾ خبرون ڇپجنديون آهن۔ اصطلاح ۾ ڪنهن واقعي جو سڌو سنئون ۽ صحيح بيان جنهن ۾ گھڻن ماڻهن کي دلچسپي هجي۔ صحيح خبر اها آهي جنهن ۾ ڪوئي تبصرو ۽ نه ئي ڪوئي الزام لڳايو ويو هجي، ڪنهن جي ذاتي راء جو اظهار نه هجي، ڪائي حقيقت لڪائي نه وئي هجي ۽ پنهنجي طرفان ڪنهن ڳاله جو اضافو نه ڪيو ويو هجي۔خبر ۾ تازگي ۽ وسعت هجڻ ضروري آهي۔ تحري جو طريقو اثرانداز ۽ وڻندڙ هجي۔
ڪجھ خبرون مقامي اهميت جون هونديون آهن ۽ ڪجھ عالمي امن امان تي اثرانداز ٿينديون آهن جن سان هر ملڪ جي عوام کي دلچسپي هوندي آهي۔ ڪڏهن ڪنهن ننڍڙي جڳھ تي ڪو انوکو يا دلچسپ واقعو پيش اچي ٿو جيڪو ماڻهن جي دلچسپي جو سبب بڻجي ٿو۔ خبر جي اهميت جو تعلق گھڻين شين سان هوندو آهي جن ۾ خبر جي تازگي، ويجهو هجڻ جو اثر ۽ مقدار يا تعداد جو انوکو هجڻ شامل آهن ۔ ڪنهن قانون جي نفاذ يا حڪومت جو ڪوئي اعلان جيڪو عوام تي اثرانداز ٿي ٿو ته اها وڏي خبر آهي۔ راز به خبر جو وڏو اهم عنصر آهي۔ وڏن ماڻهن جي زندگي يا ڪردار جون لڪيل ڳالهيون ڳولهڻ جو شوق شديد هوندو آهي۔ ڪنهن معمولي حيثيت جي ماڻهو جو وڏو ڪارنامو يا وڏي ماڻهوء جي ننڍي ڳالھ به خبر ٿي سگھي ٿي۔ واقعو، مشاهدو ۽ واقعو نگاري خبر ٺاهڻ جا عنصر آهن۔ صحافين پڙھندڙ جا رجحان، پنهنجي اخبار جي پاليسي ۽ ڪجھ اخلاقي اصولن جو به خيال رکڻو هوندو آهي۔
اخبارون بين الاقوامي ۽ ملڪي خابرو ايجنسين کان سواءِ پنهنجي ناما نگارن ۽ خاص نمائندن کان به خبرون حاصل ڪندا آهن۔ هر اخبار جا اسٽاف رپورٽر عام تقريبن کان سواءِ ڳولا ۽ ڪوشش سان خاص خبرون ڏيندا آهن۔ سنڌي اخبارن ۾ مشهور اخبارون ڪاوش، ڪوشش، عبرت، جيجل وغيره آهن۔
اخبار“ لفظ ”خبر“ جو جمع آهي.
انگريزيءَ ۾ خبر لاءِ لفظ NEWS استعمال ٿئي ٿو.
جيڪو مختلف ڏسائن North, East, West & South جا ابتدائي لفظ کڻي ٺاهيو ويو آهي.
خبرون ريڊيو، ٽي.
ويءَ ۽ اخبار ذريعي ماڻهن تائين پهچن ٿيون.
لفظ اخبار جي اصطلاحي معنيٰ: اهڙا ورق يا پنا، جن تي خبرون، ايڊيٽوريل، مضمون ۽ ڪالم وغيره ڇپيل هجن.
پراڻي زماني ۾ جڏهن اخبار جو ذريعو نه هو، ته خبرون، دهل وڄائي، ماڻهن کي گڏ ڪري ٻڌايون وينديون هيون.
اهو بندوبست -بادشاهه- يا حاڪم پاران ڪيو ويندو هو، جنهن ذريعي ماڻهن تائين اعلان پهچندا هئا.
اهڙن اعلانن کي پڙهو ڏيڻ به چيو ويندو هو.
ساڳئي وقت مقرر ٿيل وقائع نويس به روزانو يا هفتيوار ملڪ جا حالات لکي حاڪم کي موڪليندا هئا.
دنيا جي پهرين قلمي -اخبار- اٺين صدي عيسويءَ ڌاري، چين ملڪ جي شهر بيجنگ مان جاري ٿي.
ان کان پوءِ اخبار جا نوان طريقا ايجاد ٿيندا ويا.
پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾، يورپ ۾ اخبار ڇپڻ لاءِ ڇاپخانا ايجاد ٿيا.
اوڻيهين صديءَ ۾ اخبار جديد روپ سان اڳيان آئي.
ويهين صديءَ ۾، اخبارن ۾ تصويرون ۽ مورتون ڇپجڻ لڳيون.
جديد دؤر ۾ اخبارون ڪمپيوٽر وسيلي نڪرن ٿيون.
۽ هاڻي ته انٽرنيٽ تي پڻ اخبارون موجود آهن، يعني ڪاغذ کان سواءِ اخبارون -جاري- ٿيڻ لڳيون آهن.
بهرحال مختلف ملڪن مان مختلف ٻولين ۾ روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون، هزارن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿيون.
هر -اخبار- جي انتظاميا جا پنهنجا پنهنجا مقصد ۽ پاليسيون هونديون آهن.
انهن جي پرچار ڪندي اخبار ۾، ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن جي خبرن ۾، ملڪي خبرن کي ترجيح ڏني ويندي آهي.
سنڌ مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ 20 کان مٿي روزانيون اخبارون نڪرن ٿيون.اخبار عربي لفظ ”خبر“ جو جمع آهي، جڏهن ته لفظ ’اخبار‘ سنڌيءَ ۾ عدد واحد طور ڪم ايندو آهي.
انگريزيءَ ۾ خبر لاءِ لفظ NEWS استعمال ٿئي ٿو.
جيڪو مختلف ڏسائن North, East, West & South جا ابتدائي اکر کڻي ٺاهيو ويو آهي.
خبرون ريڊيو، ٽي.
ويءَ ۽ اخبار ذريعي ماڻهن تائين پهچن ٿيون.
لفظ اخبار جي اصطلاحي معنيٰ.
اهڙا ورق يا پنا، جن تي خبرون، ايڊيٽوريل، مضمون ۽ ڪالم وغيره ڇپيل هجن.
پراڻي زماني ۾ جڏهن اخبار جو ذريعو نه هو، ته خبرون، دهل وڄائي، ماڻهن کي گڏ ڪري ٻڌايون وينديون هيون.
دنيا جي پهرين قلمي اخبار اٺين صدي عيسويءَ ڌاري، چين ملڪ جي شهر بيجنگ مان جاري ٿي.
ان کان پوءِ اخبار جا نوان طريقا ايجاد ٿيندا ويا.
پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾، يورپ ۾ اخبار ڇپڻ لاءِ ڇاپخانا ايجاد ٿيا.
اوڻيهين صديءَ ۾ اخبار جديد روپ سان اڳيان آئي.
ويهين صديءَ ۾، اخبارن ۾ تصويرون ۽ مورتون ڇپجڻ لڳيون.
جديد دؤر ۾ اخبارون ڪمپيوٽر وسيلي نڪرن ٿيون.
۽ هاڻي ته انٽرنيٽ تي پڻ اخبارون موجود آهن، يعني ڪاغذ کان سواءِ اخبارون جاري ٿيڻ لڳيون آهن.
بهرحال مختلف ملڪن مان مختلف ٻولين ۾ روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون، هزارن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿيون.
سنڌي زبان ۾ ڪاوش، عبرت، سچ، ايڪسپريس، هلال پاڪستان، جيجل ۽ ٻيون ڪيتريون اخبارون نڪرن ٿيون.
سنڌي ماڻھو
سنڌي ماڻھو ڏکڻ ايشيا ۾ آباد ماڻھن جو هڪ نسلي گروھ آهي جيڪو دراوڙ، آريائي ۽ سامي نسلن سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻھو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا۔ پاڪستان جو سنڌ صوبو انھن جي نالي سان تعلق رکي ٿو۔ سنڌي ماڻهو سنڌي ٻولي کي مادري ٻولي طور ڳالهائيندا آهن ۽ اردو يا هندي کي ٻي درجي جي ٻولي طور ڳالهائيندا آهن۔
هندستان جي ورهاڱي کانپوء مسلمان سنڌي نئين ملڪ پاڪستان ۽ هندو سنڌي هندستان هليا ويا۔ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت مسلمان آهي،۽ سريلنڪا ۾ بہ مھاڻا ملاح ھزارن سالن کان سريلنڪا ۾ واپار لائي ويندا رھيا آھن جڏھن تہ ڀارت کان پوء سريلنڪا مين سنڌي واڏي تعداد ۾ رھندا آھن.
هندو مذهب جي مڃيندڙن جو به وڏو انگ آهي ۽ ڪجھ ٻين مذهبن جا پيروڪار آهن۔
نالو.
لفظ ”سنڌ“ يا ”سنڌو” سنسڪرت ٻولي مان نڪتل آهي جنهن جو مطلب ”وڏو درياھ“ آهي ۽ سنڌو درياھ جي ڪپن کي پهريون دفعو آباد ڪندڙن کي سنڌين جو نالو ڏنو ويو۔
ٻولي.
سنڌين جي مادري ٻولي سنڌي آھي، جيڪا ھڪ قديم ھند-آريائي ٻولي آھي جيڪا سنڌ جي تاريخي خطي ۾ سنڌي ماڻھن پاران ڳالھائي وڃي ٿي۔ سنڌي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آھي۔ انڊيا ۾، سنڌي وفاقي سرڪار پاران مڃتا حاصل ڪيل ٻولين يعني شيڊيولڊ ٻولين مان ھڪ آھي۔
قومون.
سنڌي ماڻھن جي اڪثريت سماٽ ۽ ٻروچ قومن سان تعلق رکي ٿي۔ ان کان علاوہ عرب ۽ درواڙ نسل سان تعلق رکندڙ سنڌي به چڱي تعداد ۾ موجود آھن۔ پٺاڻ، پنجابي ۽ ڪجھ ٻين قومن سان تعلق رکندڙ سنڌين جي ھڪ قليل تعداد موجود آھي۔ انھن سڀني جي مادري ٻولي سنڌي آھي۔
لوھ
لوه هڪ ڪيميائي عنصر آهي جنهن جي علامت Fe آهي.
هن جو جوهري نمبر 21 آهي.هي هڪ سستو ترين ڌاتو آهي.
دنيا جي صنعتي انقلاب جو سبب ٻه معدنيات آهن لوه ۽ ڪوئلو۔ هن ٻنهي ڌاتن جي سبب لاتعداد مشينون تيار ڪيون ويون جنهن جي ڪري انسان تمام گھڻي ترقي ڪئي، اڄ شايد ئي ڪائي مشين هجي جنهن ۾ لوه شامل نه هجي۔
هي شيون فوٽان خارج ڪنديون آهن جن جو حرارتي پد ٻڙي يعني منفي 273 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ آهي پر هي فوٽانز گھڻو ڪري انفرا ڳاڙهي توانائي جا حامل هوندا آهن ان لاءِ نظر ناهين ايندا جيئن جيئن لوھ جو پد وڌندو آهي ان مان گھڻي توانائيءَ جا فوٽانز بہ نڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن جڏهن انھن فوٽونز جي توانائي ايتري وڌيڪ ٿي وڃي جو اسانجون اکيون ان فوٽونز جي سڃاڻپ ڪرڻ لڳن تہ اسانکي لوھ ڳاڙهو نظر ايندو آهي ڳاڙهي رنگ جي فوٽانز جي فريڪوئنسي انفرا ڳاڙهي کان وڌيڪ هوندي آهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي فوٽانز کي اسانجون اکيون محسوس ڪري سگھن ٿيون جيڪڏهن لوھ کي گھڻو گرم ڪيو وڃي تہ فوٽانز جي توانائي وڌيڪ وڌي ويندي آهي جنھن جو نتيجو هي ٿيندو آهي تہ اسانکي گرم لوھ جو رنگ مٽيل نظر ايندو آهي گھڻو گرم لوھ نيرو نظر ايندو آهي ۽ انکان بہ وڌ گرم لوھ اڇو ڏيک ڏيندڙ هوندو آهي جيڪو برقرار رهندو آهي.
عمارتن ۾ لوھ جو استعمال.
لوھ جي گھٽ قوت جي امڪان سبب تعميراتي ڪم ۾ نقص جو انديشو رھي ٿو انھيءَ ڪري لوھھ ھميشه پاڪستان اسٽئنڊرڊ انسٽيٽيوٽ (P.
I) جي منظور ٿيل ڪارخانن جو تيار ڪيل استعمال ڪجي.
سريھ طور عام طرح سان مائيلڊ اسٽيل (Mild Stress) جون گول سيخون استعمال ڪيون وڃن جن جي گھٽ ۾ گھٽ بيلڊ اسٽريس (Yield Stress) ھڪ اسڪئاير انچ تي 36,000 پائونڊ (36,000 psi) ھئڻ گھرجي.
وڏين گھڻ منزلھ جاين ۽ وڏن ھالن لاءِ زياده قوت وارا غير ھموار سريھ (High Tensile Deformed Bars) استعمال ڪيا وڃن ڇاڪاڻ تھ اھي وڌيڪ ڪفايت وارا رھن ٿا.
اھڙين سيخن جي گھٽ ۾ گھٽ طاقت ھر اسڪئاير انچ تي ٦٠،٠٠٠ پائونڊ ٿيندي آھي.
استعمال کان اڳ ۾ سريھ کي ڪٽ يا زنگ، ڏارن، ڦوٽ ۽ بي ڊولائتي ھئڻ کان پاڪ ھئڻ گھرجي.
بازار ۾ اھڙو لوھھ بھ دستياب آھي، جو ھڪ ڪرو نھ آھي ۽ انھيءَ ۾ گھڻائي عيب آھن.
اھڙي لوھھ جو استعمال نقصانڪار آھي.
لوھھ جي ٻڌڻ لاءِ لوھھ جي 16 نمبر (16 SWG) جي سنھي تار استعمال ڪئي وڃي
ايشيا
ايشيا () دنيا جو سڀ ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو کنڊُ آهي.
هي زمين جي ڪل ايراضي جو 8.
6 سيڪڙو آهي، خشڪي جو 29.
4 سيڪڙو ۽ ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو حصي جو حامل آهي.
تفصيلي تعارف.
ايشيا روايتي طور تي يوريشيا جو حصو آهي جنهن جي اولهہ وارو حصو يورپ آهي.
عام طور تي ارضياتي ماهر ۽ طبعي جاگرافي دان ايشيا ۽ يورپ کي الگ کنڊ تصور نہ ڪندا آهن ۽ زمين جو هڪ وڏو حصو قرار ڏيندا آهن.
جاگرافي ۾ ٻہ مڪتب فڪر آهن هڪ تاريخي حوالن جي تحت يورپ ۽ ايشيا کي الگ کنڊ قرار ڏيندو آهي جڏهن ته ٻيو يورپ جي لاء کنڊ ۽ ايشيا جي لاء خطي جو لفظ استعمال ڪندو آهي.
مغرب (يورپ) ڏي ڪوبه اوتار پيدا ٿيو ئي ڪونهي.
حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت محمد ﷺ، زردشت (زورئسٽر)، سري رامچندر، سري ڪرشن، ڪانفيوشس ۽ ٻيا اوتار ۽ پيغمبر سڀ پورب ۾ ٿي گذريا آهن.
يوروپي لوڪن کي بائيبل يا انجيل به ايشيا مان مليو، ته مذهب به ايشيا مان ملين.
سر مونيئر وليمس اهي ڳالهيون ڄاڻائي ائين به چيو آهي ته انگن جا نالا ۽ ڏهائيءَ جي ترتيب به هنن هندستان مان پرايا.
پاٽ صاحب چيو آهي ته جيئن سج اڀرندو ئي اڀرندي کان آهي تيئن سڀيتا جو سج به اول پورب (ايشيا) ۾ اڀريو، جنهن مان پوءِ پڇم يا مغرب (يورپ) کي روشنائي ملي؛ بلڪه سڄي انسان ذات پورب منجهان ئي پرايو.
سن 1882ع ۾ پروفيسر مئڪس ملر کليو کلايو قبول ڪيو ته اسين يوروپي لوڪ پورب کان آيا آهيون، ۽ سڀ جيڪي قيمتي سمجهون ٿا، سو پورب مان پرايو اٿئون
تاريخ.
ايشيا لفظ جي مطلب جي مختلف ٻولين ۾ اڃان ڪا خبر نہ پئي آهي پر تاريخ ۾ تمام پراڻي دؤر کان ھي لفظ مروج آھي.
رومي سلطنت ۾ ھڪ صوبي جو نالو ايشيا ھيو.
ملڪ.
تسليم نہ ٿيل ملڪ
جاگرافيائي خوبيون.
ايشيا دنيا جو سڀ کان وڏو کنڊ آهي.
جتي دنيا جي سڀ کان اوچي، سڀ کان هيٺاهين ۽ سڀ کان ٿڌي ترين جڳهه آهن.
( مائونٽ ايوريسٽ دنيا جي بلند ترين چوٽي، اولهه جي طرف مريل سمنڊ Dead Sea سمڊ جي سطح مان سڀ کان هيٺاهين جڳهه ۽ اتر سائبيريا جون جڳهون).
ايشيا ۾ ڪنهن به کنڊ کان وڌيڪ ماڻهو رهائش پذير آهن جن ۾ هڪ ڏهائي ٻه ارب آبادي چين ۽ 94 ڪروڙ ڀارت ۾ آباد آهن.
ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هزارين جزيرا آهن جتي آتش فشائن جو ڦاٽڻ ۽ زلزلا اچڻ روز جو معمول آهي.
انهن زلزلن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ ڊسمبر 2005ع ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ پاڻي هيٺ آيل زلزلو هيو جنهن سان پيدا ٿيل لهرون ”سونامي“ هندي وڏي سمنڊ جي چوڌاري وسندڙ ملڪن جي لکن ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون.
ڏکڻ اتر ايشيا ۾ جھنگن جي وڏي تعداد آهي خاص ڪري ٿائيلينڊ، بورنيو جا جزيرا، سلاويسي، جاوا ۽ سماترا جاجھنگ مشهور آهن.
ايشيا ۾ دنيا جا ڪيترائي مشهور ريگستان آهن جن ۾ عربستان جو ريگستان، شام جو ريگستان، ٿر، ٿل، ڪراڪم، ٽڪلا مڪان، گوبي دنيا جا وڏا ريگستان شمار ٿيندا آهن.
ايشيا ۾ دنيا جا ڪيترائي درياهه به آهن جن ۾ سنڌو، گنگا، جمنا، برهم پترا، ميڪانگ، فرات، دجله،سيحون، اوب، لينا، دنيا جي وڏن درياهن مان آهن
ڍنڍن ۾ قزوين ڍنڍجنهن کي وڏو هجڻ جي ڪري سمنڊ به سمجھيو ويندو آهي، دنيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي.
انکان علاوه ارال ڍنڍ، بالڪش ڍنڍ، بيڪال ڍنڍ، وان ڍنڍ دنيا ۾ سڃاتيون وينديون آهن.
ٻيٽن ۾ سماترا، بورنيو ۽ نيو گني دنيا جي وڏن ٻيٽن مان آهن.
سياسي خوبيون.
ايشيا مخطلف تهذيبن جو مسڪن آهي.
هتي جي زمين، ماڻهن ۽ روايتن ۾ وڏو فرق ملي ٿو.
سوويت يونين ڪجي ٽٽڻ سان هتي ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان جون نيون رياستون وجود ۾ آيون.
ڏکڻ اولهه جي زياده تر ملڪن جو عوام مسلمان آهن پر قوميت ۽ مسلڪن جي بنيادن تي ورهايل آهن.
ڀارت دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت آهي جڏهن ته چين دنيا جي تيزي سان وڌندڙ معاشي ۽ طاقتور قوت آهي.
آبادي جون خوبيون.
کنڊ جي گهڻي آبادي وڏن درياهن جي ڪنارن تي آباد آهي جنهن جي ڪري هتي گهڻي آبادي جو ڪمائي جو ذريعو زراعت آهي.
گنگا، سنڌو، زرد، يانگزي، ۽ ٻين درياهن جي اردگرد جا علائقا تمام گهڻن ماڻهن پاران آباد ڪيل آهن.
ٻي طرف معدني دولت جي حاصلات لاء ماڻهو اهڙن علائقن ۾ به رهائش پذير آهن جتي آبادي تمام گهٽ آهي مثلاً تيل جي ڳولها ۾ عربستان جا ريگستان ۽ سائبيريا جا ٿڌا ميدان.
ايشيا کنڊ جا ريگستان ۽ پهاڙي علائقا تقريبن غيرآباد آهن.
ڀارت ۽ جاپان دنيا جا گهاٽي آبادي وارن علائقن مان آهن.
چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي ۽ دنيا جي آبادي جو تقريبن ويهه سيڪڙو چين ۾ رهي ٿو، جڏهن ته ڀارت ۾ به آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هو جلد چين کي پوئتي ڇڏي ويندو.
هتي جيئن تهذيبن ۾ فرق آهي اتي عوام جي معيار زندگي به تمام مختلف آهي.
هڪ طرف جاپان ۽ وچ اولهه جي نار وارين رياستن جي عوام جو طرز زندگي اعلي‘ معيار جو آهي ته ٻئي طرف دنيا جا ڪجهه غريب ترين ملڪبه ايشيا ۾ آهن جن ۾ اتر ڪوريا، بنگلاديش، افغانستان ۽ لائوس قابلِ ذڪر آهن.
ايشيا جي غريب ملڪن جي معيشت خانه جنگن، قحط، ٻوڏ، قدرتي آفتن ۽ زراعت جي لاء جديد تريقي ڪار اختيار نه ڪرڻ جي ڪري شديد مشڪلن کي منهن ڏين پيا۔
معاشي خوبيون.
ايشيا جي گھڻي آبادي جي ڪمائي جو ذريعو زراعت آهي ۽ ڪجھ ملڪن ۾ ته صنعتون به تمام گھٽ آهن۔ اوڀر چين ۽ روس ۾ وڏيون صنعتون آهن پر سڀ کان وڌيڪ صنعتي پيداوار جي لحاظ کان جاپان سرفهرست آهي۔ جاپان بجلي ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي صنعت ۾ عالمي اڳواڻ سمجھيو ويندو آهي جڏهن ته تائيوانئ ڏکن ڪوريا ۽ سنگاپور به بجلي جون مصنوعات تيار ڪندا آهن۔ هاڻوڪي سالن ۾ تائيوان ۽ ملائيشيا جي معيشتن وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ انهن کي ”ايشين ٽائيگر“ چيو ويندو آهي۔
ايشيا جي گھڻي زمين بنجر يا سخت يا خشڪ موسم جي ڪري پوکي راهي جي قابل ناهي جيئن تبت، سائبيريا، عربستان جو گھڻو حصو پوک جي قابل نه آهي۔ کنڊ جون سڀ کان وڌيڪ زرخيز زمينون چين، هندستان ۽ پاڪستان درياهن سان گڏ آهن جتي چانور پوکيا ويندا آهن۔ انکان علاوه ٻيون به پوکون ڪيون وينديون آهن جيئن ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ خارڪون، ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ رٻڙ، ڀارت، چين ۽ سريلنڪا ۾ چانهه ۽ ڏکڻ اوڀر جي ٻيٽن ۾ ناريل۔
اتر
اتر اسان جي زمين تي موجود هڪ اهڙو طرف آهي جيڪو ڏکڻ جي پويان آهي.نقشن ۾ هن جي جڳه مٿي جي طرف ٿيل هوندي آهي.
قطب نما کي 180 ڊگري تي طئي ڪرڻ سان ڪنهن جڳه تي اتر جو تعين آساني سان ڪري سگهجي ٿو.
چئن طرفن مان هڪ طرف يا ڏسا: اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ هي اهو طرف آهي جنهن ڏانهن قطب نما جي سئي سدائين منهن ڪندي آهي جنهن جي ذريعي -بحري جهاز- ۽ هوائي جهاز طرفن جو اندازو ڪندا آهن -اتر- ڏانهن منهن ڪرڻ سان ساڄي هٿ تي اوڀر ۽ کاٻي هٿ تي اولهه جو طرف ايندو ۽ پٺئين پاسي ڏکڻ جو طرف هوندو آهي.
”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو.
مثلاً ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“.
هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ آهي ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾).
هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي.
هتي به ”اُتر“ معني“ جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾).
هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”تارٿ“ (North) ڪهڙي حساب ٿي؟
هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)؛ پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين.
سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“،: سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلاً ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”اُتر اڌڪاري“ (Successor) يعني جو مٿان اچي ٿو، ۽ اڳيون عملدار سڏبو ”پورب“ اڌڪاري“ (Predecessor).
هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“.
”اُتر“ معنيٰ مٿيون پاسو شمال (North)؛ پر اصل ۾ هيءُ لفظ صفت آهي ۽ معنيٰ اٿس ”مٿيون، مٿاهون يا ٻين کان مٿي“.
سنسڪرت ۾ ”اُد“ معنيٰ ”مٿي“ (High)، ”اُتر“ (اُد+ تر) معنيٰ ”ٻين کان مٿي“ 'Higher' ۽ ”اُتم“ (اُد+تم) معنيٰ سڀني کان مٿي 'Highest' اڄ به سنڌيءَ ۾ اهو لفظ صفت ڪري پيا ڪم آڻيون – جهڙوڪ چئون ته ”هو ٻئي ڄڻا بيوقوف آهن- هڪ ٻئي کان اُتر“: هتي ”اُتر“ معنيٰ ”وڌيڪ“ (مٿي).
ڏکڻ
ڏکڻ اسانجي زمين تي موجود هڪ اهڙو طرف آهي جيڪو اتر جي پويان واقع آهي نقشن ۾ هن جي جڳه هيٺ جي طرف آهي.
قطب نما کي 0 ڊگري تي طي ڪرڻ سان ڪنهن جڳه تي ڏکڻ جي طرف جو تعين آساني سان ڪري اگهجي ٿو.
ڏکڻ لفظ جو نُکُ يا بنياد.
سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“، ۽ معنيٰ اٿس ”ساڄو“ (Right)، سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي.
”وام“، جنهن جو اچار هنديءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آهي ”بام، باوان، بانوان“ معنيٰ ”کٻو يا ڏائو“ (Left)، ”بائين هاٿ“ معنيٰ ”کٻي هٿ ڏي يا ڏائي پاسي“.
سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ ڏکڻ جي ٻي معنيٰ ”ڦڙت“ (Dexterous) به آهي.
هاڻ هيءَ ڳالهه ڪو سمجهائي ته ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”جنوب“ (South) پوءِ ڪيئن ٿي، ۽ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ايترو ڦيرو پيو ڪيئن؟
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ جي ظاهر سولا پيا ڀائنجن، سي سچ پچ ته سمجهڻ ئي ڏکيا آهن.
ڏکڻ لفظ جي اصل معنيٰ ئي هئي ”اُڀرندو“.
سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ (ڏکڻ) جو ڌاتو يا بنياد آهي”دڪشڻ“، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”اُڀرڻ“.
سڄيءَ دنيا ۾ رڳو اتر قطب طرف سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهنڪري چئبو ته ”ڏکڻ“ لفظ جڙيل ئي اُن وقت جو آهي جنهن وقت آڳاٽا آريا لوڪ اُتر ڏي رهندا هئا، ۽ جنهن پاسي کان اتي سج اڀرندو ڏٺائون، تنهن کي ڏکڻ چوندا هئا.
ڏکڻ جو اصطلاح.
هي اصطلاح ڏکڻ آمريڪا جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ ان جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن کي نظر ۾ رکندي سامهون آندو ويو.
”سائوٿ“ واري علائقي ۾ ڏکڻ آمريڪا جا اهم ملڪ برازيل ۽ ارجنٽائن وغيره شامل آهن.
جيتوڻيڪ بين الاقوامي معاملن بابت تيار ڪيل پهرين ”برانڊت رپورت“ ۾ ”سائوٿ“ جو هم معنيٰ لفظ ”ترقي پذير ۽ غريب“ ملڪن جي لاءِ سڃاڻپ طور استعمال ڪيو ويو.
علاقائي سياست جي حوالي کان، گڏيل آمريڪا (يُو-ايس) ۽ ڏکڻ آمريڪا جي وچ ۾ جيڪي فاصلا رهيا آهن، انهن کي ڀرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ورتيون ويون آهن، پر ٻنهي خطن ۾ ٻولياتي ۽ ثقافتي فرق هجڻ ڪري، اڄ تائين منجهن گهڻي ڇڪتاڻ رهي آهي.
صل ۾ اتر آمريڪا جون معاشي ۽ سياسي پاليسيون به ٻنهي علائقن جي وچ ۾ سهڪاري ماحول جي قيام ۾ روڪ جو سبب بڻيون آهن.
علم سياست جي ماهرن، هن علائقي بابت تجزيا ڪندي 1988ع ۾ ”سائوٿ“ تي تنقيد ڪئي.
خاص طور تي ٻن محققن گِل“ ۽ ”لا“ سائوٿ جي علائقي کي تڪراري پٽي قرار ڏنو.
”سائوٿ“، ٽين دنيا جي ملڪن جي مقابلي ۾ ڪجهه حوالن تحت کانئن مختلف آهي.
مثال طور: ”سائوٿ“ جي علائقي ۾ وسندڙ ملڪن کي ڪن به عالمي معاملن تي جلد قائل ڪرڻ ۽ قانونن تحت پابند ڪرڻ ڏکيو عمل آهي.
هن علائقي ۾ گهڻا ملڪ تمام گهڻي غربت واري حالت ۾ آهن ۽ گهڻا ملڪ ترقيءَ لاءِ ٻين ملڪن جي سهڪار جا به گهرجائو آهن، پر اهي پنهنجن خاص معاشرتي ۽ ثقافتي نظرين جي معاملن ۾ سخت آهن.
هن خطي جا ڪافي ملڪ ڏڪار جي حالت ۾ پڻ آهن.
هيٽي (Haiti) ۾ آيل زلزلو ۽ ٻين مصبتن هن خطي جي ملڪن کي ”چوٿين دنيا جي ملڪن“ جي قطار ۾ بيهڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ ڪميونزم ۽ ”سرد جنگ“ دوران ”سائوٿ“ جو ”نارٿ“ آمريڪا طرف اختيار ڪيل سخت رويو پڻ علائقي جي ملڪن لاءِ معاشي طور ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي حاصلات جي لحاظ کان خراب ثابت ٿيو ، نتيجي ۾ اهي ملڪ ترقيءَ جي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويا.
ان کان سواءِ وڏي وقت کان هن خطي کي بدعنواني، ڏوهه ۽ ڪمزور سياسي قيادت جو گهيرو ڪيل آهي، جنهن ڪري انهن ملڪن جي حڪمراني ۽ ساک تي تمام برا اثر پيل آهن.
انهيءَ ڪوتاهيءَ کي نظر ۾ رکندي، سائوٿ جي ملڪن آهستي آهستي ڪرپشن جي خاتمي ۽ جهموريت جي قيام لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ سان گڏ، اتر آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ورتيون آهن.
جنهن کانپوءِ بين الاقوامي برادريءَ ۾ اميد ڪئي وڃي ٿي ته ”سائوٿ“ جي خطي ۾ موجود ملڪن جي سياسي ۽ معاشي حالت بهتر ٿيندي.
عبدالوهاب سڪندري
سوانح حيات
پيرطريقت رهبر شريعت استاذ العلماء حضرت علامه مولانا
ابو الرضا مفتي محمد عبدالوهاب سڪندري دامت برڪاتهم العاليه
نالو: عبدالوهاب ولد عبدالرحيم، ذات چانڊيو.
تاريخ ولادت : 05 نومبر 1954ع ڳوٺ قمرالدين چانڊيو،
پرائمري تعليم : گورنمنٽ پرائمري اسڪول الله بخش چانڊيو ڳوٺ جمعو خان چانڊيو، تعلقو ۽ ضلعو نوشهروفيروز.
ابتدائي فارسي تعليم: مدرسه دارالتوحيد ڳوٺ يوسف ڪورائي ۽ مدرسه انوارالعلوم شهر مورو سنڌ ۾ حاصل ڪئي.
اعلى تعليم: يحى خان جي مارشلا کان چند ڏينهن اڳ حضرت علامه مفتي درمحمد سڪندري وٽ مدرسه صبغة الاسلام سانگهڙ شهر ۾ داخل ٿي اتي ڪجهه مهينن ۾ باقي رهيل فارسي ڪورس مڪمل ڪيو.
۽ اعلى عربي جي تعليم جي شروعات ڪئي ، 1970ع ۾ مولوي عربي، 1971ع ۾ مولوي عالم عربي ۽ 1972ع ۾ مولوي فاضل عربي جا امتحان پاس ڪيا، ان وچ ۾ 1971ع ۾ حر مجاهد جي حيثيت سان سانگهڙ مان ڀرتي ٿي رحيم يار خان سانگي دڙي روڊ سان بارڊر تي جنگ ۾ حصو ورتو.
مارچ 1972ع ۾ شادي جي سنت به ادا فرمايائون ، 1975ع ۾ علوم عربيه ۽ اسلاميه جي حصول جي تڪميل تي دستاربندي ٿي.
مورو شهر جي اوڀر پاسي جي حسناڻي چانڊيه قوم جي پنجن ڇهن ڳوٺن مان پهريون ۽ بهترين عالم دين هجڻ جي به کين سعادت حاصل آهي.
مورو کان اولهه ڳوٺ صاحب خان چانڊيو (مَچُر) مان موجوده دور ۾ ٻه عالم مولانا غلام رسول چانڊيو ۽ مولانا عبدالرشيد سڪندري ولد صاحب خان چانڊيو عالم ٿي گذريا آهن هن وقت سندن برادري جا ڪافي عالم ۽ حافظ سڪندري موجود آهن جيڪي مختلف هنڌن تي دين متين جي خدمت ۾ مصروف آهن.
سندن اساتذه ڪرام:
مفتي در محمد سڪندري،حضرت علامه تقدس علي خان بريلوي رحمة الله عليه، حضرت علامه محمد صالح مهررحمة الله عليه، حضرت علامه ڪريم بخش دايورحمة الله عليه، حضرت علامه قاري عبدالرزاق نقشبندي رحمة الله عليه (جامعه مجدديه رڪن الاسلام)، قاري محمد طفيل نقشبندي رحمة الله عليه، حضرت قاري محمد حنيف سعيدي رحمة الله عليه وغيرهم.
بيعت: دوران تعليم محسن قوم وملت اعلى حضرت سيدنا پير سيد شاه مردان شاه ثاني (ڇٽ ڌڻي) رحمة الله عليه جي دست حق پرست تي بيعت جو شرف حاصل ٿيو.
سندن اولاد: اولاد ۾ پنج فرزند ۽ چارنياڻيون آهن، ٽي فرزند شادي شده بااولاد قاري ۽ عالم هڪ فرزند آرمي ۾ هڪ ننڍو اٺين ڪلاس ۾ آهي.ٻه نياڻيون تنظيم المدارس جي مقرره نصاب جي تڪميل ڪري عالمه آهن ، پندرهين صدي جو هي پهريون سنڌي عالم آهي جنهن جون ٻه نياڻيون سڀ کان پهريان 2005ع ۽ 2006ع ۾ عالمه جو ڪورس مڪمل ڪري چڪيون آهن.
چار ئي نياڻيون به شادي شده آهن.
عملي زندگي:
10 جون 1983 ع ۾ اوقاف ۾ امامت ملي، 23 اپريل 1986ع ۾ محڪمه تعليم ۾ عربي ٽيچر ٿيا بهتر ڪارڪردگي سبب محڪمه اوقاف کين نه ڇڏيو ۽ پارٽ ٽائيم فڪس تحت سندن ديني خدمتن مان فائدو حاصل ڪندو رهيو، ان دوران 17 نومبر 1993 کان 28 فيبروري 1994ع تائين جامع مسجد درگاهه ڀٽ شاهه ۾ پڻ خطابت جا فرائض انجام ڏنا.
1994ع جي آخر ۾ اوقاف کي خير باد چيائون.
عربي استاد جي حيثيت دوران 1987ع کان 1992ع تائين عربي اساتذه يونين جا ضلعي صدر رهيا، 1992ع کان 2003ع تائين ڊويزنل صدر رهيا،۽ جواني ۾ ينگ چانڊيو ويلفيئر ايسوسي ايشن قمرآباد جا چيئرمين پڻ رهيا، 2004ع ۾ کين حج جي سعادت لاءِ خوشخبري جو پروانو مليو ته يونين جي ڪمن کان دستبردار ٿي ويا، حج جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس ٿيڻ شرط اپريل 2004ع ۾ مدرسه امام العلوم سڪندريه سليمانيه ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ قائم ڪيائون، 2011ع ۽ 2013ع ۾ الله تعالي کين زوجه محترمه سان گڏ عمره جي سعادت عطا فرمائي، الله تعالي جي فضل وڪرم سان جمعيت علماء سڪندريه ضلع حيدرآباد جا صدر رهيا ۽ 6 ذوالقعده 1425 هه جي شام 7 ذوالقعده جي رات جمعيت علماء سڪندريه پاڪستان جابلامقابله مرڪزي صدر منتخب ٿيا ۽ تاحال اها خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن عربي استاد جي حيثيت سان کين 18.
1989 تي 15 اسڪيل مليو، 1.
1992 تي 16 اسڪيل مليو 1.
1994 تي سليڪشن گريڊ 17 مليو 7.
2010 تي 18گريڊ مليو 18.
2010 تي 19 گريڊ مليو ۽ 04.
2014 تي رٽائرمنٽ ٿي.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان اسلامي پروگرام به ڪندا رهيا آهن، ڌوم ٽي وي تان پڻ اسلامي پروگرام نشر ٿيا آهن.
تصنيفات:
خمس وخمسون وصية (پنجونجاه هدايتون) احاديث جو ڪتاب
۽ مشکواة المصابيح جو ممحاة المقابيح نالي اڻ ڇپيل ترجمون ۽ شرح پڻ ڪيل آهي.
ماهانه الراشد ۾ ضياءُ القرآن جو سنڌي ترجمون پڻ شايع ٿي رهيو آهي.
ان کان علاوه مختلف اخبارن ۾ به سندن مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا.
اٺ پکي
اٺ پکي سڀ کان وڏو پکي آهي، دنيا ۾ موجود پکين ۾ اٺ پکي سڀ کان ڊگهو آهي ۔ عام طور تي اٺ پکي جو قد ڇهه کان اٺ فٽ هوندو آهي۔ هن جي ڊگهائي ۾ نمايان حصو هن جي چيلهه ۽ ٽنگن جو هوندو آهي۔ عام طور تي هن جو وزن وزن ٻه سو کا ٽي سو پائونڊ يا هڪ سو يا هڪ سو پنجاهه ڪلو گرام هوندو آهي۔ هن جا پر ڪمزور هوندا آهن۔ وزني جسم هجڻ جي ڪري هي پکي هجڻ جي باوجود اڏري نٿو سگهي.
قدرت هن ڪمزوري جي بدلي ۾ هن کي تمام مضبوط ٽنگون عطا ڪيون آهن ، جن سان هي بي حد تيز ڊڪي سگهي ٿو۔ عام طور تي هن جي رفتار ٽيهه کان پنجٽيهه ميل في ڪلاڪ هوندي آهي۔
هيءُ پکيءَ جو هڪ قسم آهي، پر هن جون ٽنگون ۽ ڳچي ڊگهي هئڻ ۽ وزن ۾ ڳرو هئڻ سبب هن کي ’-اٺ-‘ سان -تشبيهه- ڏيندي، ’-اٺ پکي-‘ چيو ويندو آهي.
فارسيءَ ۾ هن کي ’شتر مرغ‘ چوندا آهن.
ماڻهو هن تي سواري به ڪندا آهن.
حڪيمن موجب طبي لحاظ کان هن جو گوشت دير هضم ۽ نقصان ڏيندڙ آهي.
البته ڪن بيمارين ۾ -ان- جو استعمال ڪرايو ويندو آهي.
-جن- ۾ چٽي، نانگ جو ڏنگ وغيره شامل آهن.اٺ پکي جي مادي هڪ وقت ۾ ڏهه کان ٻارنهن آنا ڏيندي آهي۔ هڪ آني جو وزن تقريبن ٽي پائونڊ يعني ڏيڍ ڪلو گرام هوندو آهي.
دنيا ۾ موجود تمام پکين ۾ اٺ پکي جو آنو سڀ کان وڏو ۽ وزني هوندو آهي.
قرض
قرض مالياتي علم مطابق ھڪ اھڙي رقم جو نالو آهي جيڪا ڪنھن قرض ڏيندڙ کان ھڪ ڄاڻايل وقت لاء وياج جي شرح ۽ ادائيگي جي شرطن تي ورتي ويندي آهي جن تي قرض ڏيندڙ ۽ قرض وٺندڙ ٻنھي جو اتفاق ھوندو آھي ۽ جنھن جي لاء قرض جي ضمانت ڏنل ھوندي آھي.
قرض ڏيندڙ کي قرضدار (creditor) ، قرض وٺندڙ کي قرضي (debtor) سڏيندا آهن.
قرض مختلف قسمن جا ٿين ٿا جن جي درجابندي قرضي يا قرض خواھ جي نوعيت، قرض جي رقم جي استعمال، قرض جي مدي، ادائيگي جي طريقن، ڪفالت جي خاصيت، ذريعي، ماخذ ۽ قرض ۾ ڏنل ڪرنسي ۽ بحيثيت مجموعي شرطن ۽ ڪوائفن جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي.
جيڪو قرض بينڪاري واري نظام تحت بينڪ ڏيندي آهي ان کي رسمي قرض پڻ چوندا آهن.
هڪ واجب آهي جيڪو هڪ شخص ( قرضي ) جي ذمي هوندو آهي ڪنهن ٻئي شخص (قرض ڏيندڙ) کي ڏيڻ لاء؛ عام طور تي هي انهن ملڪيتن ۾ تي مشتمل هوندو آهي جيڪي قرض ڏيندڙ قرضي کي عطا ڪيون هونديون آهن، پر ان اصطلاح کي محاورۃً اهڙي اخلاقي واجبن لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي جن جو ڪو اقتصادي قدر نه هوندو آهي.
سھولتي قرض.
سھولتي قرض (accomodation loan) ھڪ اھڙو قرض ھوندو آھي جيڪو خيرسگالي طور يا مدد خاطر بغير ڪنھن ظاھري عيوض يا بدل جي مالي مقصدن جي لاءِ سھولت مھيا ڪرڻ خاطر ڏنو ويندو آهي.
ان کي سرعي (تڪڙو) تناسب پڻ سڏيندا آهن.
ملڪي قرض.
ملڪي قرض يا ڊوميسٽڪ لون اھڙي قرض کي چون ٿا جيڪو مقامي ڪرنسي ۾ انھن شرطن ۽ ڪوائفن جي مطابق ڏنو وڃي جيڪي مقامي مارڪيٽ ۾ رائج ھجن.
ڀلي اھو قرض مقامي بينڪ کان ورتو وڃي يا ڪنھن ٻاھرين ملڪ جي بئنڪ جي شاخ مان ان سان ڪو فرق نہ ٿو پئي يعني ذريعو ان جي خصوصيت کي تبديل نہ ٿو ڪري.
غير ملڪي قرض.
غير ملڪي قرض يا فارين لون اھڙو قرض آھي جيڪو غير ملڪي ڪرنسي ۾، ان ڪرنسي واري ملڪ جي مارڪيٽ جي شرطن ۽ ڪوائفن جي آڌار تي ڪنھن بہ بينڪ کان ورتو ويو ھجي چاھي اھا بينڪ ان ڪرنسي واري ملڪ جي ھجي يا نہ ان سان ڪوبه فرق نہ ٿو پئي.
اھڙن قرضن جي ادائيگي ان غير ملڪي ڪرنسي ۾ ٿيندي آهي جنھن سبب قرضي ۽ قرضدار بينڪ کي زر مبادلا جي شرحن ۾ تبديلين جي خطرن کي منھن ڏيڻو پوندو آھي ۽ انھن کي زر مبادلا جي ڏي وٺ وارن قائدن ۽ ضابطن جو پورائو ڪرڻو پوي ٿو.
قرض جي مدت.
تجارتي مالياتڪاري لاء 90 ڏينھن کان 180 ڏينھن تائين ، يا مستحڪم ڪاروبار ۾ ھڪ سال تائين، يا گردشي قرضن ۽ 90 ڏينھن جي لاء اوور ڊرافٽ جي صورت ۾ قرضن کي گھٽ مدت وارا قرض سڏيو ويندو آهي.
ھڪ سال کان ٽي سالن تائين وارن قرضن کي وچولي يا درمياني مدت وارا قرض سڏيندا آهن.
ٽي سالن کان پنج سالن تائين يا ان کان بہ وڌيڪ مدي لاء ڏنل يا ورتل قرضن کي ڊگھي مدت وارا قرض سڏيندا آهن.
قرضن جا ٻيا قسم.
روزاني ڪاروبار جي ضرورتن جي پورائي لاء ڏنل قرضن کي ڪاروباري قرض سڏيو ويندو آهي.
بينڪن جي وھنوار جو وڏو حصو انھن قرضن جاري ڪرڻ تي مشتمل ھوندو آھي.
زرعي، صنعتي، آمدورفت جي ذريعن وارا قرض يا مخصوص ڪاروبار يا پيداواري شعبن متعلق قرضن کي شعبه جاتي قرض (sectoral loans) سڏيندا آهن جيڪي ڊگھي مدت وارا قرض ھوندا آھن ۽ اھي مارڪيٽ جي شرطن مطابق يا شرطن جي غير مطابق ڏنا ويندا آهن.
ھڪڙا قرض صارفي قرض (consumer loans) سڏبا آھن جيڪي گھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي پنھنجي گھرو ضرورتن لاءِ خريداري جي سلسلي ۾ ڏنا ويندا آهن.
رھائشي يا تجارتي ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ ڊگھي مدت وارن مروج وياج جي شرح تي ان ملڪيت جي مالڪي جي حق جي ڪفالت جي بنياد تي ڏنل قرضن کي جائيداد وارا قرض (real estate loan) سڏيو ويندو آهي.
آھي گروي وارا قرض پڻ سڏبا آھن.
قرضي ماليات.
قرضي ماليات يا لون فنانسنگ جو مطلب اھڙي رقم آھي جيڪا بطور قرض ڪنھن ڪاروبار يا ڪمپني م سرمائيڪاري جي لاء حاصل ڪئي وئي ھجي.
اھڙي رقم جيڪا ڪمپني جي حصن، اسٽاڪ، ضمانتن جي خريداري جي لاء بطور قرض حاصل ڪئي وئي ھجي.
ان قرض جو مدار سرمائيڪارن جي ضرورتن تي ھوندو آھي.
کيرٿر نيشنل پارڪ
کيرٿر نیشنل پارڪ 1192 هم چورس ميلن ۾ پکڙيل قدرت جو هڪڙو حيرت جهڙو جهان آهي.
جنهن ۾ دنيا جي ناياب نسل جا جانور sindh ibex (سرهه)،urial (گڊ) ۽هرن آل جال پهاڙن جي کليل فضائن ۾ پوري آزاديءَ سان رهن ٿا.
هي پارڪ، حيدرآباد کان، 130 ڪلوميٽر ۽ ٿاڻي بولاخان کان 80 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي وقع آهي.
ٿاڻي احمد خان کان پوءِ، کيرٿر ڏانهن اچڻ لاِ رستو پهاڙي، پيچري نما، ۽ کڙ ٻڙ آهي ۽ اڪثر هندن تي ان رستي جي ڀرسان وڏيون وڏيون کايون به موجود آهن.
کيرٿر نئشنل پارڪ جو ڪجهه حصو ضلعي ڄامشورو ۽ ڪجهه حصو ڪراچي ضلعي ۾ آهي ۽ هن عجيب و غريب پارڪ کي 1972ع ۾ ملڪ جي اُن وقت جي وزيراعظم ذولفقار علي ڀٽو صاحب جي دور ۾ اقوام متحده جي بين الاقوامي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ اُن لسٽ ۾ هاڻي هن پارڪ سميت دنيا جا صرف چار اهڙا وڏا قدرتي پارڪ رجسٽرڊ آهن.
· کيرٿر نئشنل پارڪ، سنڌ سرڪار جي فاريسٽ ۽ وائلڊلائيف کاتي جي موجوده سُڄاڻ ۽ سرگرم سيڪريٽري محترم سائين شمس الحق ميمڻ صاحب جي ڪڙي نظر واري مسلسل چوڪسيءَ ۽ اعليٰ انتظامن باعث، سياحن لاءِ هاڻي صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڏسڻ جهڙي جاءِ بنجي چڪو آهي ۽ سندن ايامڪاريءَ واري هن عرصي دوران هي پارڪ نه فقط رهزن ۽ چور شڪارين کان گهڻيءَ حد تائين محفوظ آهي، پر سندن پاران سخت تحفظ سبب چئن پنجن سالن جي مقابلي ۾ ناياب نسل جا اُهي جانور ، جيڪي محض ڪجهه سَون جي تعداد ۾ وڃي بچيا هئا، هاڻي انهن جو انگ اٺن هزارن جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جن ۾ سرهه (Ibex) پنج هزار ۽ گڊ (Urial) ۽ هرڻ ٽي ٽي هزار Observe ڪيا ويا آهن.
اندازو آهي ته انهن جانورن کي پهاڙن ۾ آزاديءَ سان گهمندي فرندي ڏسڻ لاءِ سال دوران هڪ سو پنجاهه ،سياح، ايندا رهيا آهن.
· سرهه(Sindh Ibex) شڪل شبيهه ۽ هڏ ڪاٺ ۾ پهاڙي ٻڪر يا هرڻ وانگر ٿيندو آهي.
اُن جو رنگ پهاڙن جي رنگ سان مشابهه يعني، برا.ئون، ٿئي ۽ جسم چلڪڻو ۽ پري کان اُس ۾ ريشم جي ٿانو وانگر ڏيکائي ڏيندو آهي.
سڱ سرهه جا ڪارا، پٺتي ۽ گولائيءَ مائل ۽ اوچا ٿيندا آهن، ۽ ان جي منڍيءَ (Head) جو مائونڊ ٺهرائي شڪار جا شوقين ماڻهو، پنهنجن اوطاقن جي ديوارين تي (Trophy) طور سجائيندي، فخر محسوس ڪندا آهن.وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ کان اڳواٽ پرمٽ کان سواءِ، ڪنهن جانور جو شڪار ته ڇا، کيرٿر جي رينج مان ڪنهن سُڪل وڻ وڍڻ جي به اجازت ڪانهي.
شڪار لاءِ سال ۾ فقط هڪ دفعو سيزن مقرر آهي.
ان کان سواءِ شوقيه شڪاري هتي شڪار نٿا ڪري سگهن.
Sindh Ibex ، سڀاو جي لحاظ کان پهاڙ جي مڇيءَ وانگر.
کيرٿر جي هن آب هوا کان ٻاهر، زندگي، هو گذاري ئي ڪونه سگهندو آهي، هنن پهاڙن مان ڪڍي اُن کي مصنوعي ماحول ۾ پالڻ جي ڪيئي دفعا ڪوشش به ڪئي وئي آهي، پر بچي نٿو، مريو وڃي!
مطلب ته Captive ناهي.
نهايت ڊڄڻو جانور آهي.
۽ گوليءَ جي ٺڪاءُ ته پري جي ڳالهه ٿي، انسان جي پيرن جي ڇاپ يا، بوءِ باس ، تي ئي ڀؤ ۾، لڪي، ڇَپ هڻي، ڪٿي غفائن ۾ وڃي ويهي رهندو آهي، ۽ ڏينهن جا ڏينهن، اُتان نڪرندو ئي ڪونهي!
کيرٿر جي سياحت لاءِ موسم اڌ آڪٽوبر کان ويندي نومبر کان مارچ جي وچ تائين نهايت موزون هوندي آهي، جو مئي مهيني کان پوءِ پهاڙ تپڻ شروع ٿيندو آهي، پر هنن اڻلڀ جانورن کي ڏسڻ لاءِ ،شوقين سياح، اهڙن گرم ڏينهن ۾ به ايندا آهن، جو گرميءَ سبب جانور پاڻيءَ جي تلاش ۾، هيڏانهن هوڏانهن سرگردان هوندا آهن ۽ سولائيءَ سان نظر اچي ويندا آهن.
کيرٿر جي حدن اندر مختلف ذاتين وارا ويهه هزار کن ماڻهو آباد آهن، جن مان لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو همراهه وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ ۾ جانور ۽ پکين کي شڪارين کان بچائڻ لاءِ چوڪسيءَ ۽ نگهداشت واري ڪم لاءِ مقرر ٿيل آهن.
ڪوهستان جي هن رينج ۾ پاڻي زمين مان 35 کن فوٽن تان مليو ٿو وڃي (۽ ڪٿان مٺو ٿو نڪري ته ڪٿان ٻاڙو).
جانورن ۽ پکين کي پائيپ لائين جي ذريعي.
هنن جي مخصوص ٿا ڪن تائين پاڻي پهچائڻ جو انتظام، وائيلڊ لائيف کاتي پاران ڪيل آهي (۽ سچ پچ ته ڏاڍو سُٺو ڪيل آهي!
کيرٿر ۾ شڪار جا قاعدا قانون هن طرح آهن ته مادي ڪنهن به جانور جي ناهي مارڻي ننڍا جانور به مارڻ جي اجازت ڪانهي.
شڪار صرف چاليهن انچن کان وڏن سڱن واري جانور جو مقرر آهي ۽ ان کان گهٽ جو قطعي نه!
پيٽرولنگ، کيرٿر نئشنل پارڪ جي چوويهه ئي ڪلاڪ ٿئي ٿي.
۽ ان لاءِ ٽي گاڏيون ڏينهن، رات چوڪسيءَ ۾ چوطرف ڦرنديون رهن ٿيون، ۽ ڪو به چور شڪاري اُنهن جي تيز نظر کان بچي نٿو سگهي.
وهب بن عبد مناف
وهب بن عبد مناف
انهن جو شجرو نسب هي آهي
وهب بن عبد مناف بن زهرۃ بن ڪلاب بن مرۃ.
سندن جو قبيلو قريش هيو ۽ بني زهره جا سرادار هيا قبل از اسلام.
پاڻ جناب سرور ڪونين جا نانا هيا ۽ سندن جو لقب ابو ڪبشه هيو ۽ جناب رسالتمآب جي ظهور کان بعد سندن کي ماڻهو ابن ابو ڪبشه چئي ڪري پڪاريندا هيا.
والده ماجده جي طرف کان حضور صلی اللہ علیہ وسلم جو شجرو نسب هي آهي.
حضور عليه الصلوۃ والسلام جي والدين جو نسب نامو ڪلاب بن مره تي ملي وڃي ٿو ۽ اڳتي هلي ڪري ٻئي سلسله هڪ ٿيبوڃن ٿا ، عدنان تائين سندن جو نسب نامو صحيح سندن سان گڏ باتفاق مؤرخين ثابت آهي ان کان بعد نالن ۾ ڪجهه اختلاف آهي ۽ حضور صلی الله عليه وسلم جڏهن به پنهنجو نسب نامو بيان فرمائيندا هيا ته عدنان تائين ذڪر فرمائيندا هيا.
( ڪرماني بحواله حاشيه بخاري جلد اول صفحہ 543 )
پر هن تي تمام مورخين جو اتفاق آهي ته عدنان حضرت اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان آهي ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام حضرت ابراهيم عليه السلام جو فرزند ارجمند آهي.
رياست
سياسي طور تي هڪ منظم ملت جيڪا گھڻو ڪري آزاد هوندي آهي ۽ ان جي قبضي ۽ استعمال ۾ هڪ مستقل ۽ متعين علائقو هوندو آهي پر وفاقي جمهوريه جو ڪو حصو هن هيٺ نٿو اچي ، خواه اهو رياست ئي چورائيندو هجي، جيئن گڏيل آمريڪي رياستون يا ڀارت جي ڪا رياست يا صوبو۔ وفاق ۾ شامل رياستون صرف اندروني معاملن ۾ خود مختيار هونديون آهن۔ ٻاهريان معاملا ، ڪرنسی ، دفاع وغيرہ تي وفاق يا مرڪز جو ڪنٽرول هوندو آهي۔
رياست جو ٺهڻ.
رياست جو قيام ان لاء عمل ۾ آندو ويندو آهي ته مخصوص علائقي ۾ آباد فردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو پورو پورو موقعو ملي ۽ هو امن ۽ سڪون جي فضا ۾ پنهنجيون زندگيون گزاري سگهن.
شهري رياست.
ڪنهن به حڪومت، وفاق يا قوم جي هٿ هيٺ قائم ٿيل هڪ سياسي ايڪو، جيڪو مرڪزي اختيار ۽ جائز طاقت جي ذريعي خاص علائقي جو ڪاروهنوار هلائي سگهي.
رياست جي بنيادي جزن ۾ بين الاقوامي طور تسليم ٿيل حد بندين تي ٻڌل علائقو، علائقي مٿان مڪمل اختيار، موچاري انگ ۾ آبادي، معاشي سرگرمي ۽ واپار ، صحت ۽ تعليم سميت مختلف سماجي سرشتا هلائيندڙ انتظامي ڍانچو شامل آهن.
رياست جي مک ادارن ۾ انتظامي ڪامورا ، عدالتون، قانون جوڙيندڙ ۽ لاڳو ڪرائيندڙ ادارا ، سياسي/ مذهبي جماعتون ۽ ٻيا شعبا موجود هوندا آهن.
رياست جي اداري جي شروعات آڳاٽي زماني کان ٿيل آهي، پر عام طرح يونان جي ’شهري رياستن‘ (700-338ق-م) کي ابتدائي ۽ منظم رياستي ڍانچي طور تسليم ڪيو وڃي ٿو.
ان سرشتي کي پوءِ رومي، ايراني، هندوستاني، اسلامي ۽ يورپي معاشرن نوان لاڙا ڏنا.
صحافت
صحافت (Journalism) ڪنهن به معاملي جي باري ۾ تحقيق ۽ پوء انکي آواز، تصوير يا تحرير جي شڪل ۾ وڏي پيماني تي پڙهندڙن، ناظرين يا سامعين تائين پهچائڻ جي عمل جو نالو آهي۔صحافت جو پيشو ڪرڻ واري کي صحافي چيو ويندو آهي۔ تڪنیڪيي لحاظ سان صحافت جي شعبي جي معنيٰ جا ڪافي جزا آهن پر سڀ کان اهم نڪتو جيڪو صحافت سان منسلڪ آهي اهو عوام کي باخبر رکڻ جو آهي۔ ادارا جيئن حڪومتي ادارن ۽ تجارت جي باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ کان علاوه صحافت ڪنهن به معاشري جي ڪلچر کي به اجاگر ڪندي آهي جنهن ۾ فنون لطيفه، راند ۽ تفريخ جا جزا شامل آهن۔ صحافت جي شعبي سان منسلڪ ڪمن ۾ ادارت، تصويري صحافت، فيچر ۽ ڊاڪيومينٽري وغيره بنيادي ڪم آهن۔
1605ء ۾ ڇپجڻ واري اخبار، "Relation aller Fürnemmen und gedenckwürdigen Historien" دنيا ۾ پهرين اخبار شمار ڪئي ويندي آهي۔ دنيا جي سڀ کان پهرين انگريزي اخبار جيڪا 1702ء کان 1735ء تائين جاري رهي، پهرين مقبول ترين اخبار سمجھي ويندي آهي۔صحافت، لفظ صحيفيٰ مان اخذ ٿيل آهي.
صحافت ۾ روزمره جي زندگيءَ جا واقعا، حالتون ۽ روزمره جي گهٽنائن کان عوام کي واقف ڪرايو ويندو آھي، عام طور اخبارن ۾ مقامي، ڏيھي ۽ پرڏيھي خبرن ڏيڻ سان گڏوگڏ سفرنامن جون قسطون، ايڊيٽوريل، ڪالم، مختلف ڏڻن تي نڪتل خاص اشاعتون ۽ خاص نمبر وڏو ادبي مواد مھيا ڪيو ويندو آهي.
صحافت جا ٻه قسم آھن ھڪ پرنٽ ميڊيا (Print Media)، ٻيو برقي/ اليڪٽرانڪ ميڊيا (Electronic Media).
صحافت کي ستن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
روزاني اخبار، هفتيوار، پندرهن روزه، ادبي رسالا، ڊائجيسٽ، پيش ورانه يا خاص گروهه، ريڊيو ۽ ٽي وي جي صحافت.
جنهن زماني ۾ صحافت ، اخبارن تائين محدود هوندي هئي، تڏهن صحافت جو دائرو به اخبار نويسيءَ تائين هوندو هو، پر هاڻي صحافت کي خبرن، تبصرن ۽ تجزين، ڪالمن، مضمونن ۽ فيچرن تائين محدود رکي نٿو سگهجي، يا ان کي عوام۽ حاڪمن جي لاڳاپن ۽ رابطن جي پل واري حيثيت به ڏئي نٿي سگهجي، ڇو ته صحافت هڪ اهڙي ڪردار بنائڻ لاءِ ميدان تي آئي آهي، جيڪو قوم ۽ معاشري ۾ ساڃاهه (قوت تميز) وڌائي.
بري ڀلي جي تميز کان پوءِ درست ۽ سڌو رستو وٺڻ آسان ٿئي ٿو ۽ ان تي هلڻ قوم جي ضرورت به بنجي ٿو.
موجوده دؤر برقي صحافت (Electronic Media) جو دور آهي.
بيشمار ٽي وي چينل، انٽرنيٽ، موبائيل وغيره صحافتي زندگيءَ کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.
جديد دور ۾، صحافت مڪمل طور تي نئون رخ اختيار ڪري چکي آهي ۽ عوامي راء تي اثرانداز ٿي آهي۔ عوام جو وڏي پيماني تي اخبارن تي معلومات جا حاصل ڪرڻ جي لاء اعتماد صحافت جي ڪاميابي جو دليل آهي۔ هاڻي اخبارن سان گڏ وڏي پيماني تي عوام تائين رسائي ٽيليويزن، انٽرنيٽ ۽ ريڊيو جي ذريعي به ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڪري دنيا ۾ واقع ٿيڻ وارن واقعن جي باري ۾ معلومات جو حصول انتهائي آسان ٿي ويو آهي۔
رپوزتاز __( Reportage): رپوز تاز اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو انگريزي لفظ ’رپورٽ‘ سان گهرو واسطو آهي.
رپورٽ ڪنهن اچانڪ مسئلي جي هو بهو بيان کي چئبو آهي.
عام طور رپورٽ روزاني يا هفتيوار اخبار لاءِ لکي ويندي آهي، جنهن ۾ ادبي رس به هوندو آهي.
اکين سان ڏٺل واقعي جي دلچسپ نوع ۾قلمبند ٿيل رپورٽ، ”رپوزتاز“ بڻجي ٿي.
ليکڪ، رپوزتاز ۾ پنهنجي تصور جو استعمال نٿو ڪري سگهي.
رپورتاز ۾ ليکڪ کي ليکڪ ۽ فنڪار جو ٻٽو رول ادا ڪرڻو پوندو آهي.
ڪن خاص جلسن، ميلن، ٻوڏن، وچڙندڙ بيمارين ۽ جنگين وقت عوام جي ڏک سک کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي، سمجهي ۽ محسوس ڪري رپورتاز جي صورت ۾ جڏهن ليکڪ دل آويز رپورٽ قلمبند ٿو ڪري، تڏهن ئي هو پنهنجي ادبي تخليق ۾ عوام جي صحيح تصوير ٿو پيش ڪري.
غلامي
غلام ان کي چئبو آھي جنھن کي ڪنھن ٻئي ۽ انسان جي ملڪيت ۾ ورتو وڃي.
1960ع ۾ پنڊت جواهرلال نهروءَ هي انڪشاف ڪيو ته ’چين ۽ برما‘ جي سرحدي علائقن ۾ اڄ به، غلامي رائج آهي.
انهن حقيقتن جي سامهون اچڻ سان ئي.
ذهن اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي، ته انهن ترقي يافته ملڪن ۽ عيسائي پيشوائن، محض معاشره جي اصلاح، انساني فلاح و بهبود جي خاطر ئي غلاميءَ کي فروغ ڏنو آهي!
هرگز نه، ڇو ته، اهي قومون جن جو مذهب عيسائي آهي، غلامن جي تجارت وڏي پيماني تي ۽ سربازار ڪنديون هيون.
انهن قومن جي بادشاهن، قانوني طور غلامن جون قيمتون مقرر ڪيون، ته جيئن واپار جومعيار هڪ رهي.
“ سيد امير علي فرمائي ٿو ته: ”روم ۾ عام طور تي هي دستور هوندو ته جڏهن ڪنهن غلام جي ڌيءَ جي شادي ٿيندي هئي ته پهرين رات آقا سان هم بستري ٿيندي هئي، انهيءَ شرمناڪ حرڪت مان عيسائي بشپ به دامن نه بچائي سگهيا.
“ ”سينٽ آگسٽن غلاميءَ کي انساني گناهن جي سزا لاءِ هڪ قدرتي نظام قرار ڏنو آهي؛ جنهن جي برائي ڪرڻ به برائي سمجهي وڃي ٿي.
ھربرٽ اسپينسر پنهنجي ڪتاب "پرنسپلز آف سوشالاجي" ۾ لکي ٿو ته: ”غلاميءَ کان بغير سياست جو مرحلو تڪميل تي نٿو پهچي سگهي.
“ ”الفريد لکي ٿو ته: رياستهائي متحده آمريڪا ۾ کيس وحشت انگيز نطارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪنهن به آمريڪيءَ لاءِ باعث فخر ڪونہ آھن.
هنن وٽ هڪ قانون هوندو هو ته ڪو به نيگرو (شيدي) ڪنهن سفيدفام عورت سان نه ڪو ملي ٿو سگهي ۽ نه ڪو شادي ڪري ٿو سگهي.
اگر ڪو اهڙو واقعو ٿي پيو ته پوءِ انهيءَ غريب کي تارڪول سان ليپ ڏئي ائين جلايو وڃي ٿو جيئن چراغ جلي!
۽ مزو اهو ته آفريڪي حڪومت کي پڻ مجبور ڪيو ويندو ته هن موقعي تي پنهنجو ڪو نمائندو موڪلي!
“ ”مذهب ۽ اخلاق جي انسائيڪلو پيڊيا“ جي تحقيق موجب، ”غلامي هڪ معاشرتي رواج آهي، جنهن جي باعث هڪ شخص ٻئي جي ملڪيت ٿي وڃي ٿو.
“ اين-گلبرسٽن، غلاميءَ جي عام پسنديده تعريف هيءَ ٿو ڪري ته، ”هيءَ هڪ اها طاقت آهي جا لامحدود آهي.
“ غلاميءَ جي مٿي ڪيل تعريف انهيءَ معاشرتي رواج جي تعريف آهي جو غير اسلامي معاشري ۾ عام هو.
انهيءَ جو اُن غلاميءَ يا اُن معاشرتي رواج سان ڪو به واسطو ڪونهي، جنهن جي اسلام بحالت ِ مجبوري اجازت ڏني آهي.
“ ”غير مسلم قومن ۽ انهن جي معاشري، پنهنجي گذريل تاريخ ۾ جنهن غلاميءَ جو تجربو ڪيو آهي، ان جو تصور يقيناً، هيبت ناڪ آهي.
تڏهن ته غلاميءَ جي نالي ايندي ئي مغرب زده ۽ غير مسلم اهو سوچڻ لڳن ٿا ته هڪ نهايت ئي لاچار ۽ مجبور جانور تي ڦٽڪا لڳايا پيا وڃن، انهن کان هر جائز ۽ ناجائز ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
انهيءَ کي هر قوم روا رکيو، مگر اسلام جو دامن اهڙي غير انساني سلوڪ کان پاڪ آهي.
مقصد اهو آهي ته اسلامي ۽ غير اسلامي ذهن غلاميءَ جي باري ۾ به متضاد تصور پيش ڪن ٿا.
اسلام ۾ غلامي جو تصور.
سوره محمد‘ (صلي الله عليه وسلم) ۾ ارشاد خداوندي ٿئي ٿو ته ” قيدين تي احسان ڪريو يا معاوضو وٺي ڇڏي ڏيو ته جنگ موقوف ٿي وڃي.
“ هن سورة مان اها ڳالهه صاف ٿيو وڃي ته انهيءَ وقت تائين هو اسير رکي سگهجي ٿو؛ جيستائين اسلامي مفاد کي هن جي آزاديءَ مان خطري جو انديشو هجي، پر هن کي مستقل غلام نٿو بنائي سگهجي ۽ اهائي مشيت ِايزدي آهي.
حضرت عمر؛ عمرو بن العاس کي، جيڪو مصر جو گورنر هو، لکيو هو ته
هڪ حديث آهي تہ:
سبي
سبي پاڪستان جي صوبي بلوچستان جو هڪ شهر آهي ۽ ضلعي جو صدر مقام آهي۔ هن کي ضلعي جو درجو 1903 ۾ مليو۔ 1974 ۾ ضلعو نصير آباد ۽ ضلعو ڪوهلو ۽ 1983 ۾ ڊيره بگٽي ۽ 1986 ۾ ضلعو زيارت ٺاهڻ جي لاء هن کي ورهايو ويو۔
سبي، پاڪستان جو گرم ترين علائقو آهي جتي گرمين ۾ گرمي پد 50 ڊگري کان به مٿي هليو ويندو آهي۔
تاريخ
سيوي (هاڻي سبي)
سيويءَ ۾ مضبوط قلعو هوندو هو ۽ اهو به سنڌ جي حدن اندر هو.
سنه 925هه (سنه 1519ع) ۾ مرزا شاه بيگ ارغون قنڌار مان سيويءَ تي ڪاهه ڪئي.
اتي جو حاڪم تڏهن پيرولي برلاس هو.
انهيءَ کي فتح پور۾ شڪست ڏيئي سيويءَ ۾ رهي پيو ۽ اتي گهڻيون عمارتون ۽ باغ جهوڙايائين ۽ پوءِ موٽي قنڌار ويو.
سنڌ ۾ تڏهن ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين حاڪم هو.
انهيءَ جي پاران دريا خان مغلن سان وڃي وڙهيو، پر ڄام نندي جي مرڻ ڪري سنڌي موٽي ٺٽي آيا ۽ مغل پرتي ويا.
ٻئي سال ۾ جڏهن ڄام فيروز سنڌ جي گاديءَ تي هو، تڏهن مرزا شاه بيگ پنهنجي ڀاءُ کي سيويءَ ۾ ڇڏي پاڻ لشڪر وٺي سنڌ ڏي آيو ۽ باغبان مان لنگهي ٺٽي جي ويجهو آيو، جتي ڄام جي پاران دريا خان اچي ساڻس وڙهيو ۽ مارجي ويو.
پوءِ ٺٽو ڄام فيروز کي ڏيئي شاه بيگ موٽي سيوي ۽ شال ۾ آيو.
سنه 930هه (سنه 1023ع) ۾ مرزا شاهه حسن بکر مان سيويءَ ڏي ويو، جو اُتي ارغونن ۽ هزارا واريءَ قوم جو تڪرار ٿي پيو هو.
اُتي تڪرار لاهي، سيويءَ جي قلعي جي ازسير نو مرمت ڪرائي، پنهنجا نائب ويهاري، موٽي بکر آيو.
سنه 961هه (سنه 1553ع) ڌاري مرزا شاه حسن بکر تي مير شاه محمود کي مقرر ڪيو.
سلطان محمود خان تڏهن سيويءَ ۾ هو.
بکر ۾ فساد ٿيڻ تي ماءُ جي پيغام پهچڻ شرط سلطان محمود خان آيو ۽ بکر جو ڪوٽ هٿ ڪيائين ۽ ٻين کي هڪالي ڪڍيائين.
سنه 1069هه (سنه 1684ع) ڌاري ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني هو، تنهن جي ميان سان جنگ لڳي، پر سگهو ئي سندن وچ ۾ صلح ٿيو ۽ ميان نصير محمد دهليءَ جي بادشاه اورنگزيب عالمگير ڏي ويو.
پوءِ به پني جا افغان سيويءَ ۽ شڪارپور جا حاڪم ٿيندا آيا.
سنه 1224هه (سنه 1712ع) کان پوءِ جڏهن شاهزادو معزالدين سنڌ ۾ آيو، تڏهن ڪلهوڙا شاهي لشڪر سان وڙهيا ۽ ميان دين محمد گرفتار ٿيو.
شاهزادي سيويءَ جي حاڪم بختاور خان کي مارائي غازي خان دودائي کي اتي مقرر ڪيو ۽ سگهوئي انهيءَ کي برطرف ڪري انهيءَ جي ڀاءُ مَلَڪ الهه بخش کي رکيائين ۽ پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان ناهرن کي؛ پر انهن مان ڪنهين ڪين خاطريءَ جهڙو بندوبست رکيو، تڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي کي خدا يار خان جو خطاب ڏيئي سيويءَ جو حاڪم ڪيائين.
ميان سيويءَ تي پهرين پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي رکيو، ۽ پوءِ محمد داؤد خان کي.
رحيم خان پرانڪ ۽ دولت خان پني فساد ڪيو، پر اُهي سڀيئي سزاياب ٿيا.
پوءِ به گهڻن ڏينهن تائين داؤدپوٽن ۽ ڪلهوڙن سرائين جي وچ ۾ جهيڙو هليو؛ پر نيٺ ڪلهوڙا زور وٺي ويا.
سنه 1142هه (سنه 1729ع) ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ مراد ڪيلري گنجو، سيويءَ جو حاڪم ٿيو، جنهن اتي جي سردارن قيصر خان مگسي گنجابه يا گندا واهه واري کي ۽ ميري رند شورڻ واري کي ۽ بهرام لاشاري سيويءَ واري کي ۽ ميري بلري ڪجيءَ واري کي ۽ ٻين کي ماري مڃايو.
سنه 1151هه (سنه 1738ع) ۾ جڏهن نادر شاهه سنڌ ۾ آيو، تڏهن شڪارپور دائودپوٽن کي ڏنائين ۽ سيوي افغانين کي، جيئن ڪي ورهيه اڳي هوندو هو.
بُت يا صنم هڪ تصوير يا مادي شيء هوندي آهي جيڪا ڪنهن خدائي جي نمائندگي ڪندي آهي جنهن جي نالي مذهبي پرشتش ڪئي ويندي آهي۔ عام زندگي م بُت اهڙي شيء کر چيو ويندو آهي جنهن جي انڌي ستائش، تعظيم ۽ عقيدت ڪئي وڃي۔
بدن، جسم، -پٿر-، مٽيءَ، ٽامي، پِتل وغيره مان ٺهيل بوتو.
هيءُ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو -ٽن- معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي: مندر، پگوڊا ۽ ٻُڌ، ڪنهن به بُت جي لاءِ ضروري ناهي ته اُهو ٻُڌ جو ئي هجي.
پگوڊا جي معنيٰ ۾ -ان- جي استعمال جو نمايان مثال ”عجائب الهند“ ۾ ملي ٿو.
الجاحظ، المسعوديءَ، البيرونيءَ ۽ شهرستانيءَ جهڙن مصنفن به ”بُت“ جي معنيٰ -ٻڌ- يعني گوتم ٻُڌ ڪئي آهي.
ملتان جو پرهلاد مندر، جيڪو ”سون جي گهر“ جي نالي سان مشهور هو، -ان- جي -باري- ۾ المسعودي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته هندن جي حساب موجب ٻڌ
جو ظهور ڪروڙين سال پهرين ٿيو هو.
البيرونيءَ کي -برهمڻ- -بت- جي -باري- ۾
ته سٺي معلومات هئي، ليڪن -ٻڌ- جي -باري- ۾ کيس خبر ڪانه هئي.
علامه شهرستاني، -ٻڌ- ۽ اُن جي سکيا جي تعريف هن طرح ڪري ٿو ته ”-ٻڌ- هن ئي دنيا جو هڪ فرد آهي، جيڪو نه ته پيدا ٿئي ٿو، نه ڪي شادي ٿو ڪري، نه کائي پيئي ٿو، نه پوڙهو ٿئي ٿو، نه مري ٿو.
پهريون -ٻڌ-، هجرت نبويءَ کان پنج هزار سال اڳ ظاهر ٿيو هو، -ٻڌ- جي پيروڪارن جو عقيدو آهي ته دنيا کي دوام حاصل آهي ۽ -انسان- پنهنجي اعمالن جي سزا جزا ٻي زندگيءَ ۾ حاصل ڪري ٿو.
مسلمانن جي معلومات -ٻڌ- جي -باري- ۾ بلڪل ابتدائي هئي، تنهن هوندي به هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته -جبل- آدم (سرانديپ) جي -باري- ۾ -ٻڌمت- جي هن روايت کي قبول ڪيائون، جنهن موجب -جبل- آدم جي چوٽيءَ کي گوتم -ٻڌ- سان نسبت ڏني وئي.
جيئن اڳ ذڪر اچي چڪو آهي ته ”ٻُڌ“ لفظ ڪڏهن ڪڏهن ”-بت-“ جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
الجاحظ، ”بدُکُويرُ“ کي ”ڪُوير جو بُت“ سمجهي ٿو.
صاحب ”-اخبار- الصين والهند“، ’بُد‘ کي ’بُت‘ ٻڌائي ٿو، جنهن جي هندستان ۾ پوڄا ڪئي وڃي ٿي ۽ -ان- تي ناريون صدقو ڏينديون آهن.
’الدمشقي‘ -ان- جو حال صحيح طرح سان قلمبند ڪيو آهي، ۽ خاص اُن پوڄا واري شيءِ ( يوني ۽ لنگم) کي ”بُد“ چيو آهي.
تاج جويو
سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر تاج جويو، سندس پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي.
هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاھہ (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو.
تعليم.
پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز‘ (پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين.
ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مِڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان موري سينٽر تي ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين.
مئٽرڪ جو امتحان وري اباڻي شهر سن (تعلقي ڪوٽڙيءَ) مان 1970ع ۾، ڪوٽڙي سينٽر تان ڏنائين.
هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نہ سگهيا ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، ايس.
وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ حاصل ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي.
اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاھہ مان ۽ ايم.
اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين.
ان کان سواءِ خانگيءَ طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين.
مُلازمتون.
22 آڪٽوبر 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مُقرر ٿيو.
مختلف اسڪولن (الهه بخش مري، امام بخش مري، مجيد ڪيرئي ۽ مشائخ مڊل اسڪولن) ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي.
سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ.
ايم.
خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ.
ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاھہ (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ اُستاد طور پڻ پڙهايائين ۽ اُن اسڪول جي باني استادن مان آهي.
تاج جويو 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مُقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جنوري 1984ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو.
اُتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، اُن بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو.
1996ع جي آگسٽ مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مُقرر ڪيو ويو.
پنج سال سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٽن چيئرمينن حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻُگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻُگهيي سان ڇھہ مهينا ڪم ڪرڻ بعد واپس گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور درس تدريس ۾ مشغول رهيو ۽ تازو ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مُقرر ڪيو ويو هئو.
بعد ۾ هو سنڌي لغات بورڊ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿيو جتان هن ذاتي سبب ڄاڻائي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.
هن مهل هو حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
ادبي سفر.
سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سال جو شاعريءَ جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو.
ڪتاب.
ان کان پوءِ سندس ڇپيل ڪتابن (طبعزاد ۽ ترتيب) جو تفصيل هن ريت آهي:
ان کان سواءِ تاج جويي، شاھہ عبداللطيف جي مختلف سُرن تي تحقيقي مقالن جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:
انهن ڪتابن کان سواءِ تاج جويو شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ طرفان 22 جلدن ۾ ترتيب ڏئي رهيو آهي، جنهن ڏس ۾ هن وقت تائين سندس ترتيب ڏنل شيخ اياز جي شاعريءَ جا پنج جلد ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل وِيهارو ڪتاب ڇپائيءَ جا مُنتظر آهن.
سنڌي ادبي سنگت.
ان علمي ۽ تحقيقي پورهئي کان سواءِ تاج جويي جو اهم ڪم ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تنظيم ڪاري آهي.
پاڻ اٺ سال (چار ڀيرا) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي، تنهن کان سواءِ مختلف سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي تنظيمن: سنڌ گرئجويئٽس ائسوسيئيشن شاخ سڪرنڊ جو سيڪريٽري (6 سال)، سگا مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري، پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن نوابشاهه جو سيڪريٽري ۽ خزانچي، سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ائسوسيئيشن جو مرڪزي پريس ۽ ثقافتي سيڪريٽري، سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ جو سيڪريٽري، لوڪ ورثي اسلام آباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي صلاحڪار بورڊن جو ٽن سالن لاءِ ميمبر، ’شيخ اياز چيئر‘ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو ٽي سال ميمبر، آغا خان يونيورسٽي جي سنڌي ٻولي پئنل جو ميمبر، سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر (6 سال)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر آهي.
مڃتائون.
کيس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ (بهترين شاعري: ”سوچون سرها گل“)، سنگت ايوارڊ 1997ع، ۽ 1999ع، (تنقيد ۽ تحقيق)، شاھہ لطيف آرٽ سرڪل موري ۽ سڪندر آرٽ گئلري، نواب شاھہ طرفان ايوارڊ، اسٽوڊنٽس زون ايوارڊ، (ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران ادبي خدمتن تي)، ع.
شيخ اوارڊ، ڪاروانِ ادب سنڌ پاران ٻہ ڀيرا ايوارڊ (تحقيقي ادب)، سچل سرمست ايوارڊ، شاھہ لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ، حمل فقير ايوارڊ، شيخ اياز مَڃتا شيلڊ، تنوير عباسي ايوارڊ، اُستاد بخاري ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، انيس انصاري ايوارڊ، اُڏيرو لال ايوارڊ ۽ ٻيا ڪئين ايوارڊ ملي چُڪا آهن.
ائٽم بم
ائٽم بم "هڪ جنگي هٿيار آهي.
انهيءَ جي تياري اهڙي اصول تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن ”فشن چين ريئيڪشن“ يعني ”ائٽم جي اُمکڻ جو لاڳيتو ردعمل“ شروع ٿئي ۽ بنا ضابطي جي جاري رهي، ته بي انداز گرميءَ جو مقدار خارج ٿئي ٿو.
يورينيم جي مايي جا ٻه سب ڪرٽيڪل (sub critical) مايا خالي ٽيوب جي ٻن ڇيڙن تي رکجن ٿا.
جڏهن به بم استعمال ڪرڻو هوندو آهي ته ٻنهي ڇيڙن تي رکيل ماين کي ڪنهن ڌماڪي خيز مايي وسيلي پاڻ ۾ ملائڻ سان ڪِرٽيڪل مايو ٺهي پوي ٿو، جنهنڪري بي ضابطه فشن چين ائڪشن شروع ٿيڻ جي ڪري بم ڦاٽي پوي ٿو.
ائٽم بم جي ڦاٽڻ ڪري ايتري ته گرمي پيدا ٿئي ٿي جو انهيءَ سان سڄو هڪ ننڍو شهر تباهه ٿي وڃي ٿو.
ائٽم بم يورينيم ۽ پلاٽينيم جهڙن وزني ڌاتن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي ڦاٽڻ سان تمام وڏو ڌماڪو ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ئي ميلن جو علائقو هر شيءِ سميت تباهه ٿي ويندو آهي.
هوا ۾ اٿندڙ دونهي سان گهيري ۾ آيل سمورا جاندار مري ويندا آهن ۽ وڻ زهريلا ٿي پوندا آهن.
بم ڦاٽڻ ۾ هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت لڳندو آهي
"ائٽم بم آئن اسٽائن ايجاد ڪيو هو.
ان جو پهريون تجربو 16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا جي علائقي نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڇهين آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي اڇليو ويو.
ان بم جو وزن نو هزار پائونڊ (20,000 ٽن) هو ۽ ان بم جو نالو ”لٽل بواءِ“ هو، جيڪو 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تان اڇليو ويو هو، جنهن سان هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مئا ۽ ايترا زخمي ٿيا هئا.
9 آگسٽ 1945ع تي ٻيو بم به جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ”نئٽ بواءِ“ معنيٰ ”ٿلهي ڇوڪري“ جي نالي سان اڇليو ويو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا هئا.
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس، انڊيا، چين، اسرائيل وغيره ائٽم بم ٺاهيا
"جڏهن ائٽم بم ٺاهيو ويو، تڏهن آئن اسٽائن جو خيال هو ته ائٽم کي توانائيءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو، پر پوءِ ائٽم بم جي ٺاهيندڙ، آئن اسٽائن، ان وقت پڇتايو هو، جڏهن آمريڪا، ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي استعمال ڪري، هن جي ايجاد کي انسان ذات جي ڀلائيءَ بجاءِ ان لاءِ هاڃيڪاريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو
بندوق
بَندُوقَ هڪ قسم جو بارودي هٿيار، جنهن ۾ گوليون يا ڪارتوس وجهي ڇوڙجن.
پهريون ڀيرو بارودي بندوقن واري دستي (جامڪي دار بندوقن) جي تشڪيل (جنوري 1517ع) شام ملڪ جي مملوڪ حڪومت ۾ نظر اچي ٿي.
ان وقت ان هٿيار جو نالو ”البندُوق الرصاص“ مشهور ٿيو هو.
دستي بندوق يعني بندوقيہ ۽ لفظ ”رصاصہ“ يعني گولي يا ڪارتوس واري بندوق.
ان کان پوءِ بُندقيہ ۽ بندقيات جا لفظ گهڻو استعمال ٿيا.
مملوڪين بندوق جو استعمال 1490ع ۾ ڪيو، ليڪن يورپ ۾ دستي بندوق جو استعمال 1365ع ۾ شروع ٿي ويو هو.
چئن صدين تائين بندوق جي استعمال تي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ ڌيان ڏنو ويو، فقط آلِ عثمان، بندوقن جي استعمال ۽ ان جي سپاهه کي وسيع پيماني تي تربيت ڏئي فوج جو اهم حصو بنائي ڇڏيو.
جڏهن ته مملوڪين ۽ عالم اسلاميءَ جي ٻين فرمانروائن ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
نتيجي طور اولهه ايشيا ۽ مصر جي مستقبل تي وڏو اثر پيو.
صرف اڍائي سالن (آگسٽ 1514ع کان جنوري 1517ع) ۾ عثمانين، صفوين کي شڪست ڏيئي مملوڪين جي سلطنت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سلطنت ۾ قديم اسلامي دنيا جا علائقا شامل ڪري ڇڏيا، جن تي انهن جو قبضو 20 صديءَ ۾ سندن سلطنت جي زوال تائين برقرار رهيو.
مختلف ماخذن موجب پهريائين 1422ع کان وٺي 1450ع تائين عثماني سلجوقين جنگين ۾ بندوق کان ڪم ورتو.
عثماني پنهنجي زيردست ملڪن مان بارود لاءِ لوهه، شيهو، ٽامو، گندرف ۽ اعليٰ قسم جي شوري جو خام مال حاصل ڪندا هئا، جيڪو جنگ لاءِ ضروري هوندو هو.
ان بعد سڄي يورپ ۾ بارود، بندوقن ۽ توپن ٺاهڻ جا ڪارخانا کلي ويا ۽ ملڪن جي سرحدن تي بارودي بندوقن جو رواج عام ٿي ويو، ويندي اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ تائين اهو سلسلو جاري رهيو.
سنڌ ۾ پهريون ڀيرو محمد بن قاسم، سنڌ جي راجا ڏاهر جي خلاف روغن نفط استعمال ڪيو، جيڪو سادو آتشين هٿيار هو.
تاريخ فرشته جي لکڻ موجب، محمود غزنويءَ هتي جنگ ۾ شوري (تيزاب) جو استعمال ڪيو.
اڪبر جي دور ۾ سڄيءَ سنڌ ۽ هند ۾ جامڪي دار بندوقون شروع ٿي چڪيون هيون.
بارودي هٿيارن جي سکيا لاءِ اورنگزيب پنهنجي لشڪر جي سپاهين جي تربيت لاءِ ترڪن، عربن ۽ پورچوگيزن کي به ملازم رکيو.
هن وقت دنيا ۾ بندوقن جا جيڪي نمونا هلندڙ آهن، تن ۾ هڪ نال واري بندوق ،دُنالي بندوق، ريپيٽر، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا قسم مشهور آهن.
ٽرئڪٽر
ٽرئڪٽر (Tractor) هڪ نهايت اهم زرعي مشين آهي، جيڪا زمين جي تياريءَ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.
ان کي ”مشيني ڍڳو“ پڻ چيو ويندو آهي.
زراعت جي ميدان ۾ زمين کيڙڻ، سنوارڻ، ٻنا ۽ ٻارا وغيره ٺاهڻ لاءِ، ٽرئڪٽر نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو آهي.
تاريخ.
1858ع ۾ پهريون دفعو ڊبليو.
ملر، ٻاڦ تي هلندڙ ٽرئڪٽر تيار ڪيو، جڏهن ته 1889ع ۾ چارٽر گيس انجن ڪمپنيءَ طرفان، تيل تي هلندڙ ٽرئڪٽر ٺاهيو ويو.
آمريڪا جي رياست ڪئليفورنيا ۾ سڀ کان اول هڪ وزندار لوهي ٽرئڪٽر ٺاهيو ويو، جنهن جو وزن 41 ٽن هو، جڏهن ته ان کان اڳ ٺاهيل ٽرئڪٽر، وزن ۾ هلڪا ۽ ڪاٺ جا ٺاهيل هئا.
اهڙيءَ طرح ٽرئڪٽر جي تياري، مختلف مرحلن مان گذرندي رهي ۽ آخرڪار 1922ع ۽ 1924ع جي عرصي ۾ هڪ ڪامياب ٽرئڪٽر وجود ۾ آيو، جيڪو هر قسم جي ٻني ٻاري ۾ استعمال ٿيڻ لاءِ ڪارگر هو.
ھن وقت.
هن وقت ٽرئڪٽر نه صرف ٻنيءَ ۾ هر هلائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، پر فصل کي لڻڻ، هڪ جڳهه کان ٻيءَ جڳهه تائين پهچائڻ ۽ فصلن کي ڦوهاري ڪرڻ، لاباري ڪرڻ، وائر ڪرڻ وغيره لاءِ به مددگار ٿيندو آهي.
ساڳيءَ طرح، ٽرئڪٽر جي ايجاد کان اڳ جڏهن ٻني ٻاري جا سمورا ڪم ڍڳن جا جوڙا ڪندا هئا، ته ان سان نه صرف هاريءَ کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي، پر وقت جو زيان به گهڻو ٿيندو هو؛ ان جي ڀيٽ ۾ ٽرئڪٽر جي ايجاد سان هڪ طرف هاري سرٽوڙ ڪم کان بچي ويا آهن، ته ٻئي طرف سندن وقت به بچي ٿو پوي.
ائين کڻي چئجي ته ٽرئڪٽر جي ايجاد، زرعي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.
بابري مسجد
بابري مسجد ايوڌيا اتر پرديش ڀارت ۾ ھڪ مسجد هئي.جا ارڙھين صديء کان مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ تڪرار جو موضوع بڻيل رهي.
تاريخي پسمنظر ۽ دعوائون.
مسجد جي ڀتين تي لکتن مطابق اها مسجد ٩٣٥ ھ موجب٢٩.١٥٢٨ع دوران مغل بادشاھ” بابر“ جي عهد ۾ سندس گورنر جنرل مير باقي ٺھرائي، جنهن کي بابر بادشاھ پٺيان بابري مسجد نالو ڏنو ويو.
هندو مسلم ڇڪتاڻ.
١٨٥٣ع کان ٥٥ع تائين هتي هندو مسلم ڇڪتاڻ ھلي جنهن جي نتيجي ڪيترائي ماڻھو مئا.
مارچ ١٩٣٤ع ۾ ھندو مسلم جهڳڙي ۾ مسجد جون ٻه ڀتيون شھيد ٿيون ۽ ڪيرائي زخمي ٿيا.
١٩٣٦ع ۾ ”UP“ ۾ شيعا سني تڪرار ٿيو بقول شيعن جي ته ”مير باقي “شيعو هو تنهنڪري مسجد جو انتظام سندن حوالي هجڻ گهرجي.
سرڪار جي ٽياڪڙيء تي مسجد سني وفاق حوالي ٿي.
ڊسمبر ١٩٤٩ع ۾ ھڪ هندو تنظيم” اکل ڀارتيه رامائڻ مهاسڀا“ ٩ ڏينهن مسجد کي گهيري ۾ رکيو ۽ مسجد ۾ بت نسب ڪيا.
جنهن جي نتيجي ۾ پوري هند سنڌ ۾ دنگل ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻھو مئا.حڪومت هن مسجد کي جهڳڙي جو گهر قرار ڏئي سيل ڪيو.
”ولڀ ڀائي پٽيل“ ۽ ”پنڊت جواهر لال نهروء“ گوبند بلڀ پنت ۽ اتر پرديش جي هوم منسٽر” لال بهادر شاستريء “کي مسجد مان بت هٽرائڻ جو حڪم جاري ڪيو.
”هنن مطابق ته مسجد ۾ ٤٠٠ سالن کان نماز ادا ڪئي پئي وڃي.
رام هڪ پاڪ هستيء جو نالو آ ۽ نماز به هڪ پوتر عمل آ.هن مطابق عبادت ۽ پوڄا هڪ ئي عمل آھن.
تنهن ڪري هيء مسجد سندن عبادتگاھ ئي رهڻ ڏجي ڇاڪاڻ ته اگر هي ”رام“ جي جنم جاء ھئڻ ڪري پاڪ آھي ته مسلمان به هن پوترسٿان کي عبادت لاء ئي استعمال ڪندا نه ڪي ڪنهن ٻئي مقصد لاء ۽ پڻ هن مسجد جا دوار هندو مت وارن لاء به کليل رهن“.
هن راء تي ڪجھ مسلمانن کي به خدشا هئا پر هندن لاء ھيء راء ناقابل قبول هئي جو سندن خيال ۾ سندن ئي ڌرتيء تي مسلمان کين پنهنجن ڌرم آستانن کا محروم ڪن.
جنهن تي پوري ڀارت ۾ نهرو خلاف وڳوڙ ٿيا ۽ هندن کيس حمله آورن جو ناجائز پٽ قرار ڏنو.
٢٠٠٨ع ۾ ”گوپال سنگھ“ فيض اباد ڪورٽ ۾ مسجد هندن حوالي ڪرڻ جي اپيل ڪئي.جنهن کان پوء” نرموهي اکارا“ به پٽيشن داخل ڪرائي جنهن جي جواب ۾” سني سينٽرل وفاق“ به ١٩٦١ع ڪيس فائل ڪرايو.
٢٠٨٠ع ۾ ” وشوا هندو پريشد“ رام مندر جي اڏاوت مهم هلائي جيڪا” اندرا گانڌي“ جي قتل تي روڪي وئي.
٦ ڊسمبر ١٩٩٢ع تي هندن جي هڪ تنظيم مسجد تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ، هند ۾ وڳوڙ ٿيا ۽ ٻه ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو مئا ڪيترا مندر ۽ مسجدون ڊٺيون.
2003ع ۾” archological srvey of india “جي ٽيم گڏيل قومن جي سهڪار سان پنج مهينن تائين مسجد جي آسپاس بنيادن سميت اڱڻ وغيره جي کوٽائي ڪرائي پنهنجي رپورٽ ۾ مسجد جي هيٺان هڪ قديم مندر جي کنڊر هئڻ جا ثبوت ڏنا.
پر مسلمانن طرفان هن رپورٽ تي خدشا هئڻ ڪري ڪو کڙ تيل نه نڪتو.
ان وقت مسٽر” اتل بهاري واجپائي“ هڪ بيان تي هندن جي تنقيد جو نشانو بڻي.
2010ع ۾ ”وشوا هندو پريشد “ ڪيس قانوني طور وڙھڻ جو فيصلو ڪيو جنهن تي سيپٽمبر 2010ع کان ٩ نومبر ٢٠١٩ع تائين ٻڌڻيون ٿيون.
سپريم ڪورٽ.
77 ايڪڙن تي مشتمل اها زمين هندن حوالي ڪرڻ جو آديش جاري ڪيو.جڏهن ته متبادل 5 ايڪڙ ”سني وفاق بورڊ “ حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ڀونگ شريف جي مسجد
مشهور ۽ خوبصورت مسجد ڀونگ شريف جي تعمير جو بنياد 1932ع ۾ ڳوٺ ڀونگ تعلقي صادق آباد ۾ رکيو ويو، هيءَ مسجد پنهنجي بناوٽ ۽ خوبصورتيءَ جي ڪري هنڌين ماڳين مشهور آهي ۽ اسلامي طرز تعمير جو اعليٰ نمونو آهي.
ان جي تعمير کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصو لڳو، پر پوءِ به ان جي زيبائش جو ڪم هلندو رهي ٿو.
مسجد جي اڏاوت لاءِ سامان ۽ ماهر ٻين ملڪن کان به گهرايا ويا ۽ 1000 جي لڳ ڀڳ محنتي مزدورن ان جي تعمير ۾ حصو ورتو.
ان جي زيبائش ۾ سون جو استعمال به ٿيو.
هن مسجد جي تعمير اتي جي زميندار رئيس غازي محمد مرحوم سال 1951ع ۾ شروع ڪرائي، جنهن جي زيبائش جو ڪم وقت بوقت هلندو رهي ٿو.
هن ڪم ۾ رئيس غازي محمد مرحوم جي سموري زمين ۽ ملڪيت خرچ ٿيندي رھي.
ھن مثالي ۽ خوبصورت مسجد جو ٺهرائيندڙ رئيس محمد خان نھايت محبت ڀريءَ طبيعت جو مالڪ ھو.
عشق رسول محمد صلي الله عليه وسلم سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھو.
فقيرن ۽ ولين جو ته خادم ھو.
انڍڙ قبيلي جي رھبر سلطان العارفين سان سندس والھانه محبت ھئي.
مسجد ڀونگ شريف کي پنھنجي ديده زيب تعمير ۽ تزئين سبب 1986ع ۾ آغا خان ڪلچرل اوارڊ ملي چڪو آھي.
ھن اوارڊ جي حصول لاءِ دنيا جي پنجن ئي کنڊن، ايشيا، يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۽ آسٽريليا مان لڳ ڀڳ 23 پراجيڪٽ مقابلي لاءِ پھتا ھئا، جن مان مسجد ڀونگ شريف پھرئين نمبر تي رھي، ان کان سواءِ انٽرنئشنل جيوريءَ جي ميمبرن مراڪش جي ولي عھد ۽ اردن جي ولي عھد پاران مسجد جي تعمير ڪندڙ ڪاريگرن لاءِ 50 ھزار ڊالر انعام طور ڏنا ويا.
جڏهن ته مسجد جي خدمتن عيوض رئيس غازي محمد کي 2004ع ۾ صدارتي اوارڊ ”ستاره امتياز“ سان به نوازيو ويو ۽ مسجد جي تصوير واري ٽپال ٽڪلي به جاري ڪئي وئي.
ان ديده زيب مسجد کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو اچن ٿا.
آتم ڪهاڻي
آتم ڪٿا يا آتم ڪهاڻي اردو ۾ خودنوشت ، عربي ۾ سيرة ذاتيه ، فارسي ۾ خودزندگي نامه يا خويش نامہ يا حسب حال يا سرگذشت خود چون ٿا.
اھا ليکڪ جي پنهنجي لکيل سوانح/جيونيءَ (حياتيءَ جي احوال) کي آتم ڪٿا يا ”آتم ڪهاڻي“ چئبو آهي.
آتم ڪٿا جو ليکڪ جيئن تہ خود لکندڙ ئي هوندو آهي، ان ڪري اها جيوني/سوانح وڌيڪ سچي ۽ اعتبار جوڳي ٿئي ٿي.
آتم ڪٿا لکڻ جا ٻہ مقصد ٿي سگهن ٿا: ليکڪ جي من ۾ ماضيءَ جي يادگيرين کي ٻيهر زنده جاويد ڪرڻ جو موقعو.
آتم ڪٿا لکڻ جو ٻيو مقصد آهي تہ ليکڪ جي زندگيءَ جي آزمودن مان ٻيا بہ فيض حاصل ڪن.
ڪنهن بہ شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جي احوال يا سوانح عمري کي، آتم ڪهاڻي سڏبو آهي.
انگريزي لفظ آٽوبايوگرافي يوناني لفظن آٽوس (αὐτός)، بايوس (βίος) ۽ گرافين (γράφειν) مان نڪتل آهي.
آٽوز جي معني آهي خود يا پاڻ، بايوس جي معني آهي زندگي ۽ گرافين جي معني آهي لکڻ.
اھڙي طرح آٽوبايوگرافي جي معنيَ آھي " پنھنجي زندگي جو پاڻ لکيل احوال ".
لفظ آٽوبايوگرافي جو استعمال سڀ کان اول 1797 ۾ وليم ٽيلر لنڊن جي انگريزي جي ھڪ ماھوار رسالي ۾ ڪيو.
يادگيريون درحقيقت آتم ڪٿا جي گھڻو ويجھو آھي پر پاسڪل جي راء مطابق يادگيرين ۾ ڌيان جو مرڪز لکندڙ جي پنھنجي زندگي بدران ان جي زندگي واري وقت ۾ ايندڙ ٻيا ھوندا آھن.
آتم ڪھاڻي ۾ ذاتي زندگي ۾ ادا ڪيل ڪردار جا تفصيل ، ذاتي ڊائرين جو احوال ۽ پنھنجي زندگي متعلق اعتراف شامل ھوندا آھن.
اعترافن ۾ زندگي ۾ ڪيل غلطين جو ذڪر ھوندو آھي.
ليکڪ جي زندگي جو پاڻ لکيل اھو احوال جيڪو ظاھري ۽ معنوي لحاظ کان سچو ھجي يا ٻين لفظن ۾ اھڙو ذڪر جيڪو خيالي نہ ھجي.
ان کي لکڻ جا مختلف طريقا ھوندا آھن.
ان جي لکڻ جو ڪو ٺوس مجرد تصور ناھي ھوندو پر اھا بيانن سان ڀريل اھڙي غير واضح دائري ۾ اچي ٿي جيڪو ان ( آتم ڪھاڻي ) ۽ ڪھاڻي جي وچ ۾ آهي.آتم ڪهاڻي ادب جو ھڪ اھڙو قسم آھي جنھن ۾ ليکڪ نہ رڳو پنھنجي زندگي پر ان سان گڏ انھن ماڻھن ، جاين، خيالن ۽ واقعن جو بہ ذڪر ڪندو آھي جن کان اھو متاثر ٿيل ھوندو آھي.
اسلامي دنيا وارو ادب.
ويھين صديءَ کان اڳ اسلامي دنيا ۾ آتم ڪهاڻي وارو ادب وڏي پيماني تي ٽن ٻولين ۾ لکيو ويو جن ۾ عربي، فارسي ۽ ترڪي ٻولي شامل آھن.
مسلمانن ۾ آتم ڪٿائن لکڻ جي شروعات نائين صدي عيسويءَ ۾ مؤرخن، صوفي بزرگن ۽ سرڪاري عملدارن لکي ڪئي ۽ بعد ۾ مذھبي عالمن، فقيھن، طبيبن، سائنسدانن، حاڪمن، فوجين ۽ اسلام ۾ شامل ٿيندڙن پڻ لکڻ شروع ڪيون.
اسلام کان اڳ جون آتم ڪٿائن جا فارسي ۽ يوناني مان عربي ۾ ترجما ڪيا ويا هئا ۽ ٿي سگھي ٿو ته انھن مان متاثر ٿي ڪري ان جي شروعات ٿي ھجي پر گھڻي ڀاڱي آتم ڪھاڻي جي شروعات تي محمد صہ جي سيرت جو اثر ھيو جنھن جي زندگي مسلمانن جي لاء شاھڪار نمونو ھئي.
مسلمانن جون مشھور آتم ڪٿائن ۾ ابو حامد الغزالي (وفات 1111)، رزبھان باقلي (وفات 1209)، ابن العربي (وفات 1240),شاھ ولي الله (وفات 1762 )، ان سينا (وفات 1036)، شامي جنگي شاعر اسامه ابن منقض (وفات 1188)، ابن خلدون (وفات 1406), ظھيرالدين بابر (وفات 1530) جون آتم ڪٿائون مشھور آھن.
سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو مختصر احوال.
سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون لکيون ويون آهن، جيئن مرزا قليچ بيگ جي ”سائو پن ڪارو پنو“ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“، جي ايم سيد جي ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“، شيخ اياز جي ”ڪٿي بہ نہ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (چار جلد)، موهن ڪلپنا جي ”بک، ادب ۽ عشق“، لڇمڻ ڪومل جي ”وهي کاتي جا پنا“.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، تن جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي:
ان کان سواء اِيم.
ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا “جگ بيتي آپ بيتي“ بہ سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي.
جيڪا سندس انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ترجمو مشهور آرڪيالاجسٽ حاڪم علي شاھ بخاريءَ ڪيو آهي.
ان کان سواءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي آتم ڪهاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ترجمو ”پورب ڄائي“ جي نالي سان مراد علي مرزا جو پڻ ڇپيل آهي.
اتر قطب
ڌرتيءَ جي گولي جي هڪ انتها.
ان جي ٻي انتها ڏکڻ قطب هوندي آهي.
انهن ٻنهي انتهائن تي موسم انتهائي سرد هوندي آهي ۽ ڇهن مهينن جو ڏينهن ۽ ڇهن مهينن جي رات ٿيندي آهي، ڌرتي پنهنجي محور جي چوگرد گردش ڪندي آهي اهي انهيءَ محور جون ٻه پڇاڙيون هونديون آهن.
مٿين پڇاڙيءَ کي اتر قطب North Pole) ۽ هيٺين پڇاڙيءَ کي (South Pole) چوندا آهن.
خط استوا کان پري هئڻ ڪري اتي ٻارنهن ئي مهينا برف ڄميل هوندي آهي.پروفيسر گيڪي (Prof.
Geikie) ۽ ٻين ڀوڻ _ وگيان جي ڪتابن مان ڏيئي، پوءِ آرڪٽڪ ريجن جو جيڪو احوال لوڪمانيه ڏنو آهي، سو مختصر طرح هن ريت آهي:
اتر قطب ڏي وڃبو، ته پهرين هيءَ ڳالهه ڌيان ڇڪائيندي ته سج ۽ ٻيا گرهه نڪي اڀرندي کان اڀرن ٿا، نڪي الهندي ڏي لهن ٿا؛ پر سڄو آڪاش منڊل ائين پيو گولائيءَ ۾ ڦري، جيئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ ڇٽي پنهنجي مٿان پيو ڦيرائي.
اهو ڦيرو الهندي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿئي ٿو.
هر هڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو.
ائين هڪ سؤ اسي ڦيرا پورا ٿين يعني ڇهه مهينا گذرن، ته پوءِ سج ائين اڀرندو نظر ايندو آهي، جو ڄڻ ته ڏکڻ طرف کان اڀري ٿو ۽ اتر ڏي چڙهندو وڃي ٿو.
وري جڏهن سورج ڏکڻائڻ ٿيندو آهي يعني ڏکڻ طرف ڏي ويندو، تڏهن تارا ٽمڪندا نظر ايندا آهن.
انهيءَ ريت اُتي ڇهه مهينا ڏينهن ته ڇهه مهينا رات!
مطلب ته ٿلهي ليکي سڄي سال ۾ ڏينهن رڳو هڪڙو ٿيندو آهي، جو ڇهه مهينا ساندهه هلندو آهي، ۽ رات به ڇهن مهينن جي يڪي ٿيندي آهي، ايترو آهي ته اها يڪي ڇهه مهينن جي رات سمورو وقت ڪاري ٻاٽ لائي ڪانه بيٺي هوندي آهي.
صبح ۽ سانجهيءَ جي شفق جو به سوجهرو ٿئي ٿو.
اها شفق به ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندي وتي، ۽ هرهڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي وتي.
ڇهن مهينن جي رات کانپوءِ پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ته اول ٿورڙي روشني ٿيندي آهي، ۽ ٽمڪندڙ تارن مان ٿورا ٿورا غائب ٿيڻ لڳندا آهن.
پوءِ لالاڻ وڌندي ويندي آهي، ته رفته رفته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ پرهه باکون ڪڍندي آهي.ڊاڪٽر وارن ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي، ته هر ڪنهن سال، 29 جنوريءَ جي، پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽ ستيتاليهه ڏينهن ساندهه پرڀات جي لالاڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي؛ تنهن کانپوءِ سج اُڀرندي (ڦرندو) نظر ايندو آهي.
سج هڪ واريءَ نڪرندو آهي، ته هڪ سؤ چورانوي ڏينهن ساندهه بيٺو هوندو آهي.
هر ڪنهن سال 25 سيپٽمبر جي سج لهندو آهي، ته به نماشام واري شفق اٺيتاليهه ڏينهن ساندهه لقاءُ لڳائي بيٺي هوندي آهي، يعني 13 نومبر کان وٺي رات ٿيندي آهي.
مطلب ته ورهيه جي 365 ڏينهن مان ستيتاليهه ڏينهن پرڀات، هڪ سؤ چورانوي ڏينهن سج جو سوجهرو، اَٺيتاليهه ڏينهن نماشام جي شفق ۽ ڇاهتر ڏينهن رات ٿيندي آهي.
وقتي، رات جي اوندهه ڇاهتر بدران فقط سٺ ڏينهن هلندي آهي.
اهو تفاوت اُتي جي وايو منڊل ۽ ٻين سببن ڪري ٿيندو آهي.
اهي ڪن يوروپين جا اکين ڏٺا احوال آهن، جي لوڪمانيه سندن لکيل ڪتابن مان ڪڍي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ.
هوم“ ۾ ڄاڻايا آهن
روزاني الحق اخبار سکر
روزاني الحق اخبار، سکر سنڌ جي ويهين صدي جي ابتدا ۾ جاري ڪئي وئي هڪ سنڌي اخبار آهي۔ هي اخبار سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جي مشوري سان "'شيخ بابو سليمان" 1900ء ۾ جاري ڪئي۔ 1901ء ۾ الحق اخبار کي شيخ محمد سليمان جي وڏي پٽ حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيوا۔
هيءَ -اخبار- 1895ع ۾ پهريائين حيدرآباد مان -جاري- ٿي، هن -اخبار- جي -جاري- ڪرڻ ۾ ڪراچي واري شيخ محمد سليمان ۽ -ان- وقت جي سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد هاشم مخلص ڪجهه وقت لاءِ هن -اخبار- جو -ايڊيٽر- ٿي رهيو، -الحق- جو پهريون -ايڊيٽر- مرحوم علي محمد دهلوي هو، بعد ۾ مرحوم محمد هاشم شيخ محمد سليمان جي وفات بعد سندس ننڍو -ڀاءُ- عبدالحڪيم شيخ -اخبار- جو ڪم ڪار سنڀاليندو رهيو، پر -اخبار- جو اهو اڳواڻو اوج ختم ٿي چڪو هو، صرف حڪومت جي تعريف سان ڀريل هوندي هئي ۽ اشتهارن جي آڌارن تي پئي هلندي هئي، 1901ع ۾ هن -اخبار- کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي.
شيخ محمد سليمان ”الحق“ اخبار جو باني هو.
سندس پيءُ سولجر بازار ڪراچيءَ ۾ فوجي راشن شاپ ۾ ملازم هو.
اتي ئي مولوي تاج محمد مرحوم، سولجر بازار مسجد جي پيش امام، جي هٿ تي مسلمان ٿيو.
شيخ محمد سليمان پنهنجي والد جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ، تولد ٿيو.
شيخ محمد سليمان، 1901ع ڌاري ”الحق“ اخبار اول سکر مان جاري ڪئي.
ان اخبار کي بعد ۾ حيدرآباد آندو ويو، پر 1907ع ۾ وري ان کي سکر آڻي، اتان ڪڍڻ شروع ڪيو ويو.
شيخ محمد سليمان کي ٽي فرزند ٿيا: شيخ عبدالعزيز، شيخ عبدالحڪيم ۽ ڊاڪٽر شيخ عبدالباقي، ڪجهه وقت شيخ عبدالعزيز ”الحق“ سان واسطو رکندڙ هو.
سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي
’سما‘ گهراڻي جو مشهور بادشاهه ”سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي“، سنڌ جي تاريخ ۾ ”ڄام تماچيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن791هه/1338ع کان 795هه/1342ع تائين سنڌ تي خودمختيار حاڪم طور حڪومت ڪئي.
”نوري مهاڻيءَ“ سان سندس محبت جو داستان مشهور آهي.
مڪليءَ تي ”شاهي مقام“ قائم ڪيائين، جتي ئي مدفون آهي.
روايت مطابق ڄام تماچي شيل شڪار لاءِ هميشه ڪينجهر ڍنڍ تي ايندو رهندو هو، جيڪا ڍنڍ ”ڪينجهر“ نالي هڪ گندري جي ڪري مشهور هئي.
هن، ڍنڍ جي ڪناري تي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪ ماڙي پڻ ٺهرائي هئي، جتان ويهي ڍنڍ جو نظارو ڪندو هو ۽ جنهن وقت به سندس دل چاهيندي هئي، ٻيڙيءَ تي چڙهي ڍنڍ جي سير تي نڪري ويندو هو.
ڪينجهر ڪناري رهندڙ گندرا، جڏهن بادشاهه جي اچڻ جو ٻڌندا هئا ته ميلا مچي ويندا هئا.
نوري، ڪينجهر مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جنهن لاءِ هڪ ٻي روايت آهي ته سنڌ جي حاڪم جسودڻ راءِ جي ڌيءُ هئي، پر ڄمڻ شرط ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري، سندس پيءُ جسودڻ راءِ، ٻانهين کي حڪم ڏنو ته کيس اوڙاهه ۾ اڇليو وڃي.
ٻانهيون جڏهن نوريءَ کي اوڙاهه ۾ اڇلڻ لاءِ کڻي وڃي رهيون هيون ته واٽ تي کين ڪينجهر گندرو مليو، جنهن سندن پيرائتي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، ٻانهيءَ کان نوريءَ جي گهر ڪئي.
ٻانهي پڻ پاپ کڻڻ کان ڇوڪريءَ کي گندري جي حوالي ڪرڻ کي ترجيح ڏني.
اهڙيءَ طرح نوريءَ، ڪينجهر گندري جي گهر ۾ پلجي جوان ٿي ۽ درويش هوندڙي جي دعا ۽ دوا سان ڪوڙهه جي مرض مان آجي ٿي.
سندس سونهن موٽي آئي ۽ هوءَ سدا ملوڪ، سهڻي ۽ سيبتي ٿي پئي، ان ڪري نوري شاهه هوندڙي جي وفات کان پوءِ روزاني سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ويندي هئي.
هڪ ڏينهن نوريءَ کي شاهه هوندڙي جي آستان تان موٽڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ رات پئجي وئي، ملاح رستو ڀلجي پيو، تنهن نوريءَ کي چيو ته مون کي گس جي ڪابه خبر نٿي پوي.
اهو ٻڌي نوريءَ پنهنجي منهن تان پلؤ کڻي ڏٺو ته سندس منهن مان وڄ جهڙو شعاع نڪتو ۽ ان شعاع تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو ۽ ٻيڙي ڪاهي اچي ڪناري ڀيڙو ٿيو.
انهيءَ رات ڄام تماچيءَ به پنهنجي ماڙيءَ تان ويٺي ڪينجهر جو نظارو ڪيو، تنهن اوچتو تجلو ڏسي، اميرن وزيرن کان سبب معلوم ڪيو.
اميرن ۽ وزيرن کيس صبح ٿيڻ تي معلومات وٺي اچڻ لاءِ وقت گهريو.
ٻئي ڏينهن صبح جو وزير ٻيڙيءَ جي ملاح کان راتوڪي تجلي بابت پڇا ڪئي، ملاح پيرائتي ڳالهه کيس ٻڌائي.
وزير ڏٺو ته اها ڳالهه جيڪڏهن بادشاهه کي ٻڌائبي ته بادشاهه هرکي پوندو، تنهنڪري بادشاهه کي وڄ جي چمڪڻ جو چئي لهرائي ويو.
اهڙيءَ طرح ٻه ٻيا وزير به موڪليا ويا، پر انهن به اهو بهانو ٺاهي، اصل حقيقت لڪائي ڇڏي.
ان بعد بادشاهه پاڻ ٺهي سنڀري، ڪينجهر جي سير تي روانو ٿيو.
ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ ملاح کان ان رات واري واقعي بابت پڇا ڪيائين، جنهن کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايو.
اهو ٻڌي بادشاهه نوريءَ کي دل ئي دل ۾ پنهنجي راڻي بڻائڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
ٻئي ڏينهن بادشاهه ڄام تماچي سمو، ڪينجهر گندري جي ککيءَ هاڻي کڏيءَ تي ڪهي آيو ۽ اچي کانئس نوريءَ جو سڱ گهريائين.
ڪينجهر گندري ها ڪئي ۽ نوري اڳتي هلي ڄام تماچيءَ جي راڻي بڻي.
ڄام تماچي پنهنجي ڀاءُ ڄام ڀنڀي کان پوءِ حڪمران ٿيو ۽ تيرهن سال آرام سان حڪومت ڪري گذاري ويو.
هڪ روايت موجب نوري ۽ تماچي ڄام جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي آهي، جڏهن ته آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون مڪليءَ تي آهن.
ڄام تماچي پنهنجي ڀاءُ ڄام ڀنڀي/ بابيني وانگر محب وطن، دلير ۽ انصاف پسند هو ۽ پنهنجي ڀاءُ ڄام بابيني جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي سؤٽ خير الدين ڄام توڳاچي سان گڏ حڪومت ڪئي.
صدر الدين ڄام بابينو ۽ رڪن الدين شاهه ڄام تماچي، فيرزو الدين شاهه ڄام انڙ اول جا پٽ هئا، ڄام تماچي سنڌ جو ٻه دفعا حاڪم ٿيو.
نوري ڄام تماچيءَ جي واقعي تي شاهه لطيف جو مڪمل سر ڪا موڏ موجود آهي.
آبپاشي
زرعي زمين کي پاڻي پھچائڻ واري سرشتي کي ”آبپاشي“ چئبو آھي.
سنڌ ۾، پنج ھزار سال اڳ ”موھن جي دڙي“ واريءَ تهذيب ۾ آبپاشيءَ جو بھترين نظام موجود ھو.
اڄ به سنڌو درياھ جو پاڻي آبپاشيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
اڳين وقتن ۾ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا ٽي طريقا ھوندا ھئا: 1- چرخي، 2- موڪي ۽ 3- -بوسي-.
پھرئين طريقي کي ”چاڙھي واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو، ڇو ته ھن طريقي ۾ ھرلي يا نار ذريعي پاڻي مٿي کڻي، زمين ڏانھن نيڻو پوندو ھو.
جيڪڏھن زمين ھيٺاھينءَ ڏانھن ھوندي ھئي ۽ ڪنھن ڪڙئي يا شاخ مان پاڻي زمين ڏانھن وھي سگھندو ھو ته انھيءَ سرشتي کي ”موڪي“ يا ”وھڪري واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو.
جڏھن واھ ۾ پاڻيءَ جي سطح اوچي ھوندي ھئي ته قدرتي طرح ھيٺ ٻنيءَ ۾ پاڻي پھچي سگھندو ھو.
آبڪلاڻيءَ جي مند جـَهڪي ٿيندي ئي ھاريءَ کي ھُرلو يا نار ڪتب آڻڻو پوندو ھو، جنھن طريقي کي ”چرخي“ سڏيو ويندو ھو.
ٽئين طريقي کي ”بوسي“ سڏبو ھو.
اھو طريقو خشڪ فصلن، خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين جي فصلن اپائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو ھو.
ٻوڏن جي وقت ۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندا ھئا ۽ جڏھن ٻوڏون ھٽي وينديون ھيون، ته اڌ سڪل وٽائتي زمين کي دستوري طرح ھر ڏيئي، کيڙي پوک ڪئي ويندي ھئي ۽ انھيءَ پوک کي زمين ۾ اچي ويل پاڻيءَ مان ريج ملندو ھو.
سمن جي دؤر ۾، پھريون دفعو، ڄام نندي (نظام الدين سمي) جي وزيراعظم دولهه دريا خان واھ کوٽايا.
ھن ان سلسلي ۾ ساڪري پرڳڻي ۽ ٺٽي جي آسپاس ”خانواھ“ ۽ سيوھڻ لڳ پٽ باران ۾ ”ساوه واھ“ کوٽايا.
ڪلھوڙن جو دؤر، سنڌ جي زراعت، آبادي ۽ پورھيتن لاءِ سونھري دؤر ھو.
ڪلھوڙا پاڻ آبادگار ھئا ۽ زرعي پيشي کان پوريءَ طرح واقف ھئا، تنھنڪري سندن صاحبيءَ ۾ آبپاشيءَ جي نظام ۾ وڏي تبديلي آئي.
ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ھيٺيان نوان واھ کوٽايا ويا:
پراڻ، نارو، اڙل، گوني، پڃاري، گونگڙو، لکي، سيتا، بگھاڙ، امرڪس، نورواھ، نصرت واھ ۽ سرفراز واھ، جيڪي اڄ تائين موجود آھن.
ٽالپرن جي دؤر ۾ به ڪافي واھ کوٽايا ويا، جن مان باگو واھ، مارک واھ ۽ کورواھ قابل ذڪر آھن.
انگريزن پنھنجي دؤر حڪومت ۾، سنڌو درياهه تي سکر وٽ بند ٻڌايو، جيڪو ”سکر بئراج“ جي نالي سان مشھور آھي.
ھن بئراج تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو نھري نظام قائم آھي.
ھن وقت آبپاشيءَ جي مقصد سان سنڌ ۾ ٽي بئراج اڏيل آھن: سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج، جن جي واھن تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
سکر بئراج مان ست وڏا واھ نڪرن ٿا، جن ۾ ساڄي پاسي کان اتر اولهه ڪئنال يا کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان اڀرندو نارو، اڀرندو خيرپور ڪئنال، روھڙي ڪئنال ۽ الھندو خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا.
ھنن واھن تي 75 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
گڊو بئراج مان ٻه وڏا واھ، بيگاري، سنڌ فيڊر ۽ پٽ فيڊر نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي 3 لک 66 ھزار ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا.
ڪوٽڙي بئراج مان چار واھ نڪرن ٿا، جن جا نالا ڪلري بگھاڙ، لائين چئنل، ڦليلي ۽ پڃاري آھن.
ھنن واھن تي حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن جي 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.
پٻ جبل
هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار کي ”پَٻُ جبل“ چئبو آهي.
جاگرافيائي ورڇ مطابق، هاڪس بي کان يارهن ميلن جي مفاصلي تي ستن جبلن جي هڪ ڊگھي قطار شروع ٿئي ٿي.
جبل جي بيهڪ ڪجهه اهڙي عجيب صورت جي آهي، جو اهو پير جي پَٻَ وانگر ڀاسي ٿو، شايد انڪري ئي هن تي اهو نالو رکيو ويو هجي.
هي جبل حقيقت ۾ ڪو ايڏو وڏو يا اوچو جبل نه آهي، ان جون چوٽيون پنج يا ڇهه هزار فوٽ بلنديءَ واريون آهن.
البت هن جبل جون تراڙيون، ڏنڊا ۽ گروڪ، ڇپون، شڪيون ۽ گريون، گھَٽَ ۽ گھيڙ، لَڪَ ۽ لَڪيون ڏسڻ وٽان آهن.
وڏي ڳالهه جيڪا پَٻَ جبل سان لاڳاپيل رهي آهي، اها آهي ڀٽ ڌڻيءَ جو پنهنجي رسالي ۾ هن جو مختلف نمونن سان احوال، جنهن ڪري هن جبل جو نالو پري پري تائين پڌرو ٿيو ۽ ان جي غير معمولي اهميت ۾ اضافو آيو.
پَٻَ جا ڪي حصا آباد ۽ شاداب آهن، جتي جهنگلي ڏُٿَ سان گڏ ميوات جهڙوڪ آمريون، انجير، ڏاڙهون، ڦارهان، ۽ گيدوڙيون وغيره به ٿين ٿيون.
سموري جبل ۾ ننڍا وڏا سَتَ لَڪَ آمري، پٻوني، راهيگ، شاهه بلاول، گندبو، لونڊڪي ۽ ويراحب آهن، جن مان عام لنگھه فقط ٽي آهن، جن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(الف) پٻوڻيءَ وارو لڪ: جيتوڻيڪ بلنديءَ ۾ هيءَ ٽڪري سڀني کان ننڍي آهي، پر تاريخي اعتبار کان وڏي اهميت رکي ٿي.
ڇاڪاڻ ته ڪنهن زماني ۾ بلوچ ذاتيون، سنڌ جي هيٺين علائقن تي هن لڪ کان حملي آور ٿينديون هيون.
ان کانسواءِ ديبل سان وڻج واپار به هن لَڪ وسيلي هلندو هو.
عام طرح هن کي ”بلوچستان جو واپاري گس“ ڪري سڏيندا هئا.
پشم، ڄانڀو، چانور، ڏاس، سرنهن، ڪاٺيون، ڪپڙو، ڪڻڪ، کجور، کلون، گاهه، گيهه، ماکي ۽ ٻيون عام استعمال جون شيون ڪراچيءَ جي مارڪيٽ تائين هتان پهچنديون هيون.
پٻوڻيءَ کي مشهوري ان ڪري به حاصل آهي، جو پنهونءَ کي سندس ڀائرن سسئيءَ کان ڇني، جڏهن ڪيچ طرف نيو هو، ته اُهي هن لڪ کان لنگهيا هئا.
سسئيءَ کي صبح جو جيئن ئي اهڙي ڪلور جي ڪل پئي ته پنهونءَ جي تلاش ۾ ڀنڀور کان نڪري ۽ اها ئي واٽ وٺي، اوڇنگارون ڏيندي ۽ رڙندي، آخر پٻوڻيءَ جي لڪ ۾، پنهونءَ سان ملي ۽ هيڪاندي ٿي.
سڪندراعظم به هندستان جي ڪاهه (356 ق.م کان 323 ق.
م) کان موٽڻ وقت پٻ لتاڙي ويو هو.
رستي ويندي سندس جيڪي فوجي فوت ٿيا هئا، تن کي اتي دفنائي مٿانئن نشانيءَ طور گول پٿرن جا منارا ٺاهيا ويا.
محمد بن قاسم جڏهن ديبل تي ڪاهه (695ء کان 717ء) ڪئي هئي ته سندس پيادل عرب فوج جو لنگهه پڻ پَٻَ کان ٿيو هو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح (1689ء کان 1752ء) هنگلاج ويندي پَٻُ جبل لتاڙيو هو ۽ سندس پير پٿون ٿيا هئا؛ جنهن مان کيس سسئيءَ جي تڪليفن جي عملي آزمائش جو احساس ٿيو هو.
سندس رسالي ۾ ’پٻ‘ جبل جو ڪيترا ڀيرا ذڪر آيو آهي: ”تون جي پهڻ پٻ جو، ته لِڱ منهنجا لوهه“.
(ب) شاهه بلاول وارو لڪ: هي لڪ، نامياري بزرگ شاهه بلاول نورانيءَ (1495ء کان 1590ء) جي نالي پٺيان سڏجي ٿو.
هتي، پَٻَ جبل جي ماٿريءَ جي پوري وچ تي هڪ ننڍڙو باغ آهي، باغ ۾ ڪجهه وڻ اهڙا به آهن، جيڪي سوين سال پراڻا آهن.
هتي چوڌاري ٽڪريون نهايت فرحت بخش نظارو پيش ڪن ٿيون.
ڏسڻ ۾ هيءُ لڪ گھڻو ڏکيو آهي، اُن هوندي به دادوءَ ۽ ڪوهستان کان اُٺن جا قافلا هتان ايندا ويندا آهن، رستي ۾ ”گوڪل جو ڍورو“ به آهي، جتي پاڻيءَ جا قدرتي چشما ڦٽي نڪرن ٿا ۽ باغ کي سيراب ڪن ٿا.
انهيءَ سرسبزيءَ ۽ شادابيءَ جي ڪري هي لڪ وڌيڪ وڻندڙ آهي.
هتي باز، مور ۽ هرڻ وغيره ڏسڻ وٽان آهن.
ڀر ۾ وهندڙ واهيءَ مان مڇي جام ملي ٿي، جيڪي هتان جي ماڻهن جي گذران جو ذريعو آهن.
ان کانسواءِ آبشار، فرحت بخش هوائون ۽ کجين جي وڻن جون قطارون، عجيب منظر پيش ڪن ٿيون.
هتي ”لاهوت لا مڪان واري غار“ به حيرت ڏياريندڙ آهي.
ايامن کان قائم هيءَ قدرتي غار، عجيب روايت درجو رکي ٿي، ۽ ڏسڻ واري لاءِ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿي، جيڪا هنگول نئن جي ڀرسان آهي.
لاکيڻو لطيف به هنگلاج کان موٽندي هتي پهتو هو ۽ هن غار کي ساراهيو اٿس.
(ٻ) گندبو وارو لڪ: هن مان پڪي رستي سان موٽر تي چڙهي، ”ٻيلي شهر“ ۾ سولائيءَ سان پهچي سگھجي ٿو، ڪراچيءَ کان ماڙي پور ويندڙ هي لِنڪ روڊ، لسٻيلي ۾ اچي نڪري ٿو، جتان پوءِ ڪوئيٽا طرف وڃڻ جي بهتر سهولت آهي.
هن لڪ کي سياحت جا شوقين ۽ شڪاري گھڻو پسند ڪن ٿا.
واٽ ۾ موجود کڏون، مڇيءَ جو جھَجھو مقدار مهيا ڪن ٿيون، ماڻهن جي آبادي به هن لڪ ۾ ڪثرت سان موجود آهي.
مطلب ته پَٻُ جبل پنهنجي مخصوص تمدني خواه ثقافتي اعتبار کان انفراديت جو حامل آهي ۽ پنهنجي تاريخي، تجارتي حيثيت قائم رکيو اچي.
ڪنهن زماني ۾ هن جبل ۾ وڏو واپاري چلتو ۽ سهانگائي هئي، پر اڄ اُهو شان شوڪت برقرار نه آهي، سواءِ اُهڃاڻ ۽ ڪتابي ڳالهين جي، جيڪي ڪتابن ۾ درج آهن.
”پَٻُ جبل“، جهنگلي جانورن جو به وٿاڻ آهي.
هتي چيتا ۽ ڪارا رڇ به رهن ٿا، هتي برساتون به بنسبتاً وڌيڪ پون ٿيون، جنهنڪري آباديءَ جا امڪان وڌيڪ آهن.
سانوڻيءَ جي سنهي بوند تي پوکون تمام ڀليون پچن ٿيون.
چوڌاري ساوڪ ۽ سبزي هوندي آهي.
چوپائي مال ۽ خاص طور گوشت جي کوٽ جي پورائيءَ لاءِ پَٻُ، ڪراچيءَ لاءِ بهتر ۽ ڪارائتو علائقو آهي.
ٽوڪيو ٽاور جاپان
ٽوڪيو ٽاور سن 1958ء ۾ نشرياتي ٽاور جي حيثيت ۾ جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ تعمير ڪيو ويو هو ۽ اهو ٽيليويزن سگنلن ۽ ايف.
ايم ريڊيو جي نشريات تي ضابطي رکڻ سان گڏ ٽوڪيو شهر ۾ اطلاعات پهچائڻ ۽ گڏ ڪرڻ واري نظام تي به ضابطو رکندو آهي.
انهن مکيه ڪمن کانسواءِ هي ٽاور هن علائقي جي هوا ۽ فضا جي آلودگيءَ بابت معلومات به گڏ ڪندو آهي.
هي ٽاور 333 ميٽر يعني 364 وال اوچو آهي ۽ پئرس شهر واري ايفل ٽاور کان 13 ميٽر وڌيڪ اوچو آهي.
اهڙيءَ ريت هي ٽاور فولاد جو ٺهيل دنيا جو سڀ کان وڌيڪ اوچو ٽاور آهي، جيڪو ڪنهن ٽيڪ کان سواءِ پاڻ مرادو بيٺل آهي ۽ اڄ ڪلهه ٽوڪيو شهر جو هڪ معروف تفريحي ماڳ آهي.
ٽاور ۾ ٻن هنڌن تي گئلريون ٺهيل آهن، جتان شهر توڙي ان جي آسپاس جي روح پرور نظارن جو ڏينهن دوران ديدار ڪري سگهجي ٿو.
انهن گئلرين مان هڪڙي 150 ميٽرن جي اوچائيءَ تي ۽ ٻي 250 ميٽرن جي اوچائيءَ تي ٺهيل آهي.
سن 1989ء ۾ ٽاور جي روشنيءَ واري نظام ۾ وڌيڪ سڌارو ۽ واڌارو ڪيو ويو.
ان کان پوءِ ته اهو خالص روشنيءَ جو ٺهيل ٽاور نه، پر جهاز لڳي جيڪو آڪاس ساگر ۾ موجزن آهي.
ڪرسمس جي موقعي تي هي ٽاور اهڙي انداز ۾ روشنين سان جرڪايو وڃي ٿو، جو اهو هڪڙي شاهي ميڻ بتيءَ جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ 1950ء واري ڏهاڪي ۾ جاپان پاڻ کي هڪ ڀيرو وري دنيا ۾ اقتصادي سگهه طور ثابت ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي نشريات ۽ مواصلات لاءِ هڪ شاندار ٽاور تعمير ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو.
1960ء واري ڏهاڪي دوران شهر جي افق تي فقط اهو ئي ٽاور موجود هو، پر پوءِ شنجوڪو (Shinjuku) ۽ اڪاساڪا (Ikasaka) وارن علائقن ۾ شيشي جا ٺهيل ٽاور به نمايان طور کڙا ڪيا.
جن جي رنگ ۽ روپ جو جلوو ئي عجيب هو.
ليڪن ٽوڪيو ٽاور ۾ نصب ٿيل 164 بتين جي رات جي وقت ۾ مختلف مندن موجب ڦرندڙ ۽ تبديل ٿيندڙ روشنيءَ جو نماءُ پنهنجي مخصوص حسن کي ظاهر ڪري ٿو.
ڪجهه سال اڳي ٽوڪيو ٽاور تي گازيلا (Gozilla) نالي جيت مهلي اچي واسو ڪيو هو، جنهن کي اسپري وسيلي ختم ڪيو ويو.
هن ٽاور کي ٺهئي اڌ صديءَ جو وقت گذري چڪو آهي، ان ڪري نشرياتي مقصد لاءِ سائٽاما (Saitama) واري ماڳ تي هڪڙو نئون ٽاور تعمير ڪرڻ جي رٿا ٺاهي آهي، جيڪو ٽاور 500 ميٽر اوچو هوندو ۽ ان ۾ تمام وڏيون اينٽينائون نصب ٿيل هونديون، جن وسيلي مواصلات، اطلاعات ۽ نشريات جون تقريباً سموريون ضرورتون پوريون پيون ٿينديون.
آبِ زمزم
"ڪعبة الله شريف جي قديم چشمي جو اھو مٺو پاڻي، جيڪو حاجي سڳورا حج دوران پيئڻ ۾ ڪم آڻيندا آھن.
آب زم زم جو کوھ چار گز ويڪرو ۽ 9 گز اونھون آھي.
هن کي ”چاهه زم زم“ به چوندا آهن.
زم زم کوهه واري عمارت 1960ء ڌاري ٺهي تيار ٿي.
هن کوهه جو انجيل ۽ توريت ۾ به ذڪر آهي.
ان کوهه جو پاڻي ڪيترين صدين تائين جاري رهيو، ليڪن بعد ۾ اهو بند ٿي ويو، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب لاءِ چون ٿا ته کيس خواب ۾ اشارو ملڻ بعد هن پنهنجي پٽ حارث جي مدد سان تحقيق ڪري وڏن ڪشالن سان ان کوهه جو صحيح هنڌ معلوم ڪري، نئين سر کوٽائي، وري آب زم زم جاري ڪيو.
"ھيءُ چشمو ان وقت جو يادگار آھي، جڏھن حضرت ابراھيم عليه السلام، پنھنجي گھرواريءَ بيبي ھاجره ۽ پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام کي کارڪن جي ھڪ ٿيلھي ۽ پاڻيءَ جي سانداري ڏئي، کين خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڇڏي واپس ھليو ويو.
جڏھن پاڻي ختم ٿيو ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام اڃ کان لڇڻ لڳو، تڏھن بيبي ھاجره پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ لڳي، ۽ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڊوڙون پاتائين
"حضرت اسماعيل عليه السلام سخت اڃ جي حالت ۾ کرڙيون ھڻڻ لڳو.
خدا جي قدرت سان ان ھنڌان پاڻيءَ جو چشمو ظاھر ٿي پيو.
بيبي صاحبه سانداريءَ ۾ پاڻي ڀري، حضرت اسماعيل کي پياريو ۽ پاڻ به پيتائين.
چشمي جو پاڻي وھڻ لڳو ته بيبي صاحبه پاڻيءَ کي حڪم ڪيو ته ”زم زم“ يعني ”بيهه، بيهه“؛ پوءِ ان چشمي تي نالو ئي پئجي ويو ”زم زم“.
هيءُ لفظ بابلي ٻوليءَ جو آهي
آباد
سنڌ ۾ ھن نالي سان ڪيترائي ڳوٺ موجود آھن: (1) هڪ ڳوٺ جيڪو اڳ ڪوٽڙي ۽ هاڻي مانجهند تعلقي ۾ لڪي شاھ صدر کان ڏکڻ طرف چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي.
ھن ڳوٺ کي ڪيترا ڀيرا درياھ پائي ويو، پر نئين سر وري آباد ٿيو آھي.
سنڌ جي مشھور اديب محمد ابراھيم جويي ھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو ھو.
(2) تعلقي سيوھڻ جي ديهه ”سعيدآباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ به ”آباد“ نالي سان موجود آھي، ھتي پرائمري اسڪول به آھي.
(3) لکي تعلقي (ضلعي شڪارپور) جي ديهه ”گوسڙجيءَ“ ۾ به ھڪ ڳوٺ ”آباد“ نالي سان موجود آهي، (4) شڪارپور ضلعي جي ڳڙھي ياسين تعلقي جي ديهه ”منعم آباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ آهي، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول آھن.
(5) وارھ تعلقي جي ديهه ”آباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ، جنھن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو آباد آهن، ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مڊل ۽ پرائمري اسڪول آھن.
(6) تعلقي قمبر جي ديهه ”جوڻيجا“ ۾ ھڪ ڳوٺ به آباد نالي آهي، ھتي پرائمري اسڪول آھي.
(7) تعلقي رتيديري جي ديهه ”پير بخش ڀٽي“ ۾ به هن نالي سان ھڪ ڳوٺ آهي.
(8) تعلقي جيڪب آباد جي ديهه ”آباد“ ۾ هڪ ڳوٺ آباد نالي آهي، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آھن.
سکر شهر جي ايئرپورٽ ڀرسان ”آباد“ نالي ننڍو شهر آهي، جتي پوليس ٿاڻو به آهي.
آپ بيتي جڳ بيتي
آپ بيتي جڳ بيتي ڪتاب سنڌ جي نامور محقق، زرعي ماهر، تاريخدان ايم.
ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا ”آپ بيتي جڳ بيتي“ سنڌي ادب ۾ هڪ بي بها واڌارو آهي.
هيءَ آتم ڪٿا اصل ۾ انگريزيءَ ۾ هئي، جنهن جو سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو، نامياري آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪيو آهي.
هيءَ آتم ڪٿا نرالي اسلوب، معيار، سچائي ۽ بيان جي جرئت سان گڏ پنهنجي دور جي تاريخ آهي.
پنهور صاحب جي هن آتم ڪٿا ۾ نه خود پسندي آهي، نه ”مان“ جو اولڙو ۽ نه پنهنجن وڏڙن جي ڪن”اڌارن“ اکرن سان تعريف آهي.
حاڪم علي شاهه بخاريءَ چواڻي ”هيءَ آتم ڪهاڻي مواد ۽ انداز بيان جي خيال کان منفرد آهي ۽ بنيادي طرح سڀ کان وڌيڪ ساراهه لائق هي نقطو آهي، جو ان جي ورق ورق ۾ جرئت جو اظهار نمايان نظر ايندو.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ نامور اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويي پنهنجي شاگرد ۽ همعصر جي آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت، ڪارج ۽ انفراديت تي بحث ڪندي، آخر ۾سڀني ڳالهين جو تت نهايت ئي باريڪ بيني ۽ پوري مطالعاتي سگهه سان بيان ڪندي لکيو آهي ته:
”آپ بيتي جڳ بيتي“ پنهور صاحب جي زندگيءَ جي شروعاتي ڏهن سالن جي آتم ڪٿا آهي.
جيڪو ڄڻ ته سندس آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڀاڱو آهي، جيڪو هن ڏهه سال اڳ انگريزيءَ ۾ لکيو هو، پر ڇپائي ۾ دير سبب ساڻس حياتيءَ وفا نه ڪئي ۽ هو ٻيا رٿيل ڀاڱا لکي نه سگهيو.
ڊيمي سائيز جي رنگين ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 300 رپيا آهي، جيڪو فينڪس بوڪ ۽ ايم.
ايڇ.
پنهور ٽرسٽ پاران ڇپائي 2007ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.
آپريشن راهه حق
آپريشن راهه حق يا راه راست پاڪستان جي اترين علائقن سوات، مالاڪنڊ وغيره ۾ انتهاپسند طالبان جي خلاف 2008ء ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو، جيڪو 2009ء ۾ به جاري رهيو.
15 مئي 2009ء تي هن ڪارروائيءَ کي حڪومت ’آپريشن راهه حق‘ جو نالو ڏنو.
حڪومت جو چوڻ هو ته انهن علائقن ۾ قانون جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ مذهبي انتهاپسندن خلاف اهو قدم کنيو ويو آهي.
2009ء جي شروع ڌاري طالبان اترين علائقن ۾ پنهنجي مرضيءَ جي شريعت لاڳو ڪري ڇڏي، جڏهن ته ملڪ جي باقي سمورن عالمن ان جي مخالفت ڪئي.
وڌندڙ جارحيت ۽ بدامنيءَ کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاڪستان ۽ سرحد حڪومت طالبان سان معاهدو ڪيو ۽ نظام عدل قائم ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن موجب طالبان جي زير اثر علائقن ۾ قاضي عدالتون قائم ڪيون ويون.
طالبان انهن عدالتن ۾ پنهنجي مرضيءَ جا قاضي (جج) مقرر ڪرڻ پئي چاهيا.
ايئن رياست اندر هڪ ٻي رياست جو تصور قائم ٿيڻ لڳو.
مذهبي اڳواڻ صوفي محمد جي معرفت اهو ٺاهه ٿيو هو پر جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ انتها پسندن، جن ۾ ڪي ڏوهاري به شامل هئا، رياستي ادارن جي ماڻهن کي اغوا ۽ قتل ڪيو، گڏوگڏ هنن جمهوريت ۽ عدالتن جي نظام کي غير اسلامي قرار ڏنو.
ان صورتحال کي ڏسندي حڪومت ٻيهر آپريشن شروع ڪيو، جنهن کي وري ”آپريشن راهه راست“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوات، مالاڪنڊ، دير، بونير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان وڏي پئماني تي ماڻهن لڏ پلاڻ ڪئي جن مان ڪيترن سنڌ ۾ ۽ ٻين پنجاب ۽ سرحد جي مختلف علائقن ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي.
ڪيترن ماڻهن کي عارضي ڪيمپن ۾ رهايو ويو آهي.
آتش فشان
ٻرندڙ جبل، جنهن جي اندران باهه جا اُلا ۽ وگهريل مادو (لاوا- Lava) زور سان ٻاهر اُڀامي ۽ آسپاس جي جهنگن ۽ آباديءَ کي ڀسم ڪري ڇڏي.
آتش فشان کي انگريزي ۾ Volcano چوندا آهن.
پر اهو لاطيني لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ باهه جو ديوتا آهي.
جيئن ته زمين جي اندر گرم ۽ پٽڙو مادو موجود هوندو آهي، جيڪو وقت بوقت زمين مان ڦاٽي نڪرندو آهي، پر جڏهن ان گرم مادي تائين پاڻي پهچندو آهي ته اهو ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻاڦ ئي اها قوت آهي، جيڪا ٻين مادن ۽ گئس کي ٻاهر ڌڪيندي آهي، تنهنڪري جتان به کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي ته ڌماڪا ڪري پاڻ سان گڏ زمين اندر زهريلين گئسن، پٿرن، وگهريل لوهه ۽ گندرف به گڏ ڪڍندي آهي.
اهڙي عمل کان پوءِ اهو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي ۽ سالن جي وقفي کانپوءِ وري اهڙو عمل ٿيڻ ڪري جبل ٺهي پوندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ چوٽي ٺهي ويندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Carter چون ٿا.
ان ئي ڍير يا جبل کي آتش فشان چئبو آهي.
دنيا ۾ ڪجهه اهڙا به جبل ملن ٿا، جيڪي هزارين سال اڳ ٻرندڙ جبل هئا، انهن کي هاڻي مئل آتش فشان (Extinct) چيو وڃي ٿو.
جاپان جو فيوجي جبل به ڪنهن زماني ۾ڦاٽندو هو.
ڪجهه جبل ماٺيڻا هوندا آهن، جيڪي اندر ئي اندر اٻڙڪا کائيندا آهن، پر ٻاهر لاوا نه ڪڍندا آهن، تن کي ماٺيڻا يا Dromant چئبو آهي.
پر اهڙن جبلن کي سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي.
ڇو ته اٽليءَ جي شهر نيپلز ڀرسان موجود وسو ويو Visvvio جبل کي مئل جبل قرار ڏنو ويو هو، پر اوچتو 1979ع ۾ ڦاٽي پيو ۽ سندس لاون سان پومپيا ۽ هرڪيونيم شهر به تباهه ٿي ويا.
هن وقت دنيا ۾ 1500 کن جيئرا ٻرندڙ جبل موجود آهن، جن جو گهڻو انگ انڊونيشيا ۾ آهي، جتي ٻه سئو کن آتش فشان آهن.
ان کان سواءِ اٽلي، چلي، جاپان ۽ اتر پورپ ۾ به ٻرندڙ جبل موجود آهن.
محمد اسماعيل نظاماڻي
درويش حاجي محمد اسماعيل نظاماڻي اوڻويهين صدي ۾ لاڙ جو هڪ مجذوب صفت صوفي درويش ٿي گذريو آهي.
پاڻ نقشبندي طريقي جي بزرگ ۽ مرشد خليفي احمد خان نظاماڻي جو پوٽو هو، ۽ سندس والد جو نالو محمد ابراهيم هو.
حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي سندس باري ۾ لکن ٿا ته ننڍپڻ کان وٺي منجهس مجذوبيء جو اثر هو.
پاڻ سادي طبيعت وارو هو ۽ سادي گفتگو ڪندو هو.
زماني جي طور طريقن کان ڄڻ ته بلڪل ناواقف هو.
عبادتن ۽ ورد وظيفن ۾ توڙي جو ميانه روي ڪندو هو، پر تنهن هوندي به باطن جي صفائي ايتري هئس جو ٻين جي دلين جا راز ڄاڻي وٺندو هو.
هڪ شخص ٻڌائي ٿو ته هو جيترا ڀيرا سندس خدمت ۾ دعا گهرائڻ واسطي حاضر ٿيو، پاڻ بغير کانئس پڇڻ جي سندس مقصد کي زبان تي آڻي دعا ڪيائين.
خواجه محمد حسن جان جا والد محترم حضرت حاجي عبدالرحمان سرهندي مجددي (وفات 1315ھ) رحمة الله عليه، جيڪي پنهنجي وقت جا ڪامل ولي ۽ عارف هئا، سي جڏهن افغانستان کان حرمين شريفين ڏانهن هجرت ڪرڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ آيا ته ٽکڙ جي شهر ۾ سندن قيام ٿيو.
حاجي محمد اسماعيل نظاماڻي به سندن تشريف آوري جو ٻڌي سندن زيارت لاءِ حاضر ٿيو.
هڪڙي ڏٻري گهوڙيءَ ۽ هڪ ڪمزور خذمتگار ساڻس گڏ هيا ۽ پاڻ به سادي پراڻي لباس ۾ هيو.
حضرت حاجي عبدالرحمان عليه الرحمة جنهن مهمان خاني ۾ ترسيل هئا ان جي مٿين ماڙ تي مهمانن جي ترسڻ جو انتظام هيو جڏهن ته ڇت جي هيٺان گهوڙن ٻڌڻ جي جاءِ هئي.
درويش محمد اسماعيل انهي گهوڙن ٻڌڻ جي جاءِ ۾ ئي پنهنجي لاءِ سمهڻ جي جاءِ ٺاهي ۽ اتي ئي رهي پيو.
کيس ٻڌايو به ويو ته سائين اوهان مٿي هلي ترسو، پر نه ٻڌائين.
اونهاري جي هوا ۽ مٿان مٽي ۽ دز جو طوفان جنهن ۾ ڪک پن مٿانئن اچي پوندا هئا، پر پاڻ تمام فرحت مان اتي ئي ويٺو رهيو.
حضرت حاجي عبدالرحمان سرهندي به سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين کي ڇڏي خاص اچي ساڻس گڏ ويهندا هيا.
ڪجھ وقت پوءِ حضرت خواجه عبدالرحمان سرهندي جن نم جي ڳوٺ ۾ تشريف فرما ٿيا ته حاجي محمد اسماعيل دعوت کان پوءِ دعا طلبي لاءِ کين پنهنجي گهر وٺي آيو.
اتي کين عرض ڪيائين ته حضرت دعا فرمايو ته الله پاڪ مون کي فرزند عطا ڪري.
حضرت جن خوش طبعيءَ مان فرمايو ته فرزند تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو، تنهنجي عمر ستر سال کان مٿي ٿي چڪي آهي، هاڻي جي فرزند ڄايو سو تنهنجي ڪهڙي خدمت ڪندو.
پاڻ عرض ڪيائين ته حضرت، آئون فرزند انهيءَ لاءِ گهران ٿو ته جيئن حضرت امام مهدي جي لشڪر ۾ شامل ٿئي.
حضرت جن سندس لاءِ دعا فرمائي ۽ الله تعالى کيس پٽڙو عطا فرمايو جنهن جو نالو پاڻ محمد پريل رکيائين.
ان روايت مان معلوم ٿئي ٿو تو کيس حضرت امام مهدي جن سان ڪيتري قدر محبت هئي.
اڪثر سندن نالو ورد جيان پڪاريندو رهندو هو ۽ چوندو هو ته منهنجي لاءِ دعا گهرو ته امام مهدي کي ڏسان ۽ سندن لشڪر ۾ شامل ٿيان.
حاجي محمد اسماعيل وچولي قد وارو، سونهاري مبارڪ گهاٽي، سفيد چهرو ۽ ويڪريون اکيون هيس.
پاڻ ستر سال کان وڌيڪ عمر گذاري نيٺ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو ۽ پنهنجي ڏاڏي حضرت خليفه صاحب جي ڀرسان نم جي ڳوٺ ۾ آرامي آهي.
حوالا.
تذڪرة الصلحاء، خواجه محمد حسن جان سرهندي
آخوند شيخ ميان فيض
مشهور عالم ۽ شاعر آخوند فيض محمد ولد آخوند فتح محمد فيبروري 1829ء ڌاري روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.
سندس والد وڏو عالم هو.
آخوند فيض محمد پنهنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پنهنجي خاندان متعلق لکيو آهي ته پنهنجي والدين کان پڇيو اٿم ته اسان جو وڏو ڏاڏو يا سڀ کان پهريون بزرگ شيخ دين محمد نالي هڪ نئون مسلمان هو.
هو اصل ۾ روهڙي شهر جو هندو هو.
هن بزرگ پنهنجي والده سان گڏ اسلام قبول ڪيو شيخ دين محمد جي يارهين پشت مان آخوند فيض محمد جو ڏاڏو شيخ محمد اڪرم وڏو عالم هو، جنهن جو روهڙيءَ جي مشهور ”خالدي قاضين واري مسجد“ ۾ مدرسو قائم ٿيل هو.
آخوند ميان فيض محمد چوڏهن سالن جي عمر ۾ موچڪو ڪم سکيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پڻ ڪيو آهي.
اهو دؤر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ انگريزن درميان سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو.
هن موچڪي ڪم سکڻ کان پوءِ روهڙيءَ جي هڪ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي.
عربي، فارسي ۽ ديني علمن سان گڏو گڏ رياضي، نجوم، ابجد، صرف و نحو، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
انهن علمن سان گڏ کيس سنڌي ۽ فارسي، نظم خواه نثر ۾ وڏو عبور حاصل هو، خوش نويسيءَ ۾ ماهر هو.
خط نسخ ۽ نستعليق ۾ دسترس حاصل هئس ۽ انگريزي به چـڱي ڄاڻندو هو.
تعليم جي حصول کان پوءِ درس وَ تدريس ڏيڻ شروع ڪيائين.
6 جولاءِ 1851ء کان هڪ سال تائين روهڙيءَ جي ڀرسان زميندار جانب ڌاريجي جي پٽ، الهڏني ڌاريجي کي مروج سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ وٽس ملازم ٿي رهيو.
سال بعد اتان ڇڏي روهڙيءَ جي ڪوٽ مير يعقوب عليءَ ۾ استاد ٿي رهيو.
ان-بعد جڏهن انگريزن سنڌ ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ۽ ٽپال کاتي جو سرشتو شروع ٿيو ته پاڻ خانگي نوڪري ڇڏي روهڙيءَ جي پوسٽ آفيس ۾”چالان نويس“ مقرر ٿيو،ڪجهه عرصي بعد اها نوڪري ڇڏي روهڙيءَ بندر تي ”ناڪي منشي“ مقرر ٿيو.
ان دوران انگريز عملدارن سر بارٽل فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ آرڪوپر وغيره سان سندس دوستانه تعلقات قائم ٿيا.
سر بارٽل فريئر سندس علمي قابليت ڏسي 1885ع ۾ ناڪي منشي تان بدلي ڪري کيس روهڙي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪرايو.
جتي باقي زندگي علم ڏئي رٽائر ٿيو.
رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روهڙي شهر ۾ مڪتب کوليائين ۽ ڪجهه عرصو سول ڪورٽ جي ڀرسان عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين، جنهن جو مئجسٽريٽ کان سرٽيفڪيٽ مليل هئس.
پاڻ نقشبندي طريقي جي سلسلي سان منسلڪ هو ۽ درگاهه شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي سجاده نشين پير ميان مدد علي شاهه جي هٿ تي بيعت ڪري مريد ٿيو هو.
کيس نرينو اولاد ڪو نه هو ۽ هن زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي، ان ڪري زندگيءَ جا پويان ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ گذاريائين.
سندس تصنيفن مان ناله زار (قلمي)جيڪو فارسيءَ ۾ آهي ۽ ’ڪريما سعدي‘ (قلمي) جيڪو سعديرح جي ”ڪريما“ جو منظوم ترجمو آهي.
ان کانسواءِ سندس قلمي صورت ۾ ڪيترائي سنڌي اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر ملن ٿا، هن ڪيترن عالمن جي وفات تي قطعه تاريخون چيون.
1903ء ڌاري وفات ڪيائين.
Markdown is supported
0% or
You are about to add 0 people to the discussion. Proceed with caution.
Finish editing this message first!
Please register or to comment